السَّلام عليڪم سڄڻؤ! دوستو منهنجو نالو ثناءُ الله منڱڻيجو صارم آهي ۽ پيرجوڳوٺ ڪنگري ۾ رهندو آهيان. انشاءَ الله اوهان سان ساٿ رهندو. دوستو مان ڪجھ ئي ڏينهن ۾ پنهنجي مڪمل سنڌي سائيٽ اپلوڊ ڪرڻ وارو آهيان، جتي اوهان کي تقريباً 160 نوان سنڌي فونٽس ميسر هوندا، ته ضرور وزٽ ڪجو ۽ پنهنجي صلاحن ۽ قيمتي مشورن کان ضرور آگاه ڪجو. http://www.mangnejo.com سنڌ سلامت ساٿ سلامت
او مُنهنجا مٺا پيارا سنڌي سُپوت سائين ثناءُ الله مڱڻيجا صاحب ڪاش مان توهان جي هينئر ويجهو هُجان ها، مان توهان جي انهن مٺڙن هٿن کي چمي توهان جو آڌر ڀاءُ ڪيان ها، توهان ته اسان جي سموري سنڌ جا حلالي پُٽڙا آهيو جنهن سنڌي زبان سنڌي ٻوليءَ جي جيڪا خدمت ڪئي آهي، سا اصل وسارڻ جهڙي ئي ڪونه آهي، سنڌي ٻولي جا توهان ايترا ته پيارا فونٽ ٺاهيا آهن جنهن جو مثال پوري سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ۾ ملڻ مشڪل آهن۔ ادا مان پنهنجي سنڌ سلامت جي سمورن ساٿين سميت دل جي گهرائين سان توهان کي ڀليڪار چوان ٿو۔ ۽ دُعا ٿو ڪريان شال تُنهنجا ويڙها وسندا رهن ۽ سدائين سنڌ جيجل جي خدمت دودي جيان ، دولهه دريا خان جيان، هوشو جيان، هيمون جيان ڪندو رهين (آمين) ادا ثناءُالله مڱڻيجا توهان جي خدمت ۾ تمام پيار سان آخر ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر توهان جون مهربانيون جو توهان سنڌ سلامت تي آيا ڄڻ سوين چنڊ جون چاندنيون چمڪي پيون ڄڻ بهارون جرڪي پيون، گلابي گُل ٽڙي پيا۔
سائين ثناءُ الله مڱڻيجا صاحب توهان کي سنڌ سلامت جي اڳڻ تي اچڻ تي ڀليڪار عرض ڪيان ٿو سائين نثار ناز توهان همٿ ڪئي جو سائين جو گلن سان استقبال ڪيو باقي فقير سائين ته اڄ ڪله رمضان المبارڪ جي ڪري ڏاڍو مصروف آهي .............
ادا مڱڻيجا، اوهان جا لک قرب جو اوهان سنڌ سلامت فورم تي ڪهي آيا۔۔۔ سائين نثار احمد ناز صاحب جو آجياڻو ڏسي منهنجي دل مان به اهو ڪجهه نڪري پيو۔۔۔ ادا اوهان کي سنڌ سلامت تي ڀليڪار چئون ٿا پيا۔۔۔۔ اوهان جي محنت جو داد ڏيڻ لازمي آهي۔۔۔ مهرباني ادا shal judy hujeen
آخر ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر توهان جون مهربانيون جو توهان سنڌ سلامت تي آيا ڄڻ سوين چنڊ جون چاندنيون چمڪي پيون ڄڻ بهارون جرڪي پيون، گلابي گُل ٽڙي پيا۔
جي ادا بلڪل Visit ڪنداسين توهان پنهنجي باري ۾ اسان کي ڪجهه وضاحت ڪريو ته توهان جي سڃاڻپ اسان جي دوستن کي خبر پوي
ادا توهان کي اسان سنڌ سلامت تي ڀليڪار چئون ٿا توهان جو استقبال سائين نثار ناز اهڙي ته ڀرپور نموني ڪيو آهي جو اصل مزو اچي ويو ۽ هاڻي پڪ به ٿئي ته سائين جو نالو به اسان لسٽ ۾ آهي ادا هڪ دفعو ٻيهر اسان اوهان کي سنڌ سلامت تي ويلڪم ٿا چئون اسان کي اوهان جي خوبصورت تحريرن جو انتظار رهندو
اسلام عليڪم ادا مگڻيجا سنڌ سلامت تي توهان کي ڀليڪار ٿو چوان، ادا توهان وڏا خوشنصيب آهيو جو اسان جي سرپرستِ اعلي توهان جي اڳيان گل رکيا آهن، وسلام راجا عبدالوهاب (اسلام آباد)
سائين آئون اوهان جو ته مان ديوانو آهيان۔۔ ڀليڪار هن فورم تي۔۔ اوهان کي گذارش آهي ته اوهان پنهنجي سنڌي فونٽس ۾ عربي نشانين جو سپورٽ به وڌايو۔ جيئن شد مد۔
ادا اوهان جي ايڏي آڌر ڀاء ڏسي دل نه ٿي رهي سگهي ۽ ائين به اوهان لائق شخصيتن ۾ شامل آهيو ڪافي دوست هن ساٿ ۾ تمام بهترين معاون آهن انهن ۾ هڪ فرد جو مزيد اضافو ٿيو ان لا ء خوشي آهي اوهان کي اسان جي طرفان خوش آمديد سدائين مهڪندا رهو