آ لڳل تالو وفا تي قرب ڪنهن وٽ ڪونه آهي (غزل) نثاراحمدناز

'نثار احمد ناز' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏6 آگسٽ 2011۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    سنڌ سلامت جا ساٿيو ۽ ساري دنيا جا سنڌي دوستو السلام عليڪم جيئي سنڌ ڪڏهن دل بهار بهار ته ڪڏهن اندر اُڌما، انسان آهيان ڪنهن مهل ڪيئن ته ڪنهن مهل هينئن ڪڏهن دردن سان لانئون لهڻ ته ڪڏهن خوشين کي ڀاڪر وجهڻ خاص ڪري شاعرن جي پرم پرا پراڻي آهي اڄ ڏات جي ديوي اجهو
    هِتِ نه آهي هُتِ نه آهي مُون نه آهي تو نه آهي
    آ لڳل تالو وفا تي قُرب ڪنهن وٽ ڪونه آهي

    رات تو ڪاٿي گُذاري ڳالهه سڀ ساجن ٻُڌائي
    مُرڪَ تُنهنجي مُک مٿان جانِي ڪلهوڪِي ڇو نه آهي

    هيت وڄائي ڪير ڀيرون ڳالهه حق جي ڪير ڇيڙي
    هاڻ هوشو هت دُلارو ۽ هتي دودو نه آهي

    نوٽ عيوض جسم وڪجن هن بزارِي ڏس جهان ۾
    چاهَه جا سودا ٿين ٿا اُف نه ڪنهنجِي اونَ آهي

    زخم هُوندا ”ناز“ تُنهنجي روح جي پاتال ۾ ڀِي
    عشق آ ير نانگ ڪارو هي ته ڪو رونشو نه آهي​


    جو غزل لکائي وئي آهي جو پسند اچي واهه واهه ڪري ڇڏجو نه پسند اچي تڏهن به خير آهي ڊزائن به غريباڻي آهي جيڪا سنڌ سلامت جي جهوني يعني مون نثارناز جي آهي

    [​IMG]
     
  2. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: آ لڳل تالو وفا تي قرب ڪنهن وٽ ڪونه آهي (غزل) نثاراحمدناز

    چاهَه جا سودا ٿين ٿا اُف نه ڪنهنجِي اونَ آهي

    واھ واھ ڪافي ڏينھن جي غير حاضري کان پو اھڙي خوبصورت شاعري۔
    غير حاضري جون سڀئي شڪايتون ختم ڪري ڇڏيون۔
    بھترين شاعري، لاجواب قافيه ۽ ان سان نڀاھ۔

    تمام بھترين ونڊ
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: آ لڳل تالو وفا تي قرب ڪنهن وٽ ڪونه آهي (غزل) نثاراحمدناز

    محترم عبدالواحد سومرو صاحب جون مهربانيون جو کين اسان جي هي غريباڻي شاعري سُٺي لڳي، دوست غير حاضر ۽ آئون چلو تون چوين ٿو مڃين ٿو ڇڏيان لڳي ٿو سنڌ سلامت جي حاضري واري مسٽرول مان مون کي ڪنهن غير حاضر ڪري ڇڏيو هوندو ۔ لک لائق ادا۔
     
  4. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: آ لڳل تالو وفا تي قرب ڪنهن وٽ ڪونه آهي (غزل) نثاراحمدناز

    سائين محترم نثار ناز هجي يا ابڙو...ٻئي واھ واھ
    لفظن جو زخيرو نه ھوندو ته ڇا ٿا ڪري سگھون...واھ واھ ئي ڪري ٿا سگھون، نثار ناز جي شاعري ۽ چترڪاري کان ڀلا ڪير واقف نه آھي....مان ته ائين چوندس ته سائين جن وٽ لفظن جي کاڻ آھي..لفظ به ھڪ ھڪ سونو....سائين ھميشه جيان ائين ئي چوندس ته واھ واھ.
     
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: آ لڳل تالو وفا تي قرب ڪنهن وٽ ڪونه آهي (غزل) نثاراحمدناز

    محترم ادا عاشق سولنگي لک لائق تُنهنجا مڙئي هن پيري ۾ واندڪائي جي وندر ڪريو ويٺا آهيون بس ادا اُبتن سُبتن اکرن جون چند منهنجا شعر قطارون آهن۔ توهان منهنجي هن شاعري کي پڙهي واهه واهه ڪئي اصل منهنجا ڀاڳ جاڳي پيا۔ توهان جي هن پيار جو ته ڪو مول ئي ناهي شال جُڙيا هُجو توهان جون مهربانيون۔
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: آ لڳل تالو وفا تي قرب ڪنهن وٽ ڪونه آهي (غزل) نثاراحمدناز

    يار نثار ناز! اوهانجي فڪر ۽ فن جا عاشق ته اسين اڳ ئي آهيون پر اوهانجي ڏات ديوي به عجيب آهي جو ڪڏهن اچي ته تڪڙي ۽ جي ڪڏهن نه اچي ته مهينا لڳايو ڇڏي ۔۔۔ خئير هن دفعي به آئي ته اوهانجي وجود مان تمام سهڻو غزل نڪري اسان تائين پهتو آهي ۔۔۔۔

    تمام سهڻو فڪر ۽ موهيندڙ چترڪاري

    ٿورا ناهن ٿورا

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  7. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: آ لڳل تالو وفا تي قرب ڪنهن وٽ ڪونه آهي (غزل) نثاراحمدناز

    سائين تمام پياري شاعري حقيقت تي مبني آهي مون وٽ اوهان جي ڊزائن ظاهر نه پئي ٿئي شايد نيٽ جي اسپيڊ جي مسئلو آهي ليڪن ان هوندي به شاعري مڪمل پڙهيم تمام خوبصورت لفظن ۾ حقيقت کي سموهيو ويو آهي ۔شال سلامت رهو۔
     
  8. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: آ لڳل تالو وفا تي قرب ڪنهن وٽ ڪونه آهي (غزل) نثاراحمدناز

    بس يار نالي ڀائي نثار ابڙا : تڏهن ته اسان ڏات جي ديوي کي سدائين رُسڻي محبوبه سان تشبيهه ڏيندا آهيون پرچندي آهي ته پنهنجي پيار جا مينهن ڪڏهن غزل ڪڏهن نظم ڪڏهن، وائي، ڪڏهن ڪافِي جي صورت ۾ وسائي ويندي آهي جڏهن رُسي ويندي آهي ته اسان کي ائين محسوس ٿيندو آهي ته اسان ڄڻ رُڃ جا رولاڪ ٿي ويا آهيون اسان ڄڻ لفظن سان پيار ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي اسان ڄڻ شاعر ئي ناهيون، خير ڏات جي ديوي ويچاري جو به ڪهڙو ڏوهه هتي گهٽي گهٽي ۾ شاعر اصل ڌونئري وانگر ڄميا پيا آهن، آخر هُن کي سڀني سان لازمي نڀائڻو آهي، نثارناز ته هونئن ئي ٽي درجي وارو شاعر آهي ، ان ڪري اها ديوي ان سان رُسڻ ۽ پرچڻ ڪُجهه زياده ٿي ڪري ، باقي اسان جي هي تخليق توهان کي فن ۽ فڪر سان سلهاڙيل لڳي لک لائق ادا ۽ اهي به توهان جون مهربانيون آهن جو توهان اسان جي فن ۽ فڪر جا سدائين عاشق رهيا آهيو، شال اهي ڪچهريون ۽ محبتون برقرار رهن۔ شال جُڙيا هُجو۔

    .....................................

    پيارا سائين رحيم بخش ڏاهري توهان جا ٿورا جو توهان اسان جي هن غريباڻي شاعري کي مڪمل پڙهيو ۽ توهان کي اسان جا لفظ خوبصورت لڳا ۽ توهان کي اسان جي هي شاعري حقيقتن جي قريب لڳي لک لائق ادا شال جُڙيا هُجو۔
     
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: آ لڳل تالو وفا تي قرب ڪنهن وٽ ڪونه آهي (غزل) نثاراحمدناز

    زخم هُوندا ”ناز“ تُنهنجي روح جي پاتال ۾ ڀِي
    عشق آ ير نانگ ڪارو هي ته ڪو رونشو نه آهي


    سائين نثار ناز کي سلام ۔۔۔۔۔۔۔

    اوهان جي شاعريء تي اسان ڇا تبصرو ڪيون جيڪي شاعريء جي الف ب کان به واقف ناهيون۔ اوهان جو هي غزل سچ ته ڪمال جي شاعريء تي مشتمل آهي۔ لفظن ۾ جذبن کي ۽ احساسن کي سميٽيو ويو آهي۔ اوهان جي شاعري ۾ روز هڪ نئون پيغام هوندو آهي۔ عشق واقعي ڪا چرچي جي ڳالهه ناهي پر سائين نثار عشق کان ناتو ٽوڙڻ به ڪنهنجي وس ۾ ناهي هوندو۔ عشق ڀلي ڪارو نانگ هجي پر عاشق وڏي ڳالهه آهي ۔۔۔۔

    رات تو ڪاٿي گُذاري ڳالهه سڀ ساجن ٻُڌائي
    مُرڪَ تُنهنجي مُک مٿان جانِي ڪلهوڪِي ڇو نه آهي


    محبوب کي مهڻا ۔۔۔۔ مونکي عطاء الله عيساخيلوي جو هڪ ڪلام ياد پيو اچي ۔۔۔۔ چن ڪٿان گذاريئي رات وي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    بهترين شاعري ۽ لاجواب ڊزائن۔
     
  10. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: آ لڳل تالو وفا تي قرب ڪنهن وٽ ڪونه آهي (غزل) نثاراحمدناز

    ادا محمد سليمان وساڻ وعليڪم السلام دوست شاعري ۾ غزل ئي هڪ اهڙو اسم آهي جنهن ۾ وڌندڙ شاعري جو هر بند عليحده عليحده تخيل جي اُڏار رکندو آهي ، محبوب کي هن شاعري ۾ ڪنهن به قسم جو مهڻو ناهي ڏنو ويو آهي پر محبوب ماڻا ڪري پنهنجي عاشق کان اهو پُڇي ٿو ته سڄڻ الائي ڪٿي رات گُذاريئي جو تنهنجي چهري تي ڪالهوڪِي مُرڪ نظر ڪانه ٿي اچي ادا عيسى خيلوي جو پنهنجو رنگ آهي جڏهن ته اسان به هن ئي معاشري جا فرد آهيون اسان ڪنهنجي خيال کان متاثر ٿي سگهون ٿا، ٿي سگهي ٿو منهنجي شاعري جو اهو بند سرجڻ مهل منهنجي تحت الشعور ۾ عطاءُ الله عيسى خيلوي جا ٻول گونجندا هُجن۔ مونکي مهان شاعر شيخ اياز جي شاعري جو اهو رُخ به ياد پيو اچي ته اڙي نانگ اڙي نانگ سڄڻ تو ته ڏٺو ناهي سندس ونگ سندس ڏنگ ائين آهي جيئن تون۔ مهان شاعر شيخ اياز ته محبوب کي ئي نانگ سان تشبيهه ڏيئي ڇڏي مون ته عشق کي ڪاري نانگ سان تشبيهه ڏني آهي بهرحال لطيف سائين جي فرمان مطابق عشق ناهي راند جو کيڏنس ڳڀرو۔ ان هوندي به عشق واري راند نادان به کيڏندا آهن ته هوشيار به اڙجي پوندا آهن۔ ۽ زاري زاري نادان به ڪندا آهن ته هوشيار به باقي مون جهڙا ٽي درجي وارا شاعر ڪهڙي باغ جا موري آهن ۔ لک لائق ادا محمد سليمان وساڻ جا جن کي اسان جي هي شاعري ڏات ۽ ڏانءُ سميت وڻي ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو