فيڪٽرين ۾ ڪم ڪندڙ عورتن جي ڪهاڻي

'ڪهاڻيون' فورم ۾ عاشق سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏6 آگسٽ 2011۔

  1. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    نينا نهال

    [​IMG]
    سج جڏهن پنهنجا پهريان ڪرڻا ڌرتي تي نڇاور ڪندو آهي ان وقت هوءَ پنهنجي گهر کان نڪري مزدوري ڪرڻ لاءِ فيڪٽري پهچڻ جي تيارين ۾ هوندي آهي، هوءَ تڙ تڪڙ ۾ گهر جو ناشتو تيار ڪري ٻارن کي وهنجاري سهنجاري اسڪول موڪلي ۽ پوءِ پاڻ جلدي ۾ فيڪٽري ڏانهن نڪري ويندي آهي، اهو فاطمه لاءِ روز جو معمول آهي، ڇاڪاڻ ته هن مهانگائي جي دور ۾ سندس گهر جي خرچ پکن لاءِ مڙس جي ڪمائي پوري نٿي ٿئي ۽ پوءِ هوءَ پنهنجي گهر جي خرچن جي پورائي لاءِ پاڻ پورهيو ڪري ٿي، حيدرآباد جي فتح چوڪ واري علائقي ۾ روڊن تي اهڙيون ڪيتريون ئي عورتون صبح سوير فيڪٽرين ڏانهن ويندي نظر اينديون آهن جيڪي ڪن مجبورين سبب پنهنجي گهر کان ٻاهر نڪري فيڪٽرين ۾ مزدوري ڪن ٿيون. اهي عورتون دنيا جي ٻين عورتن جيان خواهشون، احساس ۽ آس رکن ٿيون پر سندس اهي خواهشون هميشه مرجهايل رهن ٿيون، اڄڪلهه جڏهن ڏيکا ڏيکي جو دور آهي ۽ ماڻهو هڪٻئي کان وڌيڪ سٺي نموني زندگي گذارڻ لاءِ ڪوششون ڪن ٿا، انهيءَ دور ۾ عورتن ۾ وري هڪٻئي سان ساڙ يا ٻين بنيادن تي هڪٻئي کان اڳتي نڪرڻ جو تجسس وڌيڪ
    [​IMG]
    هجي ٿو، اهي عورتون جيڪي پنهنجي هٿن سان پورهيو ڪن ٿيون ۽ ان کانپوءِ به ايتري ته ٿوري آمدني ٿئي ٿو جو اهي پنهنجي گهر جي ٻن ويلن جي ماني جو بندوبست به مشڪل سان ڪري سگهن ٿيون، ڀلي کڻي سندن گهر جا ٻيا ڀاتي به ڪمائيندا هجن پر بجلي، گئس ۽ پاڻي جي بلن کان وٺي گهر جي ٻين خرچن تائين لاءِ پئسن جو پورائو ڪرڻ پوءِ به وس ۾ نٿو رهي، ڇاڪاڻ ته خرچ ته گهرجن ئي گهرجن ٿا، ان سلسلي ۾ حالي روڊ جي رهواسڻ فاطمه جو چوڻ آهي ته هوءَ هڪ فيڪٽري ۾ ڪم ڪري ٿي پر جتان کيس روزانو 150 کان 200 رپيا آمدني ٿئي ٿي، هوءَ جيئن ئي گهر پهچي ٿي ته انهن پئسن مان هڪ ويلي جي
    [​IMG]
    ڀاڄي لاءِ پنجاهه رپيا، ٽن ٻارن جي خرچي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 30 رپيا، کير وٺڻ لاءِ 60 رپيا گهرجن ٿا، آئون گهر ايندي ئي ملندڙ پئسن مان اهي خرچ ڪندي آهيان ۽ پوءِ مون وٽ ڪي 80 کان 90 رپيا وڃي بچن ٿا، جن مان گهر جا ٻيا خرچ پورا نه ٿيندا آهن، پوءِ وري مڙس جي روزاني واري ڪمائي 200 رپيا ملائي اسان ان مان گهر جو ٻيو سيڌو سامان وٺون ٿا، هوءَ ٻڌائي ٿي ته منهنجي مڙس ۽ منهنجي گڏيل آمدني مان رڳو روزاني کاڌي پيتي جا خرچ به پورا نٿا ٿين ته پوءِ اسان وٽ بيماري سيماري، بجلي، گئس ۽ پاڻي جي بلن ۽ شادين مرادين توڙي مائٽن ڏانهن اچ وڃ لاءِ ڪي به پئسا نٿا بچن، پوءِ زندگي جو گاڏو ڪيئن ٿو هلي ۽ خرچ ڪٿان پيا اچن اها اسان کي به خبر نٿي پوي، بس الله سائين جو شڪر آهي. فاطمه جهڙيون ٻيون به ڪيتريون ئي عورتون صبح سوير فيڪٽرين جي رستن جون راهي هونديون آهن، اڌڙوٽ عمر جي عربيه به سبزي منڊي واري علائقي کان سائيٽ ايريا جي هڪ فيڪٽري ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ پهچي ٿي، سندس مڙس ڪافي سال اڳ هن دنيا کي ڇڏي هليو ويو، جڏهن ته
    [​IMG]
    سندس ٻه پٽ هاڻي جوان ٿي چڪا آهن جن کي عربيه پنهنجي جواني کان وٺي پالي وڏو ڪيو آهي، هوءَ انهيءَ فيڪٽري مان ٿيندڙ آمدني جي پئسن مان پنهنجي ٻن پٽن ۽ هڪ ڌيءَ جي روزي جو بندوبست ڪندي رهي آهي، اڄ سندس اولاد جوان آهي جن مان ٻه پٽ ويلڊنگ جي دڪان ۽ گيراج تي ڪم ڪن ٿا پر مهانگائي سبب عربيه کي اڃا به فيڪٽري ۾ پورهيو ڪرڻو پئجي رهيو آهي، هو ٻڌائي ٿي ته سندس ٻئي پٽ ڪم ڪار لاءِ هليا وڃن ٿا ۽ هوءَ پاڻ به گهران نڪري فيڪٽري ڏانهن هلي وڃي ٿي ۽ پوءِ سندس ڌيءَ اڪيلي هجي ٿي جنهن کي هوءَ پنهنجي ڀيڻ جي گهر ڇڏي وڃي ٿي، جيڪو سندس گهر جي ڀرسان ئي آهي ۽ شام جو اچي وري سڀ گهر ۾ گڏ ٿين ٿا ۽ خوشي سان وقت گذري پيو، عربيه ٻڌائي ٿي ته سندس زندگي ۾ ڪيترين ئي خواهشن ڪر کنيو پر اهي پوريون نه ٿي سگهيون، جنهن جو کيس احساس ته اڃا به جاڳي ٿو پر هوءَ ڇا ٿي ڪري سگهي. ان کانسواءِ حيدرآباد جي هير آباد واري علائقي ۾ هڪ گهر ۾ ئي فيڪٽري جو ڪم ڪندڙ ماهه نور ۽ سندس ڌيئرن وٽ تيار ٿيندڙ بوٽن ۽ چپلن جي آمدني مان پئسو کوڙ سارو آهي ۽ هو هڪ سٺي گهر ۾ به رهن ٿا پر ان لاءِ کين سخت محنت ڪرڻي پوي ٿي. اهڙيون ڪيتريون ئي عورتون آهن جيڪي اڄ به پنهنجي گهر جو خرچ پکو هلائڻ لاءِ پورهيو ڪرڻ تي مجبور آهن.​
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: فيڪٽرين ۾ ڪم ڪندڙ عورتن جي ڪهاڻي

    سٺو ليک آهي ۔۔۔۔

    عورت اسان جي معاشري جو حصو آهي، ڪڏهن وقت ڪاٽڻ لاء ته ڪڏهن مجبوري جي حالت ۾ عورت کي مهنت مزدوري ڪرڻي پوي ٿي۔ پوء به هنن لاء نوڪري ڪرڻ يا ڪم ڪرڻ ڪو سولو ناهي۔ جڳهه جڳهه تي هنن لاء مسئلا آهن جيڪي نه هجڻ گهرجن۔ مهانگائي به چوٽ چڙهيل آهي تنهنڪري عورتن لاء سڀ ڪجهه مينيج ڪرڻ گهڻو ڏکيو هوندو آهي۔
     
  3. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: فيڪٽرين ۾ ڪم ڪندڙ عورتن جي ڪهاڻي

    ادا عورت اسان وٽ مجبوريء کان گهر کان ٻاهر نڪرندي آهي۔۔۔۔۔ بيروزگاري ء مهانگائي جي ڪري گهر هلائڻ ڏکيو ٿي پيو آهي
     
  4. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: فيڪٽرين ۾ ڪم ڪندڙ عورتن جي ڪهاڻي

    ھڪ عورت کي گھر کان ٻاھر نڪرڻ ۾ جيڪي مسئلا پيش اچن ٿا۔۔ان کي منھن ڏيڻ ئي وڏي ڳالھ آھي۔
    ڪراچي جي ھڪ اسٽاپ تي بيٺھي بيٺھي ھڪ پي کان پڇا ڪئي۔۔۔۔ڪلڪ
     
  5. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: فيڪٽرين ۾ ڪم ڪندڙ عورتن جي ڪهاڻي

    ادا عورت اسان وٽ مجبوريء کان گهر کان ٻاهر نڪرندي آهي۔۔۔۔۔ بيروزگاري ء مهانگائي جي ڪري گهر هلائڻ ڏکيو ٿي پيو آهي ۽ ٻاھر نڪرڻ کانپو۽ به ڪافي مسئلن کي منھن ڏين ٿيون اھڙين عورتن جس ھجي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو