ڇا اسان جي قومپرستن کي ايوانن تائين اچڻ گهرجي

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ ڏاڏل شينو طرفان آندل موضوعَ ‏6 آگسٽ 2011۔

  1. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    [JUSTIFY]ڇا اسان جي قومپرستن کي ايوانن تائين اچڻ گهرجي[/JUSTIFY]
    [JUSTIFY]ڌرتي ڌڻي ڌرتي جي قانون ٺهڻ وقت ايوان کان ٻاهر آهن هاڻي جي اسان جي ڌرتي جو قانون ٺهندو ته ڪهڙو هوندو اهو ئي هوندوجيڪو اسان جو غير ٺاهيندو . آءٌ هن وقت هي موضوع ڇو لکي رهيو آهيان شايد ان الاءِ جو اڄ مونکي ان جي شديد ضرورت محسوس ٿي ٿئي . آءٌ سائين جي ايم سيد جي فيصلي کي جي غلط چوان ته ڪئي وات کُلي ويندا ڪئي قلم هلي ويندا الائي ڪيڏانهن جو بحث الائي ڪيڏانهن هليو ويندوماڻهون چوندا ميان منهن ته ڏسو ڇا پيو ڳالهائي. ليڪن آءٌ اهو چوڻ جي حق بجانب آهيان ته ان وقت سائين رهبر ِ سنڌ جي ايم سيد جيڪو فيصلو ڪيو هو سو 100 فيصد صحيح هو . اڄ هوا ڪنهن ٻئي طرف کان پئي گهلي اڄ اسان جنهن طرفان کان گهريل آهيون اوڏانهن پنهنجن پراون ٻنهي جي گولين جو کاڄ بڻجي رهيا آهيون. اسان جي مثال ته ان اوزار جيان ٿي وئي آهي جنهن جي مُڏي ٿيڻ تي مالڪ ئي ان کي غصي مان اڇلائي ڇڏيندو آهي . اڄ لندن مان ويهي اسان جي ڌرتي تي حڪم نامه لکرائيندڙ اڄ اسان کي هندن جو غلام سڏيندڙ اهو کليو ان لاءِ ڪري ۽ چئي رهيو آهي جو ان کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ هيٺين توڙي مٿين فلور تي اسان جو ڪو نمائدو ڪونهي . اسان پيپلز پارٽي کي ته ڏوھ ڏيون ٿا ليڪن هڪ ڳالھ ياد رهي پيپلز پارٽي ايوان ۾ قومپرستي جي پارٽي ناهي هو وفاقي پارٽي آهي ان جو عليحده ذميداريون آهن. ايوان بالا و ايوان صوبائي ۾ اهڙا نمائده هجن جيڪي سنڌ جي نمائدگي ڪري سگهن.جيڪي صرف سنڌ لاءِ ڳالهائي سگهن جن جو مقصد سنڌ هجي جن جو مينڊيٽ سنڌ هجي. ثناءُ الله زهري بلوچي ليڊر جنهن هر فورم تي بلوچي عوام جي ادارن ۾ نه هجڻ جي نشاندهي ڪئي جنهن کان پوءِ آءُ ڪيترن ادارن کي ڏسي چڪو آهيان انهن ادارن بلچن کي نوڪريون ڏنيون.
    مونکي ناهي خبر ته سائين جي ايم سيد اهو فيصلو ڇو ڪيو هو پر ايترو سائين جي ساک جي باري ۾ ضرور ڄاڻان ٿو ته اها وقت جي نزاڪت هئي سائين ان وقت بهترين فيصلو ڪيو هوندو. اسان سڀني اڳيان ايم ڪيو ايم جا ڪالھ تائين ملڪ جي دهشتگرد تنظيم هئي ان سياست ۾ پير پاتو ته اڄ هو ملڪ جي ٽئين نمبر تي وڏي سياسي پارٽي پئي چورائي ۽ ان کي ميڊيا توڙي پارليامينٽ ۾ ان حيثيت سان تسليم ڪيو پيو وڃي . اسان بيشڪ هزارن لکن ڪروڙن جي تعداد ۾ گڏ ٿي احتجاج ڪريون پر پارليامينٽ جي هڪ ماڻهون جي آواز جي برابر اسان جي آواز نه ٿي ٿي سگهي . ڇو جو پارليامينٽ دنيا تي هڪ حيثيت رکي ٿي اسان جي حقيقت کي تسليم ڪرڻ يا نه ڪرڻ سان حقيقت تي جو اثر ناهي پوڻ وارو. اردو ميڊيا جا حاڃا اسان اوهان ااڳيان آهن سنڌي قوپرستن سکر کان ڪراچي تائين پيرن ۾ ڇالا وجهي ڇڏيا پر سواءِ سنڌي ميڊيا جي ڪنهن جي ڪن تي جون به نه رينگي .
    ڪبوتر جيان ٻلي کي ڏسي اکيون بند ڪرڻ کان بهتر آهي ته اسان کي حقيقت کي تسليم ڪرڻ گهرجي . ڇا اوهان نه ٿا سوچو ته اڄ اسان کي اسان جي گهر ۾ ڀتا خور لينڊ مافيا ڊرگ مافريا جهڙن نالن سان ڇو ٿو سڏيو وڃي . آءٌ ڪنهن هڪ اداري کي يا ڪنهن هڪ ماڻهون کي ان جو ذميدار نه ٿو سمجهان. آءٌ اهو به سمجاهان ٿو ته منهنجي ڪجھ سمجهڻ ۽ نه سمجهڻ جي ڪا حيثيت ناهي ليڪن پوءِ به پنهنجي دل جي اوٻر کي ڪڍڻ منهنجو حق آهي. جڏهن به ڪجھ غلط ٿيندو اهي ته ان جا ٻه شخص ذميدار هوندا آهن هڪ اهو جيڪو غلط ڪري رهيو آهي ٻيو اهو جيڪو غلط ٿيڻ کي برداشت ڪري رهيو آهي. اسان سان ته فلسطين وارو ڪم ٿي رهيو آهي دنيا ۾ يهودين کي ڪٿي به سر لڪائڻ جي جڳھ نه هئي عربن انهن يهودين کي ڇا جاءِ ڏني يهودين اتان جي رهواسين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو . واقعي اوهان انهن جو دهشتگرديون ڏسو ته انهن يهودين جهڙيون ئي آهن نيون نيون بستيون آباد هتي به ڇا ٿيو هنن پنهنجيون پنهنجيون بسيتيون آباد ڪيون آهن جي ڪو سنڌي پنجابي يا پٺاڻ اچي ٿو ته هنن جي سلامتي کي خطرا لاحق ٿي ٿا وڃن ميڊيا تائين هي هر اداري کي ڪيپچر ڪيون ويٺا آهن. اسان به اهڙا ئي بودلا آهيون اسان جي اڳيان ڪنهن ٻٽاڪون ڇا هنيون اسان ان کي پنهنجو هيرو سمجهي ويٺا آهيون . قوم پرستي هي ناهي ته اوهان ويهي ڀڙڪون هڻو قوم پرستي آها آهي ته اوهان جنهن اداري ۾ آهيو ان اداري ۾ پنهنجي قوم جي جاءِ ٺاهيو ماڻهن کي اتي آڻي مظبوط ڪريو .
    منهنجو موضوع اهو آهي ته اسان جي قومپرست ليڊرن کي جي واقعي اهي قوم پرست آهن ته ايوان بالا تائين پنهنجي نماعدگي حاصل ڪرڻ گهرجي ته جيئن اسان جيڪي ڌرتي واسي بيگانه لڳا ويٺا آهيون ايوان ۾ اکيون اکين ۾ وجهي انهن سان ڳالهائي سگهون.
    اڄ هڪ دوست هڪڙو لطيفو ٻڌايو ، هڪ همراه جنهن جو نالو محمد نواز هو مهمان ايندا ويا ته انهن کي ويو بسترا ڏيندو حالت اها رهي جو وڃي اڱڻ تائين پهتو ، معاملو اتي نه رڪيو ۽ همراه کي رلي ڪلهي تي رکي گهر کان ٻاهر نڪرڻو پيو ته ان چيو ادا آءُ ان مهمان نواز کان ته محمد نواز بهتر هيس. گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي گهر ۾ ته هيس. جي گهر جا قانون ( پهريان ته مهمان لفظ جي معنيٰ ئي اها ناهي جيڪي هي مهمان ٿي اسان وٽ رهن ٿا ) ويهي مهمان ٺاهيندا ته ڇا حال ٿيندو . حالت اها آهي جو ميڊيا شو تي هڪ ٿو چوي ته اسان مهمان آهيون، ٻيو ٿو چوي نه اسان ڇا جا مهمان آهيون پاڪستان اسان سڀني جو آهي اسان سڀ پاڪستاني آهيون. هي سڀ سچا آهن . اسان جي گهر ۾ ويهي اسان کي ڌمڪائيندڙ ان لاءِ پيا ڌمڪائين جو اسان ۾ شايد اها همت ناهي رهي . اسان جنهن به دوست کان ان حوالي سان راءِ ورتي ان ان جي همايت ئي ڪئي آهي . جيڪي دوست هن فورم تي اسان کي سڃاڻن تن کي خبر آهي ته آءُ ڪڏهن به اهڙو موضوع ناهيان کڻندو منهنجو موضوع هميشه سياسي موضعات کيان هٽي ڪري هوندو اهي ليڪن اسان جنهن جاءِ تي ويٺا آهيون ان ڌرتي لاءِ ڳالهائڻ سياست ناهي . ڌرتي اسان جي ماءُ آهي ۽ اسان ماءُ تي سياست ناهيون ڪندا . هن وقت اسان کي ايوان تائين پهچڻ لاءِ سياست نه پر پنهنجي امڙ جي صيرت و صورت بچائڻ لاءِ وڃڻ گهرجي . ڪٿي ائين نه ٿئي جو هن جيجيل جي سرجري لاءِ لندن مان جوڙيل پينل ڪم ڪري هليو وڃي ۽ اسان جي امڙ اسان کان سڃاپجي نه سگهي. ڳالهيون ته تمام گهڻيون آهن جن تي بحث ٿي سگهي ٿو پر اختصار کان ڪم وٺندي جي مون صحيح سمجهيو اهي ۽ جيڪي دوست هن ڳالھ کي صحيح سمجهن ٿا ته اسان جو قومپرصتن جو ايوان ۾ هجڻ ضروري آهي ته اسان جي جنساٿين جي قومپرستن تائين پهچ آهي انهن کي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ لاءِ آماده ڪرڻ گهرجي. پنهنجن سنڌين ۾ اها جاڳرتا ڏيڻ گهرجي ته پنهنجو ووٽ قومپرستن کي ڏين ۽ بعد ۾ ان ووٽ جي پاسداري به ڪن .اسان کي هاڻي نه روٽي نه ڪپڙا نه مڪان بلڪه اسان کي پنهنجي امڙ جي حفاظت جو نعرو هڻڻ جي ضرورت آهي . جيڪو اسان جي امڙ و عزت ڏي ميري اک کڻي نهاري ان جي اک ڪڍي ڪتن کي وجهڻ جو عهد ڪري ۽ جيڪو اسان جي ووٽ سان بد عهدي جو سوچي تنهن کي ماء سان غداري جي الزام ۾ زمين نيڪالي ڏئي ڊوڙائڻو آهي .
    ٻڌي غيرن جون ڳالهيون جي جهري ٿو
    غيرت مند پُٽ ماءُ تو عزت مٿان مري ٿو.​

    جي هوشو حيدر بخش تاريخ لکي آهي ته اسان کي به اڄوڪي داستانن ۾ پنهنجا نالا ڇڏڻا آهن جي هوشو حيدر بخش جهڙن پُٽن تي امڙ ناز ڪري ٿي ته يقين ڪيو اها اوهان تي به ناز ڪندي نه ته مرڻ کان پوءِ به اسان کي امڙ جي سورن کي سهڻو پوندو. اهي سور جهنم کان به جهجها هوندا.
    وسلام
    [/JUSTIFY]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڇا اسان جي قومپرستن کي ايوانن تائين اچڻ گهرجي

    ۔۔۔ اوهان جي سوچ کي سلام دوست!

    اوهان بلڪل صحي چيو ته اسانکي هر طرف کان ويڙهه وڙهڻي آهي ۔۔۔ پوءِ اهي ايوان هجن يا انهن تي گوجندڙ آواز هجن يا وري ادارن ۾ سنڌين کي جڳهه ڏيڻ ۔۔۔

    قومپرست دوستن کي سنڌ ۽ پاڪستان جي مکيه ادارن ۾ اچڻ گهرجي ۽ اسانکي انهن قومپرست ڌرين کي ووٽ جي طاقت ذريعي چونڊي مٿي موڪلڻ گهرجي ۔۔۔ ۽ انهن کي اهو ٻڌائجي ته اسين اوهانجي پوئواري ڪرڻ لاءِ تيار آهيون اوهان سنڌ جي مالڪي ڪريو ۽ سنڌ جو آواز ايون باله تائين پهچايو ته جيئن دنيا کي خبر پوي ۔۔۔۔

    اوهانجي راءِ سون جهڙي سهڻا ڏاڏل ۔۔۔

    اچو ڙي سورن وارون ڪريون سور پچار

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت


    .....................................

