منھنجي شاعري

Abdul Wahid Soomro

سينيئر رڪن
وڏي ڪا اسان تي عنايت ڪري ويا،
ڦري دل ھو پنھنجي ڌراوت ڪري ويا.

ھميشه اسان باوفا ٿي رھياسين،
مگر موٽ ۾ ھو شڪايت ڪري ويا.

نگاھن جا نشتر ھڻي زندگي ڀر،
ڏئي درد مونڏي امانت ڪري ويا.

سڏي بيوفا پنھنجي محفل ۾ مونکي،
سندائين اسانجي ھو شھرت ڪري ويا.

ڪري ياد "مجروح" کي اڄ نه ڄاڻي،
وري پاڻ سان ھو بغاوت ڪري ويا.

"مجروح ڀٽ شاھي"
 
جواب: منھنجي شاعري

ھميشه اسان باوفا ٿي رھياسين،
مگر موٽ ۾ ھو شڪايت ڪري ويا.


ادا عبدالواحد مهرباني

اوهان جا سٺا خيال آهن ۔۔۔۔۔ بهترين شاعري
 
جواب: منھنجي شاعري

ادا سليمان صاحب لک لائق توھان جا

.....................................

ھميشه اسان باوفا ٿي رھياسين،
مگر موٽ ۾ ھو شڪايت ڪري ويا.


ادا عبدالواحد مهرباني

اوهان جا سٺا خيال آهن ۔۔۔۔۔ بهترين شاعري

ادا سليمان صاحب لک لائق توھان جا
 
Back
Top