عالمي مداريءَ جا رانديگر ڀولڙا

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سارنگ مصطفي طرفان آندل موضوعَ ‏6 آگسٽ 2011۔

  1. سارنگ مصطفي

    سارنگ مصطفي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏6 آگسٽ 2011
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    عالمي مداريءَ جا رانديگر ڀولڙا

    سارنگ مصطفى

    سرمائيدار سماجن ۾ موجود بهرانن جي عڪاسي حڪمران طبقي جي باهمي تضاد جي شدت اختيار ڪرڻ ۽انهن جي ٽٽڻ جي صورت ۾ظاهر ٿيندي آهي
    انهن جي باهمي جهيڙن جا” اشوز“ هن نظام اندر ئي موجود هوندا آهن
    ذرائع ابلاغ محنت ڪش طبقي کي حڪمرانن جي ڌڙن ۾الجهائي انهن جو حصو بڻائي اصل ۾ طبقاتي ايشوز جي جدوجهد کي زاياڪرائڻ لاءِ مسلسل ڪردار ادا ڪندا رهندا آهن .
    مجوده سياسي انتشار ان مهلڪ بيماري جو ئي نتيجو آهي جنهن ۾ هي معاشرو شدت سان مبتلا ٿي چڪو آهي پاڪستان جي سرمايا داري اڄ تاريخ جي بدترين بهران جو شڪار آهي جنهن مان نڪرڻ لاءِ هن نظام وٽ شايد هاڻ ڪوبه رستو ناهي بچيو
    18 آڪٽوبر کان شروع ٿيندڙ تحريڪ ۽ 27 ڊسمبر تي آتش فشان بڻجي محنت ڪش طبقي روڊن رستن تي نڪري ٽي ڏينهن سموري ملڪ جي هر سسٽم کي جام ڪري هن نظام کان بيزاري جو اعلان ڪيو جنهن کي ذرائع ابلاغ جيترو به سماجي افق تان اوجهل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اوتروئي سامراج ۽ حڪمران طبقو پريشانيءَ پڻ ۾ مبتلا ٿي ويو ، انهيءِ خوف جي ڪري ئي انهن 18 فبروري جا نتيجا هڪ سوچيل سمجهل منصوبي تحت ظاهر ڪرايا ۽ متضاد طبقن جي نمائندگي ڪندڙن سياسي پارٽين جي ليڊرن جي هڪ ”مخلوط“ حڪومت جي تشڪيل ڏني ،پر جلد ئي اها وفاق ۾ ٽٽي وئي پنجاب ۽ ٻيئن صوبن ۾ تضاد جاري رهيو آخر ڪار پنجاب مان ڦاٽي ٻاهر نروار ٿيو .
    جنهن تيزي سان سماج ۾ بدحالي ،غربت،مهنگائي ۽ بيروزگاري ۾ اضافو ٿيو آهي ايترو تيزيءَ سان هن ملڪ جي تاريخ ۾ پهرين ڪڏهن ناهي ٿي.
    الميو اهيو به آهي ته هن سموري صورت حال ۾ عوام جا سوال حڪمرانن جي سوالن کان مختلف آهن
    ماضيءَ کان سواءِ حال کي پرکي نٿو سگهجي ۽ مستقبل جو تعين نٿو ڪري سگهجي نواز ليگ، جماعت اسلامي ۽ ٻيون ساڄي ڌر جون سياسي پارٽيون هن ملڪ جي بدترين آمريت جون پيداوار ۽ تسلسل آهن ، اهي چاهي ڪيترا به روپ تبديل ڪن پر انهن جو ڪردار نٿو بدلجي سگهي ،اهي جمهوريت ،عدليه ۽ انصاف جي ڳالهه ٿا ڪن پر انهن اشوز جي ساڄي ڌر جي اتحادين وٽ نه ڪڏهن ڪو حل هو ۽ نه وري اڄ به انهن وٽ ڪو پروگرام آهي،
    اهي صرف اقتدار ۾حصيدار ي لاءِ سرگرم آهن۽ وري مارشالا لاءِ به مصحلت ڪري سگهن ٿا ۽ ٻئي پاسي وري پيپلز پارٽي آهي جيڪا ”اٽو ، لٽو ۽ اجهي“ جو نعرو ڏئي اقتدار ۾ آئي آهي پر ان به اها ئي پاليسي اختيار ڪئي جيڪا مشرف حڪومت جي هئي ،اهيوئي ڪارڻ آهي جو 63 سال گذرڻ جي باوجود نسل در نسل محنت ڪش عوام رڙيون ڪري رهي آهي آخر وڃجي ته ڪڏهان وڃجي !
    عوام جي پريشاني ۽ هن ملڪ جي راڄڌاني سنڀالڻ جي خواهش رکندڙن جا اشوز الڳ الڳ آهن ڪڏهن عدليه جي آزادي ، ڪڏهن مشرف کي ڪٽهڙي ۾ بيهارڻ جي خواهش ته وري هاڻ nro جو اشو،
    ها مشرف تي مقدمو هلڻ گهرجي ان کي ان جي ڪيئي جي سزا به ملڻ گهرجي نه صرف ان جي سياسي جرم جي بلڪِ ان جي معاشي جرم جي پڻ ، پر ان جي جرمن کي لاڳو ڪرڻ ۾ ان جي ٻانهه ٻيلي رهڻ وارن کي به ملڻ گھرجي ،
    پر عوام مٿان ٿندڙ ظلمن ۾ مشرف ڪو پهريون ۽ آخري حڪمران ته نه هو ، ضياءالحق جي آمريت ته ان کان به وڌيڪ وحشت ناڪ ۽ حيوانگي جو مثال بڻي هئي ۽ ان جا ٻانهه ٻيلي نواز شريف ۽ جماعت اسلامي ئي هئي ، جڏهن پيپلز پارٽيءَ جا ڪارڪن ضياء آمريت جي عَذيت گاهن ۾ تشدد جو شڪار ٿي رهيا هئا ڦاهيون ،جلاوطنيو ۽ ڪَوڙن جون سختيون برداشت ڪري به پارٽيءَ کي زنده رکي رهيا هئا تڏهن ساڄي ڌر جا مڙئي ليڊر ۽ هن وقت موجود پيپلز پارٽيءَ جا ڪجه ليڊر ضياءالحق جي خوش نودي ۾ عياشيءَ جي زندگي گذاري رهيا هئا ڇا انهن کي ڪٽهڙي ۾ بيهاري سزائون نه ڏيئڻ گهرجن ؟
    پر عوام مٿان ٿيندڙ ظلمن جي داستان ته ان کان به پراڻي آهي نسل در نسل جنهن حڪمران طبقي ۽ انهن جي رياست هي ظلم ڪيو آهي تن کي نه ڪڏهن تاريخ معاف ڪندي ۽ نه ئي محنت ڪش طبقو
    انهن 63 سالن ۾اهو هڪ هڪ ٻار جيڪو غربت،گندي پاڻي ، ۽ بک ڪارڻ موت جي هنج ۾ سمهي پيو ، اها هڪ هڪ عورت جيڪا خوراڪ جي قلت ۽ دورانِ حمل علاج جي محرومي خاطر زندگيءَ جي جنگ هارائي وئي ۽ اهي تمام بزرگ جيڪي ڪابلِ علاج بيمارين جون دوائون خريد نه ڪري سگهڻ جي ڪري وقت کان پهرين موت جو کاڄ بڻيا،اهي بيروزگار جن خودڪشيون ڪيون ۽ اهي ماءُ جن بازار ۾ پنهنجن اولاد کي وڪرو ڪري زنده لاش بڻجي ويون انهن سمورن ظلمن جو ذميوار ڪير آهي ؟
    اهو 5 فيصد کان به گهٽ حڪمران طبقو جن نسل در نسل هتي جي عوام جي اڪثريت کي آڙاه ۾ ڦٽو ڪيو آهي ،انهن ڪروڙين انسانن لاءِ قيامت کان پهرين ئي هي حڪمران قيامت کڻي آيا آهن جنهن ۾ محنت ڪش جي موت کان پهرين واري زندگي موت بڻجي چڪي آهي .
    مسئلو هڪ ڪمزور فوجي آمر کي سزا ڏيئڻ جو ناهي بلڪِ هي نظام ئي تاريخ ۾ وڏي سزا جو مستحق آهي ، اها سزا هن سرمائي ۽ هن لالچي نظام جي پاسدارن کي ضرور ملندي .
    محنت ڪش عوام ۾ انهيءَ انتقام جو لاوء ڀڙڪي رهيو آهي ،انهن کي هن حڪمران طبقي کان ڪئين نسلن جو انتقام وٺڻو آهي ،
    هنن اُنهن جي آمريت کي به برداشت ڪيو آهي ،اُنهن جي جمهوريت ۾ به ذليل ۽ رسوا ٿيا آهن ، محنت ڪش مُلن کي به مذهب کي جنس جيان نيلام ڪري ان جو ڪاروبار ڪندي ڏٺو آهي ،
    انهن جمهوريت ،آئين ۽ قانون ۾ تعليم کي واپار ٿيندي به ڏٺو آهي ،انهن جي غربت ٻارن کي علم جي روشنيءَ کان پَري ڪري ڇڏيو، انهن جا زخم ۽ بيماريون سَرمائي جي مَنڊيءَ ۾ وڪامنديون رهيون،علاج ڪَرائڻ جي بجاءِ اهي دوائن جي ڀَريل دڪانن ۽ فائيواسٽار اسپتالن اڳيان دَم ٽوڙيندا رهيا ڇو ته هن نظام ۾ انسانن جي ڏکن، دَردَن ،زَخمَن ۽ بِيمارين جو علاج ناهي ٿيندو پر انهن جو ڪاروبار ڪيو ويندو آهي .
    بجلي ،پاڻي ۽ ٻِيئَن سَهُوليتن کان مِحرومي انهن جي پَهرِين کان ئي تَلخ زندگيءَ کي عذابِ مُسَلسَل بڻائي ڇڏيو آهي
    عوام هر هڪ کي ڏسي رهيو آهي . سمجهي رهيو آهي ،پاڻ مرادو دانشور ن جي دانش ۽ ماضيءَ ۾ انقلابي صِفن ۾ بيٺل صحافت کي به عوام هن نظام جي بازار ۾ رکيل ڪنهن رانديڪي جيان وڪامندو ڏسي رهي آهي .
    ڪامريڊ لنن مطابق محنت ڪش پنهنجي تجربي مان سکندو آهي ۽ هڪ ڏينهن فيصلو ڪندو آهي تڏهن هن ڌرتيءَ تي ڦيهليل غِلاظَت خَتم ٿي ويندي ۽ هڪ نئو سماج هن بربادين جي سماج مان نروار ٿيندو جتي ماڻهو کي پهريون ڀيرو انسان ٿيئڻ نَصيب ٿيندو

    هَرڪو پِنهجي اَگهه اَگهاڻون
    جِيڪو ماڻهون ڪِي نَه وَڪاڻو
    سَوئِي ماڻهون مَوتيءَ دَاڻو
    (منشي)
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: عالمي مداريءَ جا رانديگر ڀولڙا

    ادا سارنگ مصطفي، اوهانجو ليکل هي ليک ڄاڻ سان ٽمٽار جنهن ۾ پاڪستان جي سياسي حالت ۽ ان ۾ پورهيت طبقي جي پيڙا چٽن لفطن ۾ بيان ٿيل آهي ۔۔۔۔

    دوستو! هن ملڪ ۾ ڪنهن خوني ۽ ڏاهپ ڀريي انقلاب سان ئي حالتون بدلائي سگهجن ٿيون ۔۔۔ باقي موجوده پوري نطام مان ڀلائي جا ڪا اميد ڪرڻ ۔۔۔ ٻٻرن کان ٻير گهرڻا آهن ۔۔۔

    اميدن تي جهان قائم آهي ۔۔۔ هڪ عرض ته اوهان جڏهن به ڪو ليک موڪليو ته انکي صحي جڳهه ته پوسٽ ڪندا ڪريو ۔۔۔ مون هن ليک کي حالات حاضره واري ٿريڊ ۾ منتقل ڪيو آهي ۔۔۔

    سڌائتي سڀ ڪا، بک نه باسي ڪا،
    جيهي تيهي ذات جي، جنبش ڪانهي جا،
    مونسين هلي سا، جا جي مٺو نه ڪري۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: عالمي مداريءَ جا رانديگر ڀولڙا

    محترم سارنگ مصطفى صاحب جو سٺو ليک ۔۔۔۔۔

    هن وقت اسان جي بد نصيبي اها آهي جو اقتدار جا بکيا مختلف فورمن تان صرف اقتدار لاء ئي لڙي رهيا آهن۔ ڪنهن کي به عوام جي مفاد جو يا وري ملڪ جي بهتري جو خيال ناهي۔ نواز شريف اقتدار جو بکيو رهيو آهي۔ پ پ پ اڃان تائين ڪرپشن جي خول مان ئي ٻاهر نڪري ناهي سگهي۔ اتي وري عديه تي به سوالي نشان آهن ته حڪومت جي خلاف ته سڀ ڪيس کُلن ٿا پر 12 مئي ۽ نواز شريف جي خلاف ڪيس ڪٻٽن ۾ بند ڪيا ويا آهن۔

    قومپرستن جا حال به پورا آهن ۽ وري ميڊيا ته پاڻ کي الائي ڇا سمجهي سڀ ڪجهه پاڻ ڪرڻ جي دعوى پيو ڪري۔ اهڙي سموري راندين جو نقصان عام عوام کي ئي پيو ٿي۔

    سٺو ليک آهي اوهان جو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو