• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نوڪيا 500 مناسب قيمت ۽ گهڻا فيچر

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
نوڪيا 500 هڪ بهترين سيٽ آهي۔ انٽرنيٽ ريڊيو، وائس گائيڊيڊ انفرميشن، ٽچ اسڪرين، ايڇ ڊي وڊيو، 5 ميگا پڪسل آٽو فوڪس ڪيمرا، 2 جي بي انٽرنل ميمري، 32 جي بي ايڪسٽينڊايبل ميمري ڪارد سلاٽ، واڀ فاء ، 3 جي ۽ 5 کان 7 ڪلاڪ ٽاڪ ٽائيم۔ پاڪستاني مارڪيٽ ۾ 17 هزار کان 18 هزار تائين ملي وڃي ٿو۔


Nokia 500 Specification


Type : Operating System
Network : HSDPA 850, 900, 1700/2100, 1900, 2100 MHz, GSM 850, 900, 1800, 1900 MHz
Display Type : TFT Capacitive Touchscreen, 3.2 inch
CPU : 1GHz Processor
Memory : Internal 2GB, External 32 GB
Camera : 5 Megapixels
WLAN : Wi-Fi 802.11 b/g
Battery : BL-4U 1200mAh Li-Ion Standard battery
Weight : 93 grams

dpfxjl.jpg


il7Gro.jpg


ilBW7o.jpg


il7Ejg.jpg


ilCfdK.jpg


 
جواب: نوڪيا 500 مناسب قيمت ۽ گهڻا فيچر

سليمان صاحب اسان اوقات مطابق اھا مناسب قيمت نه آھي
 
جواب: نوڪيا 500 مناسب قيمت ۽ گهڻا فيچر

جيستائين ڳالھ اگر اوقات جي ڪجي ته اسان جي به ڳالھ ڳاٽي کان چڙھيل آھي...پر چوندا آھن شوق جو ڪو مُلھ ئي نه ٿيندو آھي.
شوق سٺا سيٽ رکڻ جو اسان کي به گھڻو ھو پر ڪراچي ۾ رھندا سٺا سيٽ کسجي ويا ان کان بعد دل نه چوندي آھي ته پنجن ھزارن کان مٿي ڪو سيٽ رکجي....سٺو سيٽ ھتي رکڻ جان جوبه خطرو آھي...برحال تمام بھترين سيٽ لڳو....
 
جواب: نوڪيا 500 مناسب قيمت ۽ گهڻا فيچر

واقعي سيٽ زبردست آهي پر ان جي قيمت کي ڏسي سوچيون ٿا قسطن تي موٽر سائيڪل وٺجي باقي اهو سيٽ نه وٺجي۔۔۔ هههههه
زبردست سيٽ آهي، ايتري قيمت ۾ هڪ ڀلو ليپ ٽاپ ساڳئي فنڪشنن سان اچي ويندو۔۔۔
 
جواب: نوڪيا 500 مناسب قيمت ۽ گهڻا فيچر

جيستائين ڳالھ اگر اوقات جي ڪجي ته اسان جي به ڳالھ ڳاٽي کان چڙھيل آھي...پر چوندا آھن شوق جو ڪو مُلھ ئي نه ٿيندو آھي.
شوق سٺا سيٽ رکڻ جو اسان کي به گھڻو ھو پر ڪراچي ۾ رھندا سٺا سيٽ کسجي ويا ان کان بعد دل نه چوندي آھي ته پنجن ھزارن کان مٿي ڪو سيٽ رکجي....سٺو سيٽ ھتي رکڻ جان جوبه خطرو آھي...برحال تمام بھترين سيٽ لڳو....

بلڪل صحيح ٿا چئو۔ ادا هتي سٺو سيٽ جان جو خطرو آهي۔ ٻيو ته هر شئي جو مزو انهي جي استعمال ۾ آهي۔ انترنيٽ جو مزو ڪمپيوٽر سان ئي آهي۔ ڀلي ڪيڏو به سٺو موبائيل هجي پر نيٽ جو مزو نه ڏيندو جيڪو ڪمپيوٽر ۾ آهي۔ ايئن ئي ميزڪ جو مزو ٽئپ يا سي دي پليئر سان آهي۔ بهتر آهي ته سادا سيٽ هجن جن مان صرف ڪال ڪرن ۽ ٻڌڻ جو ڪم وٺجي۔

باقي اهڙي سيٽ لاءِ ته پنهجي گاڏي به هجي جنهن ۾ اهو کڻي سفر ڪري سگهجي۔
 
جواب: نوڪيا 500 مناسب قيمت ۽ گهڻا فيچر

پئسا واقعي جام آهن پر شي به موچاري آهي۔ ليپ ٽاپ، موٽرسائيڪل وغيره جي پنهنجي گهرج آهي پر جنهن کي سٺا موبائيل رکڻ جو شوق آهي ان لا هي موبائيل سٺو آهي باقي ادا حفيظ جي ڳالهه ته موبائيل تي ڪال وصول ڪرڻ ۽ ڪال ڪرڻ جو ڪم ڪجي ته اهو ضروري ناهي، لازمي ناهي ته ڪئيمرا الڳ رکجي، ٽيپ الڳ رکجي، ليپ ٽاپ الڳ رکجي ۽ ريڊيو الڳ رکجي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سڀني فنڪشنن سان هي زبردست موبائيل آهي
باقي حقيقت هي به آهي پسند اپني اپني ، نصيب اپنا اپنا
 
Back
Top