بي عنوان بڻيل زندگي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ۔!!!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ حفظ الله ڪاڪا طرفان آندل موضوعَ ‏6 آگسٽ 2011۔

  1. حفظ الله ڪاڪا

    حفظ الله ڪاڪا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2010
    تحريرون:
    54
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    358
    زندگي حسناڪين جو اهو نانو آهي، جنهن کي گهارڻ لا سمورين سهولتن جو هجڻ اهم
    هوندو آهي، حسناڪين جون اهڙيون ويرون جنهن سان روح جون رڳون جڪڙيل هجن ٿيون، اهي
    جيڪڏهن اهڙي روشن ڏيئن جي جهلڪن کين محروم ٿي وڃن ته ان روح جو هن ويراڳ
    دنيا ۾ رڙهڻ تمان گهڻو ڏکيو ٿي پوي ٿو۔
    زندگي ٻهڪندڙ فضا جي ان پرمدم موسم سان سگهه لا اهن سمورين اميدن جي
    ساڀيان گهرندي آهي، جن سان وک وڌائڻ ۾ سگهه ملندي آهي۔ سنڌ هن وقت زندگي جون معنائون گهڻي قدر ته وساري چڪي آهي، پر جيڪڏهن ڪجهه
    معيار باقي آهي ته ان جو زندگي سان سهڪار ڪرڻ بيڪار بڻيل آهي، "روشنين جو
    شهر" سان سڏجندڙ ڪراچي هجي يا سکر، ڪنڌڪوٽ ۽ لاڙڪاڻو هجي، هر هنڌ گولين جي
    بو انسان جي روح سان ويڙهاند لا ماندي ويٺي آهي۔ ڪراچي شهر ۾ ٿيندڙ
    بيگهناهن جو قتل هجي يا قبائي، برادري جهيڙا، هر صورت ۾ زندگي موت آڏو هار
    کائي ويهي ٿي۔
    اهڙي سموري ماجرا کان مختلف، ڪيٽي بندر يونين ڪائونسل جي هڪ ڳوٺ جرار ڊوڪي
    "ملاح" ۾ هڪ تحقيقي جائزي دوران زندگي جي هڪ نئين ۽ انوکي وصف ڏسڻ ۾ آئي،
    هونئن ته سنڌ ۾ اهڙا ڪيترائي ڳوٺ آهي، پر ان ڳوٺ کي ڏسندي هڪ نئين ماجرا
    پلئه پئي۔
    زندگي جنهن حسناڪ خواهشن ۽ ان جي پرگهور جو نانو آهي، اتي خواهش جي ڇانو به نظر نه ٿي آئي، انهن جي زندگي ڇا آهي، ان سوال جي ساپيان ته انهن ڌڻين وٽ به نه هئي، جيڪي زندگي جي پاڇي پٺيان ڀڄي ڊڪي شايد ٿڪجي به پيا هئا پر وقت سان ويڙهاندي ڪري پاڻ کي حقيقتن جي خوابن ۾ هجڻ جي آٿت ڏئي رهيا هئا۔
    ان ڳوٺ جي پوڙهي عورت فاطمه سان ڳالهه ٻولهه دورن صرف هڪ سوال کانئس پڇيو ته اوهان جون خواهشون ڪهڙيون آهي؟ ان سوال جو جواب ورنائندي ان عورت چيو ته خواهش اسان کان ڪوهين ڏور پري آهي، اسان رڳو اميد جي ڇٽ جي گهمي رهيا آهين۔
    حقيقت ۾ زندگي گهارڻ لا ڪجهه سهولتن جوهجڻ ضروري هوندو آهي، جن ۾ اجهو، روزگار، پاڻي، صحت ۽ تعليم جون سهولتون ميسر هجڻ ضرور آهن۔ هن پوري ڳوٺ ۾ اجها ڪهڙي ريت اڏيل آهن ان جو ڏک صرف ڏسندڙن کي ٿيندو، ڪنڊي وڍي روزگار ڪندڙن کي مهانگائي جي روڳ رولي ڇڏيو آهي، پاڻي ۽ صحت جون وٽن ڪي به سهولتون موجود نه آهن، پاڻي حاصل ڪرڻ لا کين ڪيترائي ڪلوميٽر طئي ڪري سنڌو مان ڀرڻو پوندو آهي، يا ته ڪنهن ڪنڊ تي ڪٿي کين ڪو نلڪو ڏسڻ ۾ آيو ته انهن لا خوشي جو منظر پيدا ٿي ويندو آهي۔ صحت سنا لاڳاپيل کين ڪا به سهولت موجود نه آهي، جيڪڏهن ڪنهن ٻار کي بيماري جڪڙيو ته ان لا جياپي جي جنگ سان ويڙهه ڪرڻ گهڻو ڏکيو ٿي پوندو آهي۔ جيڪڏهن تعليم جي موضوع ته ڳالهه ڇڙندي اهو هڪ ڌار موضوع بڻجي ويندو۔
    ان ڳوٺ جي گهڻن رهواسين سان هر ڳالهه ته پرڀري ڳالهه بولهه ٿي، سندن پکا، رهڻي ڪهڻي جون واڳون ڏسندي رڳو اهو سوال ٿو ڪجي ته ڇا وس وارا اهڙي ماجرا کان اڻ واقف آهن يا اهڙين پٺتي پيل علائقن جي پرگهور لهڻ کان لنوائي رهيا آهن،،،،؟ وس وار ان سوال جو جواب ڏيڻ بداران عملي قدم کڻن ته سٺو سنوُڻ هوندو۔

    حفظ الله ڪاڪا
    قاسم آباد، حيدراباد
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: بي عنوان بڻيل زندگي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ۔!!!

    ان ڳوٺ جي پوڙهي عورت فاطمه سان ڳالهه ٻولهه دورن صرف هڪ سوال کانئس پڇيو ته اوهان جون خواهشون ڪهڙيون آهي؟ ان سوال جو جواب ورنائندي ان عورت چيو ته خواهش اسان کان ڪوهين ڏور پري آهي، اسان رڳو اميد جي ڇٽ جي گهمي رهيا آهين۔

    سائين حفظ الله ڪاڪا صاحب اوهان جو اکيون کوليندڙ ليک آهي۔۔۔

    ٽيڪنالاجي، سائنسي ۽ مشيني دور ۾ به اسان سنڌ جي رهائشين لاء هي سڀ سور ۔۔۔۔۔۔۔ ڪنهن در ڏيون دانهڙي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ حڪومت، سرڪاري ادارا، وس وارا، اين جي اوز ۔۔۔۔۔۔ ڪيڏيون دعوائون آهن پر پوء به سنڌ سورن ۾ آهي۔۔۔

    اسان به حڪومتي ادارن کي اها شڪايت ٿا ڪيون ته مهرباني ڪري هن طرف به ڌيان ڏيو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  3. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: بي عنوان بڻيل زندگي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ۔!!!

    بھترين ونڊ آھِي

    اسان به حڪومتي ادارن کي اها شڪايت ٿا ڪيون ته مهرباني ڪري هن طرف به ڌيان ڏيو ۔
     
  4. حفظ الله ڪاڪا

    حفظ الله ڪاڪا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2010
    تحريرون:
    54
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    358
    جواب: بي عنوان بڻيل زندگي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ۔!!!

    سليمان وساڻ سائين اوهان جي همت افزائي اسان کي تحقيقي منڊلن تائين گهمائڻ لا بي تاب ڪري ٿي۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  5. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: بي عنوان بڻيل زندگي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ۔!!!

    اسان جي محترم دوست حفظ الله ڪاڪا جو انداز تحرير ايترو ته گهراين سان ڀرپور هوندو آهي جو اکين مان لڙڪ بيٺي نه بيهندا آهن.
    مٿي بيان ڪيل ڪهاڻي به دوست حفظ الله جي اکين ڏٺي داستان لڳي ٿي ۽ ان داستان جو لکيل هڪ هڪ لفظ انهن ماڻهن جي حال جي منظر ڪشي ڪري رهيو آهي.
    جن ماڻهن جي لاءِ پاڻيءَ جو نلڪو ڏسڻ ۾ اچڻ هڪ خوشيءَ جو سبب بڻجي ٿو ته انهن جي لاءِ عام زماني جون خواهشون ڪوهين ڏور تعبير رکندڙ خوابن جي برابر هونديون.
    افسوس ان ڳالهه جو آهي ته حڪمران سندن سياسي جوڙ توڙ ۾ مصروف آهن ۽ پر غريب عوام جي حالت هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ خراب کان خراب کان خراب تر ٿيندي وڃي ٿي.

    ادا حفظ الله ڪاڪا جا لک لائق جو هنن اهڙي اهم ۽ ڏوکيندڙ ماڻهن ڏانهن ڌيان مرغوب ڪيو.



    دعا ۾ ياد.








    .
     
  6. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: بي عنوان بڻيل زندگي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ۔!!!

    اڄوڪي تعمير سنڌ ۾ ڇپيو ويو آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو