• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اي ڪراچي! (احمد سولنگي)

عاشق سولنگي

سينيئر رڪن
ڪراچي، جنهن کي مخاطب ٿي سنڌي ٻوليءَ جي نوجوان شاعر احمد سولنگيءَ پنهنجي زندگيءَ جو شاهڪار نظم لکيو هو ته.
اي ڪراچي!
تون اسان جي نڪ جي آهين ڦلي،
۽ ڪرائيءَ جو ڪنگڻ.
سنڌ جو سندور،
ماٿي جو ٽڪو.
۽ هن پنهنجي ان طويل نظم جي پڃاڻي هنن سٽن سان ڪئي هئي ته
اي ڪراچي!
تون اسان لئه
سورنهن ئي سينگار آهين
شال ڪوڙهيو ٿي اهو ويري مري،
جيڪو چوي
پنهنجي هوندي سنڌ کان تون ڌار آهين!

262955_213038922081049_100001248279284_613799_7377913_n.jpg
 
جواب: اي ڪراچي! (احمد سولنگي)

:hitwall::smitten::wave: عا

ماشاالله۔۔۔اوھان جي پھرين تحرير سنڌسلامت تي پڙھن جي لا ملي۔۔۔اسان اوھان کي ھتي اچڻ تي ڀليڪار ٿا ڪيون
مھرباني ڪري هتي ڪلڪ ڪري سڄي سٿ سان پنهنجو تفصيلي تعارف ڪرائيندا۔
 
جواب: اي ڪراچي! (احمد سولنگي)

اڙي يار عاشق ڇا چئجي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اڄوڪي فيصلي ۾ اهو لڳي پيو ته ڪراچي اسان جي هٿن مان نڪري رهي آهي۔
 
جواب: اي ڪراچي! (احمد سولنگي)

همت نه هاريو ڪوشش ڪبي رت جي آخري ڦڙي تائين هن ڌرتي جي وهاڱ تان وڙهنداسين۔
وسلام
 
جواب: اي ڪراچي! (احمد سولنگي)

ادا تمام سٺي ڊزائين آهي

ادا پريل پسند ڪرڻ جي مھرباني۔


اڙي يار عاشق ڇا چئجي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اڄوڪي فيصلي ۾ اهو لڳي پيو ته ڪراچي اسان جي هٿن مان نڪري رهي آهي۔

ھا سائين مان به ڪڏھن ڪڏھن اھو سوچندو آھيان۔
پر جيئن سائين ڏاڏل جن چيو


همت نه هاريو ڪوشش ڪبي رت جي آخري ڦڙي تائين هن ڌرتي جي وهاڱ تان وڙهنداسين۔
وسلام
 
Back
Top