• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

منھنجي شاعري

Abdul Wahid Soomro

سينيئر رڪن
غزل

سوا تنھنجي مٺا منھنجي نڪا دارون دوا ٿي آ،
ڏني مونکي جدائي تو نه توکان ڪا پڇا ٿي آ.

جڏھن کان تون جدا ٿيو آ تڏھن کان بي قراري آ،
صنم تنھنجي جدائي ۾ خوشي وئي ھرخفا ٿي آ.

فراقِ حجر جا ڳوڙھا ھي دامن ۾ سميٽيندي،
وري اڄ ياد ھن جي ۾ صفا دل ھي فنا ٿي آ.

ويون خوشيون ختم ٿي ۽ ڪيو گھيرو غمن آھي،
ڪيان مان عيد ڪھڙي جو ويو جاني جدا ٿي آ.

وکيريازلف آھن ڪنھن فضا ۾ اڄ وري يارو،
لڪي وئي چنڊ جي چانڊاڻ ۽ چوڏس گھٽا ٿي آ.

وڃي بادِ صبا ھن کان حقيقت پيار جي پڇجان،
ويو مونکان ڇو منھن موڙي ڏسيو ڪھڙي خطا ٿي آ.

ٿيو جيون سمورو بي مزا ھن جي جدائي ۾،
فراقِ يار ۾ ھي زندگي ڄڻ ڪا سزا ٿي آ.

ويا"مجروح" جذبا ٿي، ٿيو مضطر جسم منھنجو،
۽ شايد ھي محبت جي اڃا ڪا ابتدا آھي.

"مجروح ڀٽ شاھي"
 
جواب: منھنجي شاعري

سائين بھترين شاعري۔۔۔عنوان ۾ اوھان لکيو آھي منهنجي شاعري۔۔۔پر ھي شاعري ته اوھان جي نه آھي۔؟
 
جواب: منھنجي شاعري

وڃي بادِ صبا ھن کان حقيقت پيار جي پڇجان،
ويو مونکان ڇو منھن موڙي ڏسيو ڪھڙي خطا ٿي آ.


بهترين شاعري ۔۔۔۔۔ سهڻا خيال

.....................................

سائين بھترين شاعري۔۔۔عنوان ۾ اوھان لکيو آھي منهنجي شاعري۔۔۔پر ھي شاعري ته اوھان جي نه آھي۔؟

ادا عاشق ۔۔۔۔۔

ڀاء عبدالواحد پنهنجي شاعري "مجروح ڀٽ شاھي" جي نالي سان ڪندو آهي۔
 
جواب: منھنجي شاعري

ويون خوشيون ختم ٿي ۽ ڪيو گھيرو غمن آھي،
ڪيان مان عيد ڪھڙي جو ويو جاني جدا ٿي آ.

بهترين ونڊ
 
جواب: منھنجي شاعري

ادا عاشق منھنجو ادبي نالو مجروح ڀٽ شاھي آھي
يا ائين کڻي چئو ته مون غريب جو تخلض مجروح ڀٽ شاھي آھي

.....................................

وڃي بادِ صبا ھن کان حقيقت پيار جي پڇجان،
ويو مونکان ڇو منھن موڙي ڏسيو ڪھڙي خطا ٿي آ.


بهترين شاعري ۔۔۔۔۔ سهڻا خيال

.....................................



ادا عاشق ۔۔۔۔۔

ڀاء عبدالواحد پنهنجي شاعري "مجروح ڀٽ شاھي" جي نالي سان ڪندو آهي۔

مھرباني ادا سليمان صاحب لک لائق اوھان جا

.....................................

سائين بھترين شاعري۔۔۔عنوان ۾ اوھان لکيو آھي منهنجي شاعري۔۔۔پر ھي شاعري ته اوھان جي نه آھي۔؟

ادا عاشق منھنجو ادبي نالو مجروح ڀٽ شاھي آھي
يا ائين کڻي چئو ته مون غريب جو تخلض مجروح ڀٽ شاھي آھي۔ لک لائق اوھانجا جو اوھان منھنجي ھن تخليق کي بھترين شاعري چئي انمول ڪري ڇڏيو

.....................................

ويون خوشيون ختم ٿي ۽ ڪيو گھيرو غمن آھي،
ڪيان مان عيد ڪھڙي جو ويو جاني جدا ٿي آ.

بهترين ونڊ

ادا نويد اوھان جا قرب جو اوھان کي مون ناچيز جي ھي ننڍڙي ڪوشش به بھترين ونڊ لڳي۔
 
Back
Top