    ۔۔۔ اوهان جي سوچ کي سلام دوست!

    اوهان بلڪل صحي چيو ته اسانکي هر طرف کان ويڙهه وڙهڻي آهي ۔۔۔ پوءِ اهي ايوان هجن يا انهن تي گوجندڙ آواز هجن يا وري ادارن ۾ سنڌين کي جڳهه ڏيڻ ۔۔۔

    قومپرست دوستن کي سنڌ ۽ پاڪستان جي مکيه ادارن ۾ اچڻ گهرجي ۽ اسانکي انهن قومپرست ڌرين کي ووٽ جي طاقت ذريعي چونڊي مٿي موڪلڻ گهرجي ۔۔۔ ۽ انهن کي اهو ٻڌائجي ته اسين اوهانجي پوئواري ڪرڻ لاءِ تيار آهيون اوهان سنڌ جي مالڪي ڪريو ۽ سنڌ جو آواز ايون باله تائين پهچايو ته جيئن دنيا کي خبر پوي ۔۔۔۔

    اوهانجي راءِ سون جهڙي سهڻا ڏاڏل ۔۔۔

    اچو ڙي سورن وارون ڪريون سور پچار

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  3. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: ڇا اسان جي قومپرستن کي ايوانن تائين اچڻ گهرجي

    ڳالهه ته اوهان جي بالڪل درست آهي اسان ان لاء تيار آهيون ليڪن اسان پهريان ڪنهن هڪ دوست تي متفق ٿيون ته هن دوست کي اسان جو رهنما هجڻ گهرجي جيستائين ائين نه ٿيندو ته پوء ته اسان جا ووٽ وري به ورهائجي ويندا ته قوت حاصل نه ٿيندي اوهان فرضي نالو ڪنهن جو به ڏيو ڏسون ته پنهنجا دوست جيڪي سنڌ سلامت جا ميمبر آهن اهي ان تي متفق ٿين ٿا اگر اهي متفق ٿي ويا ته سمجهبو ته ڪجهه اميد آهي ڪاميابيء جي ، جو ڪجهه ذهن ته متفق ٿيا آهن۔ وڌيڪ ٻين دوستن جي راين جو به انتظار رهندو۔
     
  4. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: ڇا اسان جي قومپرستن کي ايوانن تائين اچڻ گهرجي


    سائيب رحيم بخش صاحب اوهان بلڪل سچ پيا چؤ ليڪن مون جنهن موضوع کي کنيو اهي ان جو مطلب اهو اهي ته قومپرست کي ووٽ ڏيو ۔قوم پرست اهو چاهي جي ايم سيد جي پارٽي سان هجي يا قادر مگسي يا ڪنهن ٻي پارٽي سان هجي اسان انهن کي صلاح ڏني آهي ته اوهان سنڌ کي بچائڻ لواءِ گڏ ٿيو جي هي قوم پرست آهن ته انهن کي هڪٻئي جي مخالفت نه پر هڪٻئي جي همت ۾ بيحڻو پوندو جي حڪومت حاصل ڪرڻ يا پاڪستان جي خاطرپ پ پ ۽ ن ليگ ۾ سيٽ ايڊجسٽمنٽ ٿي سگهي ٿي ته ڇا قومپرستن ۾ سيٽ ايڊجسٽمنٽ نه ٿي ٿي سگهي۔
    وسلام

    .....................................

