• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

گيگا پين هڪ جديد ڪيمرا ٽيڪنالاجي۔۔۔

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
سنڌ سلامت لانچ ٿيڻ کان اڳ ادا سلطان مون ڏانهن هڪ ميل موڪلي هئي ۔۔۔۔ اڄ ڪافي وقت کان پوءِ جڏهن منهنجي سندس موڪليل ميل تي نظر پئي ته آءُ حيران ٿي ويم۔۔۔۔۔۔۔

گيگا پين هڪ جديد ڪيمرا آهي جنهن تي موجود هڪ بٽڻ کي دٻائي ڪيمرا کي پنهنجي سامهون واري نظاري جي هر پاسي گهمايو ۽ بعد ۾ فوٽو ڇڪي وٺو ۔۔۔۔ اهو فوٽو توهان گيگاپين جي پروفيشنل سائيٽ تي اپلوڊ ڪريو ۽ چاهيو ته پنهنجي سائيٽ تي پڻ امبيڊ ڪري سگهو ٿا۔۔۔۔

http://www.youtube.com/watch?v=_7vscAxKxuw


انهي ڪيمرا جي ذريعي آمريڪي صدر اوبامه جي حلف برادري دوران هڪ فوٽو پڻ ڪڍيو ويو جيڪو سائٽ تي لڳائڻ کان پوءِ ڪهڙي طرح نظارو ڪري ٿو اهو توهان
به ڏسو ۽ ٻڌايو ته توهان پڻ حيران ٿيو يا نه۔۔۔۔

 
j.gif
ادا رشيد واه ادا واه توهان ته مٽ مٽ ڪري ڇڏيا سمجهي ويا نه سندي ٿوري ڪمزور آهي :d
 
هي ڪيمرا پاڪستان ۾ اگر هوجي ته Terrests زاهر ٿين

اسلام اليڪم دوستو مان بيمار هوس منهنجو ٽيسٽ هلي رهيو آهي نڪ جو منهنجو اپريشن 2000 ۾ ٿيو هو پر هاڻي وري منهنجي ساه روڪي وئي هوئي ڊاڪٽر چئيو وري کان اپريشن ٿيندو سيني جو نڪ جو توهان دوستن جو دُعائون هونديون ته واپسي ٿيندي

ادا هي شيرنگ پيش ڪيان پيو مان هي هڪ اهڙو ڪيمرو آهي جيڪو 2 لک کان 10 لک آوام جا فوٽو صفا زاهر ڪندو اگر هي ڪيمرا پاڪستان ۾ بنظير جي وقت هوجي ها ته ڏوهاري سمني هوجي ها
inaug_gigapix.jpg

جهلڪ ڏسڻ لائي ڪلڪ ڪجو

ويب سائيٽ تي وڃڻ لائي ڪلڪ ڪجو
 
جواب: هي ڪيمرا پاڪستان ۾ اگر هوجي ته Terrests زاهر ٿين

ادا جهانداد الله پاڪ توهان کي اسان جي عمر به ڏئي ڇڏي۔۔۔۔ ڀاءُ علاج ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت نه ڪجو اسان جون دعائون توهان سان گڏ آهن۔۔۔ توهان جي اڳيان پويان اسان جي دعائن جو حصار آهي۔۔۔۔ جيئن جن طلسم کان نه نڪري سگهندو آهي ايئن اوهين به منهنجي دعائن جي حصار جي اندر ئي رهندو۔۔۔
 
جواب: گيگا پين هڪ جديد ڪيمرا ٽيڪنالاجي۔۔۔

ادا جهانداد توهان جي امڙ حيات آهي ۽ جنهن جون امڙيون حيات هونديون آهن انهن کي ڪڏهن به ڪوسو واءَ نه لڳندو آهي۔۔۔ امڙ جي خدمت ڪندا ڪريو۔۔۔۔ اسان جون دعائون به توهان سان گڏ آهن۔۔۔ رب پاڪ توهان کي جلدي صحتياب ڪندو۔۔۔
توهان جي موڪليل معلومات مون اڳ ئي هڪ دفعو ونڊي هئي ان ڪري موضوعن کي هڪ ٻئي سان ملايو ويو آهي۔۔۔
 
Back
Top