• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

حسرتون رهجي ويون - شاعري (سيف مگسي)

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
ڊاڪٽر سيف مگسي پيشي جي لحاظ کان هڪ ڊاڪٽر آهي پر ان سان گڏ سٺي شاعري پڻ ڪئي اٿس۔ سندس هي ڪتاب ”حسرتون رهجي ويون “ جنهن ۾ غزل ، وايون، نظم، چئو سٽا شامل آهن۔

ڪجهه ڪتاب بابت:

سيف منهنجو ڪلاس فيلو رهيو آهي، ان ڪري مان کيس ذاتي طور به سڃاڻان، سيف منهنجو ادب فيلو به آهي ان ڪري مان کيس تخليقي طور به سڃاڻان، سيف منهنجو هم عمر آهي ان ڪري مان سندس جذبن ۽ ڪيفيتن کان به واقف آهيان پر......سيف شاعر آهي ۽ مان شاعري کان اڻ واقف آهيان ! غزل گيت ڇا آهي!؟ وائي ڪافي ڪيئن سرجي ويندي آهي!؟ نظم هائيڪو ڇا کي ٿو چئجي!؟ ان شين جو فن آرٽ منهنجي سوچ سمجهه کان مٿي آهي. مان ٻار آهيان ۽ شاعري آسمان! ان آسمان ڏانهن ڏسان ٿو، مون کي چمڪندڙ ستارن ۾ سيف به نظر اچي ٿو ۽ سيف سان گڏ ٻيا سنگتي به.....ان ڪري مون کي شاعري مان پنهنجائپ جي خوشبوءِ ايندي آهي!
1976-07-20 تي ڳوٺ مانجهي خان مگسي دوست علي روڊ نزد شهدادڪوٽ ۾ جنم وٺندڙ سيف مگسي جي تعارف ۾ مان ڇا لکان. هن جو تعارف هن جي شاعري آهي. سندس شاعري ۾ اوهان کي جيتري سچائي، سادگي ۽ نماڻائپ ملندي هو ڪردار جو به اهڙو ئي سلڇڻو آهي. هن وٽ جيڪو اندر آهي اهو ئي ٻاهر آهي. سيف پنهنجي دل جي ڳالهه قلم جي زبان سان اوري ٿو! ان ڪري هو پنهنجي شاعري جيان ئي صاف سٿرو ۽ شرميلو آهي.
سيف هن وقت پنهنجي ڳوٺ مانجهي خان مگسي ۾ ڊاڪٽر آهي سندس شاعري پڙهندڙ دوست چون ٿا هو هڪ سٺو شاعر آهي پر ان جي ڳوٺ ۽ تر جا ماڻهو اها ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار ناهن هو چون ٿا ”سيف هڪ سٺو ڊاڪٽر آهي“! منهنجي خيال ۾ پڙهندڙ به صحيح آهن ته غلط هن جا ڳوٺاڻا به ڪو نه ٿا چون. هو واقعي سٺو ڊاڪٽر به آهي ته سٺو شاعر به...... ڊاڪٽري ۽ شاعري ٻئي ڏاڍا نازڪ نفيس ڪم آهن پر هن يار ٻنهي فيلڊن ۾ پاڻ ملهايو آهي، هو ڪيتري ئي عرصي کان غريب اٻوجهه ۽ بي پهچ مريضن جي علاج ڪرڻ واري مسيحائي ۾ مصروف آهي.
مان شاعر ناهيان ان ڪري سيف جي شاعري بابت ڌُڪا نه هڻندس، مون کي شاعريءَ جا وزن بحر به سمجهه ۾ ناهن ايندا . باقي اها حقيقت آهي ته سيف جي شاعري مون کي وڻندي آهي. ان ڪري نه ، جو هو منهنجو دوست آهي فقط ان ڪري جو هن جي شاعري ۾ مبهم خيالن وارو اجايو ميڪ اپ ٿاڦيل ناهي. هن پنهنجي ڪوتا ۾ طيالن جي اوڌر به ناهي کنئي، هن وٽ جهڙا تهڙا پنهنجا خيال آهن، هو پراوا محل ڏسي پنهنجي جهوپڙيءَ نه ٿو ڊاهي. هن جي اها سچائي ڏسي شايد ئي ڪو چوي ”سيف جي شاعري ۾ اثر ڪونهي“!
سيف جو هي پهريون ڪتاب آهي. اسان ۽ توهان جي سٺي موٽ يقينن هن جي ٻئي ڪتاب جو سبب بڻجندي ۽ مان توقع ٿو ڪريان سيف جي هن ڪتابي محنت جي موٽ ۾ توهان داد جي گلن جي ورکاءَ مٿس ضرور ڪندؤ، ڇو ته اسان ۽ توهان ڪنهن نئين لکندڙ جي جيڪڏهن ٻي ڪا مدد نه ٿا ڪري سگهون ته گهٽ ۾ گهٽ کيس ان پيار، پورهئي تي ايترو داد ۽ دعائون ڏيون جو هن جو من سدائين ان فخر سان ڀريل هجي ته منهنجي محنت رائيگان نه وئي ۽ مان جيئان ٿو دوستن جي دلين ۾!


(ڪتاب مان کنيل هڪ ٽڪڙو)

هن ڪتاب جي ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ محترم وفا گل محمد جمالي ڪئي آهي۔ جڏهن ته وائس آف سنڌ پاران ڊجيٽل بوڪ فارميٽ ۾ سندن ويب سائيٽ تي اپلوڊ ڪيل آهي۔

 
Back
Top