جيو!....جيئڻ ڏيو! [JUSTIFY]ڪي ڀولڙا هئا، جي اشارن تي نچي رهيا هئا. ڪي رڇ ۽ ڪي ڪتا هئا، جي بڇ تي وڙهي رهيا هئا، ڪي مداري هئا، جن جي هٿن ۾ ڊگڊگيون هيون، ڪي مداري هئا، جن جي وات تي ”هوڙ هو! وٺ هوڙهو“ جا هوڪرا هئا. ڀولڙن کي ڪير سمجهائي ته ڊگڊگيءَ تي نچڻ سان تماشو ٿي وڃبو آهي. ڪير سمجهائي رڇن، ڪتن کي ته بڇ تي وڙهڻ سان خواري ۽ بدنامي ئي ٿيندي آهي. ها، سو ڀولڙا ڪافي دير کان اشارن تي نچي رهيا هئا. رڇ، ڪتا ڪافي دير کان بڇ تي وڙهي رهيا هئا، ڪافي دير کان اهو تماشو عروج تي هو. ڪي چند مداري هئا، جن اهو ميلو مچائي رکيو هو ۽ انبوهه هئا، خلق هئي، هڪ دنيا هئي، جيڪا اهو تماشو ڏسي رهي هئي. پڙهيا، لکيا، سياڻا، اياڻا سڀ اهو تماشو ڏسي رهيا هئا. هوڪرا هئا، هُل هو، هنگامو برپا هو، مداري ڀولڙن ۽ رڇن، ڪتن جو کٽيو کائي رهيا هئا ۽ سڀني ٻُڌندڙن، ڏسندڙن کي خوب لطف اندوز ڪري رهيا هئا. سڀئي ماڻهو اهو سڀڪجهه ڏاڍي تجسس وچان ڏسي رهيا. ها، تماشو تمام زبردست هلي رهيو هو، پر پوءِ اوچتو اسان جي اسٽاپ وارو اڌ چريو ڀمريو الاءِ ڪٿان ظاهر ٿيو ۽ هجوم کي چيريندو تيزيءَ سان مدارين ڏي وڌڻ لڳو. ڀرميو صفا درويش آهي، اٺن سالن جي عمر کانپوءِ سندس رڳو عمر ئي وڌندي رهي، باقي قد بت ۽ دل دماغ اُتي ئي بيٺل آهن، اهڙي طرح وقت گذرڻ سان گڏ آهستي آهستي ڀمريو ويو رانديڪو ٿيندو. هاڻي هو بس رانديڪو آهي. هر ڪو ڀمريي سان کيڏندو آهي، جيڪو بور ٿيندو آهي، سو تفريح وٺندو آهي. سڄو ڏينهن وڏي قد بت ۽ دل دماغ وارا کيس تنگ ڪندا رهندا آهن. ڀمريو ويچارو گهڻو تنگ به ٿيندو آهي پر ڪري ڪجهه به نه سگهندو آهي. ڀرميي کي جڏهن وڌيڪ ڪاوڙ ايندي آهي ته، انڊيا جي فلمن جا ڊائلاگ هڻندو آهي، ”اوئي پنگا نهين لينا، مٽي ۾ ملادونگا! ..... دل په لگتا هي، مٽتا نهين ..... ميرا نام هي اجي، رشتي مين تيرا باپ لگتا هون....“، پر پوءِ به ماڻهو ماٺ نه ٿيندا آهن. ڀمريو قداور ماڻهن کي پڄي نه سگهندو آهي. نيٺ ڀمريي جي جڏهن هڪ نه هلندي آهي ۽ جڏهن هو گهڻو پريشان ٿيندو آهي، تڏهن پنهنجا پتڪڙا هٿ، قداور ماڻهن کي ٻڌي سندن پيرن تي ڪري پوندو آهي ۽ روئڻ جهڙو ٿي ويندو آهي، ”جيو! ....جيئڻ ڏيو!“ ها، سو اڄ جڏهن مدارين وارو تماشو عروج تي هلي رهيو هو ۽ دنيا خوب مزو وٺي رهي هئي، اڄ جڏهن خلق کلي رهي هئي، تڏهن اوچتو اهو صفا درويش ڀرميو روئندو روئندو تيزيءَ سان اڳتي وڌڻ لڳو. هو ڏاڍي تيزيءَ سان وڌندو ٿي ويو. ماڻهو ڀمريي جي اها حالت ڏسي ڪجهه حيران ۽ پريشان ٿيڻ لڳا. آخر هو ايڏي تيزيءَ سان ڇو اڳتي وڌندو ٿي ويو؟ ٻيا سڀ کلي رهيا هئا، پوءِ ڀمريي کي ڇا ٿيو هو جو هو روئي رهيو هو؟ اڄ ته هن کي ڪنهن تنگ به ڪونه ڪيو هو. اڄ ته سڄي خلق مدارين جو تماشو ڏسي رهي هئي! ماڻهو اهو سوچي ڏاڍا پريشان هئا ته آخر ڀمريي سان ڪهڙو مسئلو آهي؟ ڀمريي سان مسئلو هي هو جو جڏهن ماڻهن کي ڀولڙن ۽ رڇ، ڪتن تي هوڪرا ڪندي ڏٺو ته بس، کيس ان پل ڀولڙا ۽ رڇ، ڪتا به پاڻ جهڙا ئي مظلوم۽ بيوس لاچار لڳا. پوءِ ڀمريي کي ڏاڍو رحم آيو، کيس ماڻهن ۽ مدارين تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي. ڀمريي کان اهو سڀ ڪجهه ڏٺو نه ٿيو، سو هن اڳتي ڊوڙ پاتي، پر ماڻهو اها ڳالهه سمجهي ئي نه سگهيا. سڀ وڏي اچرج وچان ڀمريي ڏانهن ڏسڻ لڳا. ڀمريو ڏسندي ڏسندي هجوم لتاڙي ميدان ۾ پهچي ويو. جيئن ته ڀمريي جو دل دماغ اڃا تائين ٻاراڻو ئي هو، سو هن ويجهو وڃي ڀولڙن ۽ رڇ ڪتن کي رڙيون ڪري سمجهائڻ شروع ڪيو، ”هي اوهان ڇا پيا ڪريو؟ چريا ٿيا آيو ڇا؟!“ ڀرميو پنهنجي مخصوص انداز ۾ چوندو ئي رهيو، ”شڄي خلڪ اوان مٿي کلي پئي ڙي! ڇو ٿا خلڪ کلائو! شاڻا ٿيو ڙي، ڪجهه شاڻا ٿيو!“ ڀمريو مدارين ڏانهن پنهنجيون پتڪڙيون آڱريون اُڀيون ڪري چوڻ لڳو، ”هي سڀ اوان کي خوار پيا ڪن، بڇڙو پيا ڪن.“ هن چيو؛ ”اوان اشارن تي نه نچو! اوان شاڻا ٿيو، اوان بڇ تي نه وڙو!“ ڀمريو دير تائين رڙيون ڪندو رهيو پر نه ڀولڙا ڪجهه سمجهيا ۽ نه ئي رڇ ڪتا- نيٺ جڏهن ڀمريو رڙي رڙي سهڪي پيو ته هجوم مان ڪنهن خيرخواهه ڀمريي کي پُڪاري چيو؛ ”اهي جانور آهن، اهي تنهنجيون ڳالهيون نه سمجهندا! اهي اشارن تي نچندا ئي رهندا. اهي سدائين بڇ تي وڙهندا ئي رهندا! تون انهن کي ڇڏي ڏي درويش!“ ڀرميي جڏهن اهو ٻُڌو ته ڏاڍو اداس ٿي ويو! هن هڪ نظر ڀولڙن ۽ رڇ، ڪتن تي وڌي، پوءِ هن هجوم ڏانهن ڏٺو ۽ هن مدارين کي گهوريو. کيس مدارين تي سڀ کان وڌيڪ ڪاوڙ آئي، هو تپي باهه ٿي ويو. ڀمريو هڪدم مدارين ڏانهن مڙيو، هن کي انڊيا جي فلمن جا جيڪي به ڊائلاگ اُبتا سبتا ياد هئا، هن گجندڙ آواز ۾مدارين کي هنيا. هن بار بار چيو ته، ”مٽي ۾ ملادونگا ..... مٽي ۾ ملا دونگا!“ پر مدارين تي ٽڪو به اثر نه ٿيو. هنن فقط ايترو چيو ته؛ ”هي سڀ ته اسان جو ڌندو آهي، ڪاروبار آهي!“ ڀمريو اها ڳالهه سمجهي نه سگهيو ۽ مجبور ٿي قداور مدارين کي پتڪڙا هٿ ٻڌي چوڻ لڳو، ”جيو.... جيئڻ ڏيو!“ حسيب ڪانهيو/حيدرآباد[/JUSTIFY] روزانه ڪاوش هائيڊ پارڪ تان ورتل