    سائين مانوارا ابڙا صاحب پوءِ اچو ته عهد ڪريون جيسيتائين ٿي سگهي ته اسان ان ڪم لاءِ ڪوشش ڪريون ميڊيا کان وٺي ذاتي ڪوششن تائين۔
    آءُ سوچيندو هيس ته آءُ اڪيلو ڇا ڪندس پر هڪ ڏينهن دريا ڪناري تي ويٺو هيس ڪنهن اڻ تڻ ۾ مون هٿ ۾ پٿر کنيو مون جڏهن اهو پٿر سائين دريا ۾ اڇليو ته اوهان يقين ڪريو پاڻي جو سڪوت ٽٽي پيو ۽ منهنجي تاحدِ نگاه پاڻي ۾ لهرون بيشڪ اهي لهرون ننڍڙيون هيون ليڪن دريا جي پاڻي ۾ هڪ هلچل پيدا ڪري ويون ۔ سو سائين اسان ان سوچ تي جي ڪم ڪيو ته انشاءِ الله ڪجھ نه ڪجھ ٿي پوندو۔ هي آرٽيڪل آءُ اڄ اوهان جهڙن مانائتن جي پسند ڪرڻ کان پوءِ اخبار ۾ موڪلي رهيو اهيان اميد ته هر دوست جيڪو ان سوچ سان سهمت آهي اهو پنهنجي حصي جو ڪم ڪندو۔
    وسلام
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڇا اسان جي قومپرستن کي ايوانن تائين اچڻ گهرجي

    ڏاڏل سائين قرب ۔۔۔

    بهترين ليک۔ مان به ان ڳالهه جو قائل آهيان ته قومپرستن کي پارليامينٽ جي سياست ڪرڻ کپي۔۔۔۔ پر ۔۔۔۔۔ ان کان اڳ اهو فيصلو ڪجي ته قومپرست مان مراد ڪير آهن ؟ سنڌ مان يا ته پي پي کٽي ٿا وري ڪراچي حيدرآباد مان ايم ڪيو ايم ۔۔۔اتفاق سان اسان وٽ سياست ۾ گهڻو ڪري وڏيرا ، جاگيردار، سردار، مير، پير کٽندا رهيا آهن ، جن هميشه ذات لاء ڪوششون ورتيون آهن۔

    جي ايم سيد پارليامينٽ جي سياست کي ٿڏو هڻي جيڪو ڪجهه ڪيو ان سان اسان سنڌين کي ڪو خاص فائدو ڪونه ٿيو۔ پر اسان کي گهڻو نقصان ٿيو۔ سائين جي ايم سيد جي پنهنجي سياست ته اصولن تي ئي رهي آهي پر سائين جي اردگرد يا سائين جي پوئواري ڪندڙن جي سياست ڪا خاص چڱي ڪانهي رهي۔

    پوء به مان سمجهان ٿو ته هنن کي پقرليامينٽ جي سياست ڪرڻ گهرجي ۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  6. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: ڇا اسان جي قومپرستن کي ايوانن تائين اچڻ گهرجي


    سائين سليمان صاحب پسند ڪرڻ جي مهرباني
    سائين اسان عرض ڪيو آهي ته سنڌي قوم پرست هن وقت اهو وقت نقهي ته ڪنهن نالي کي ڏسجي هن وقت اهو وقت آهي جو جي اسان وٽ جيڪي به قوم پرست آهن جي اهي سيٽ ايڊجسٽمنٽ ڪن ۽ سٺي سنڌ ۾ بيهن ته انهن کي ٻه چار سيٽون ئي ملي وينديون جي پليجي يا قادر مگسي جهڙو هڪ اڌ ماڻهون پارليامينٽ م هليو ويو ته به وڏي ڳالھ آهي ۔شروعات ٿيڻ گهرجي پوءِ هوا پاڻهي هلي پوندي۔

    وسلام
     
  7. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جواب: ڇا اسان جي قومپرستن کي ايوانن تائين اچڻ گهرجي

    تمام سٺي اشو تي بحث اٿيو آهي۔

    پر اصل ڳالهه هي آهي ته اسان جي ڪنهن به قومپرست وٽ ووٽ بئنڪ ناهي۔ جنهن جو وڏي ۾ وڏو (يا شايد واحد) سبب آهي انهن جي بيڪار ۽ ماڻهن (سو به اڪثر پنهنجين سنڌين کي) کي ايذائيندڙ ٽيم۔ انهن اڳواڻن وٽ جيڪي به سندن ننڍا ما تحت آهن اهي پئسي پنجڙ لاءِ به پنهنجن کي ئي تنگ ڪن يا وري ڀتا وٺن۔عملي ڪم کان آڱوٺو رڳو حوالن ۾ پورا ۽ پنهنجي ڪرڻ م آتا۔
    تنهنڪري اسان جي قوم انهن کان الرجڪ آهي۔ نه ته وٽن نظريو ڪمال جو اهي۔ جيڪر اهو نظريو کڻي ميدان تي لهن ۽ ماڻهن ۾ پنهنجو اعتماد بحال ڪرائي عملي ڪم شروع ڪن ته دنيا اسان جا مثال ڏي۔

    هاڻي مون پاران يا دوستن پاران ڪيون ويندڙ مٿيون ڳالهيون ته ٿينديون ئي رهن ٿيون۔ پر انهي جو حل ڪٿان اچي؟۔ مون وٽ هڪ صلاح آهي ته اسان جا قومپرست تاريخ ڏسن ته اهي ڪهڙا ليڊر هئا جيڪي پنهنجو هڪ نظريو کڻي آيا ۽ ماڻهن جون دليون کٽي پنهنجو وارو وڄائي ويا ۽ پاڻ مري به ماڻهن جي دلين ۾ زنده رهيا۔ جنهن جو وڏيو مثال پاڪستان ۾ ذوالفقار علي ڀٽو هو۔ هو آيو ۽ ڇائنجي ويو۔

    باقي اها ڳالهه ته هاڻي (معذرت سان) منافقي ٿي لڳي ته نظرياتي طور قومپرست پارليماني سياست نه ٿا ڪن۔ڇو ته سندن هيٺين جوڌن جيڪا ريپو بيهاري آهي ان جي سهاري ته پنهنجي يو سي جي اليڪشن کٽي وڃن ته به وڏي ڳالهه آهي۔ سو ڳالهه آهي سڌي ته هنن کي پنهنجو ووٽ بئنڪ ساريو پيو آهي اليڪشن ۾ حصو وٺن ته ڪيئن وٺن؟
     
  8. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: ڇا اسان جي قومپرستن کي ايوانن تائين اچڻ گهرجي

    ادا ڳالهه ته ڀلي ڪئي اٿو پر مان لغاري صاحب جي ڳالهه سان متفق آهيان۔۔۔۔ پاڻ وار قوم پرست ڀتاخوريء جي پويان لڳا ڀيا آهن انهن کي ڪهڙو غرض ، سچي ڳالهه اها آهي ته انهن جي دل ۾ سنڌ ء سنڌي قوم لاء ڪو ڪوبه جذبو ڪو نه آهي ۔۔۔۔۔۔ ايون ۾ اڄڻ لاء هڪ سيٽ به نٿا کٽي سگهن پوء هي ڇاڪندا ؟؟؟؟

     
  9. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: ڇا اسان جي قومپرستن کي ايوانن تائين اچڻ گهرجي

    [JUSTIFY]
    سائين لغاري صاحب ۽ سائين پريا صاحب هٿ ادب جا ٻڌي آءُ اوهان کي عرض ٿو ڪريان جي منهنجي ڳالھ غلط هجي ته اوهان مونکي ضرور نديوجي ڳالھ صحيح آهي ته ان جي همت افضائي ڪريو هي اسان جي انا وغيره جو مسئلو ته ناهي ۔
    ڇا ڪالھ تائين ايم ڪيو ايم ڀتا خور نه هئي ، ڇا هنن کان هنن جا مهاجر پڻ تنگ نه هيا ، ڇا هنن جو ڪالهوڪو ماضي ڪنهن کان ڳجهو آهي ؟

    مون پهريان به عرض ڪيو ته اها جنهن به غلطي ڪئي جو سنڌ جي قومپرستن کي ايوانن کان پري رکيو شايد اهو ان وقت ان کان ٿيندڙ غلط فيصلو هيو، اڄ هي اسان سڀ ٿا چؤن ته هي ڀتا خور آهن مڃون ٿا ته اڄ هي ڀتا خور آهن جيهنن کي به ووٽ نه ڏيون ته پارليامينٽ ۾ اسان جي نمائدگي ڪير ڪري؟ پوءِ ڇا ائين ٿيندو رهي ته اسان جا فيصلا اسان تي ڌاريا مڙهيندا رهن ۽ اسان سهندا رهون؟
    فيصلو اوهان پاڻ ڪريو ته اسان جي ڪارڊ جي نمائدگي ڪير ڪري؟۔
    وسلام

    [/JUSTIFY]


    .....................................

    ڇا هن وقت تائين اي اين پي ڀتا خوري نه پئي ڪري ڇا هن وقت ايم ڪيو ايم ڀتا خوري ڇڏي ڏني آهي ،؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو