نئين ٽهي جي خوبصورت شاعر رضا بخاري کي جنم ڏڻ جون واڌايون

'جنم مبارڪ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏6 آگسٽ 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    سنڌ سلامت جي سموري ساٿ پاران نئين ٽهيء جي خوبصورت شاعر رضا بخاري کي جنم ڏڻ جون واڌايون هجن۔ لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ هي دوست فيسبوڪ تي گهڻو سرگرم هجڻ سان گڏ پختو شاعر آهي، خاص ڪري سندس غزل تمام گهڻو وڻندڙ هوندا آهن۔ ريڊيو لاڙڪاڻو تان احسان دانش سان گڏ ادبي پروگرام جا ٻانهن ٻيلي ۽ ساٿي ڪمپيئر طور پڻ ڪم ڪندا آهن۔

    رضا بخاريءَ جي خاص سڃاڻ سندس ننڍن وزنن تي لکيل غزل ۽ وايون آهن، جن ۾ نفيس احساس سمايل آهن. هن جي شاعريءَ ٿوري ئي وقت ۾ سٺي مقبوليت ماڻي ورتي آهي. سندس پورو نالو سيد علي رضا شاهه آهي. هُو 7 آگسٽ 1980ع تي، لاڙڪاڻي ۾، شاعر سيد مدد علي شاهه ’منظر‘ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. هن بِي.اَي. (پرائيويٽ) 2007ع ۾ سچل سرمست اورينٽئل اينڊ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان ڪئي آهي، ۽ 2007ع کان ڪمپيئر طور ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي ڪم ڪرڻ سميت، 2008ع کان بهبودِ آبادي کاتي لاڙڪاڻي ۾ سوشل موبلائيزر طور نوڪري ڪري رهيو آهي.

    رضا بخاريءَ کي شاعراڻو ماحول والد کان مليو، جنهن سندس رهنمائي ڪئي آهي. هُو 1995ع کان باقاعدي شاعري ڪري رهيو آهي جڏهن سندس پهريون غزل ماهوار ”نئين زندگي“ ۾ ڇپيو. هن شاعريءَ جي اڪثر صنفن ۾ لکيو آهي، نثر ۾ به ڪجهه ڪهاڻيون ۽ مضمون لکيا هئائين جن کان پاسائتو ٿي ويو آهي. سندس 3 شعري مجموعا :

    شاعري تنهنجو بدن“ (2004ع)
    ”هوا جي بانسري“ (2006ع) ۽
    ”چاندنيءَ جو آبشار“ (2011) ڇپيل آهن.

    رضا بخاري مختلف ادبي پروگرامن ۾شرڪت ڪندو رهندو آهي، خاص ڪنهن ادبي تنظيم سان لاڳاپو ڪو نه رکيو اٿائين. کيس ماهوار ”ساٿي“ رسالي پاران 2002ع ۾ ”ٻارن جو بهترين شاعر“ ايوارڊ ڏنو ويو، جڏهن ته ڪيترن ئي رسالن پاران مڃتا سرٽيفيڪيٽ مليا اٿس.
    _____


    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏7 آگسٽ 2014
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: نئين ٽهي جي خوبصورت شاعر رضا بخاري کي جنم ڏڻ جون واڌايون

    سائين جن جي شاعري کي مان ادنا...ڪا لفظن جي ڀيٽا نه ٿو ڏئي سگھان... سنڌ جي نوجوان پر خلوص.... محترم سائين رضا بخاري جن کي مون پاران جنم ڏينھن جو واڌايون... ڌڻيء در سائين جن جي لاءِ دعا

    [​IMG]
     
  3. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: نئين ٽهي جي خوبصورت شاعر رضا بخاري کي جنم ڏڻ جون واڌايون

    سائين سليمان صاحب جس لھڻو توھان جو سنڌ جي مھان شخصيتن جا جنم ڏينھن ياد ڪندا اچو، نه ته اسان کان ته اھي شخصيتون وسري وڃن۔ منھنجي طرفان به سائين راضا بخاري صاحب کي به دل جي گھراين سان جنم ڏڻ مبارڪ
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. بختاور ٽالپر

    بختاور ٽالپر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 فيبروري 2014
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    530
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    نئين ٽهي جي بهترين شاعر رضا بخاري کي نيڪ دعائون سان جنم ڏڻ جون واڌايون هجن
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    بهترين شاعرسائين رضا بخاري کي نيڪ دعائون سان جنم ڏڻ جون واڌايون هجن
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ذوالفقار علي انڍڙ

    ذوالفقار علي انڍڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 جون 2011
    تحريرون:
    31
    ورتل پسنديدگيون:
    45
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    ڌنڌو:
    فيڊرل گورنمنٽ ملازم
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد ڪراچي
    خوبصورت شاعر رضا بخاري کي جنم ڏڻ جون واڌايون
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو