عرس مبارڪ جي نسب سان صوفياڻي رنگ جو وڏو شاعر نواب فقير ولي محمد لغاري علي ٿهيم [JUSTIFY] سنڌ بزرگن اوليائن صوفين جي سر زمين آهي، نواب ولي محمد خان لغاري به هڪ اهم ۽ مشهور بزرگ آهي، نواب ولي محمد خان لغاري سنڌ جي اعلى پائي جي شاعرن ۾ شامل آهي، جنهن جي شهرت ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ مشهور آهي، نواب ولي محمد خان لغاري جي عرس جون 100 سالا تقريبون اڄ کان تاج پور ۾ شروع ٿي رهيون آهن، نواب فقير ولي محمد لغاري نواب احمد خان جو وڏو پٽ هو. 1836ع ۾ حيدرآباد شهر ۾ سندس ڏاڏي نواب ولي محمد خان لغاري (اول) پاران ٻڌايل ٽنڊو ولي محمد ۾ ڄائو هو. فقير نواب ولي محمد (شاني) پنهنجي والد نواب احمد خان جي نظر هيٺ هجرت ۽ سفر واري دور ۾ ٿي، انگريزن جي سنڌ تي قبضي بعد نواب احمد خان سنڌ ڇڏي سندن ٻئي فرزند ولي محمد خان ۽ بخش علي خان ساڻس گڏ رهيا، جڏهن ته نواب احمد خان سنڌ موٽي آيو ته هو موجوده سڪرنڊ لڳ پنهنجي جاگير مرزان پور ۾ مقيم ٿيو، ان وقت سندن وڏي صاحبزادي ولي محمد خان جي عمر 11 سال هئي، نواب ولي محمد مرزان پور ۾ تعليم جي شروعات ڪئي. نواب فقير ولي محمد جي عمر 34 سال هئي ته سندس والد نواب احمد خان 21 فيبروري 1870ع ۾ وفات ڪري ويا، وڏي فرزند جي حيثيت سان نواب ولي محمد (نواب) جي موروثي لقب سان پنهنجي والد جا جانشين ٿيا، پاڻ ننڍي هوندي کان ئي تنها پسند هئا، جاگير ۽ ٻيا معاملا هن پنهنجي ننڍي ڀاءُ بخش علي خان حوالي ڪيا، پاڻ فقيري ڏانهن مائل ٿي ويا، ڪجهه عرصي بعد مرزان پور واري زمين جي ڳچ حصي کي درياهه پائي ويو، مرزان پور کان 1883ع ۾ تاج پور جي نوابن جي خواهش تي هو مستقل سڪونت لاءِ تاج پور آيا، 40 سالن جي عمر ۾ پاڻ دنيا وي ڪاروبار بخش علي خان حوالي ڪري مڪمل فقير ٿي رنگ ۾ رنگجي ويا، کيس جواني کان موسيقي ۽ شاعري سان وڏو لڳاءُ هو، پاڻ شاعري سان گڏ ستار وڄائيندا هئا. ساڳي وقت صوم و صلوات جا پڻ پابند هئا، 54 سالن جي ڄمار ۾ پاڻ فقيري تاج پاتائون. نواب فقير ولي محمد سنڌي ڪلامن کي پنهنجي صوفياڻي خيالن جي اظهار جو ذريعو بڻايو، حاجي طاهر فقير يڪتاري وارو ۽ دائم فقير دلو وڄائيندڙ هر وقت سندن حاضري ۾ رهندا هئا ۽ سندن ڪلام ڳائيندا هئا، هو فنڪارن کي اول اميد علي شان جو ڪلام ڳائڻ لاءِ چوندا هئا، نصر پوءَ جو مشهور شاعر سيد مصري شاهه سندن وڏو صحبتي اڪثر اچي نواب ولي محمد وٽ مهمان ٿي رهندو هو، مصري شاهه هڪ ڪشتي تحفي طور فقير صاحب کي ڏني هئي، جيڪا اڄ به فقير صاحب جي اولاد وٽ پيل آهي. نواب فقير ولي محمد لغاري نرم طبيعت سنجيده سڀاءُ جو مالڪ هو، ٻاهر مجلس ۾ ايندو هو ته مٿي کٽ تي اوڪڙ وٿي اکيون ڍاري ويهندا هئا ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ائين ئي ويٺل رهندا هئا، آخري عمر ۾ هڪ ڀيري پاڻ محمد فقير کٽياڻ کي چيائون ته اسان جا صحبتي فقرا جدا جدا وقتن تي اچن ٿا، انهيءَ ڪري ڪا اهڙي تاريخ مقرر ڪريو، جنهن تي سڀ فقير هڪ ئي وقت اچي گڏ ٿين، محمد فقير کٽياڻ ۽ غلام حيدر خان ٻه تاريخون ستين ۽ ٻارهين تجويز ڪيون، ان سان گڏ فقير صاحب کان سندن رايو پڇيو، فقير صاحب چوٿين تاريخ جي راءِ ڏني، جنهن بعد فقرا جي اچڻ بعد هر 4 تاريخ تي فقراءَ وٽن تقريبن ڏيڍ سال ايندا رهيا، سال 1332ع 4 رمضان المبارڪ خميس ڏينهن فجر نماز جو وقت هو، فقير سڀ گڏ ٿيل هئا، جو سندن حياتي جو جام لبريز ٿي ويو ۽ سندن روح فاني جسم مان دارالبقا ڏانهن پرواز ڪري ويو، ان وقت سندن عمر اسي سال هئي، طالبن ۽ فقيرن، فقير نواب ولي محمد جو جنازو يڪتارن سازن ۽ آلاپن جي گونج ۾ سينگاري کنيو ۽ کين تاج پور شهر جي رستي لڳ سندن خانقاهه جي حد اندر دفنايو ويو، جتي اڄ سندن درگاهه موجود آهي. فقير صاحب سنڌي، سرائيڪي ۽ فارسي ۾ شاعري ڪئي، جهن جو ديوان ڪلام فقير نواب ولي محمد پڻ ڇپيل آهي.[/JUSTIFY] روزانه عوامي آواز تان ورتل
جواب: نواب فقير ولي محمد لغاري : صوفياڻي رنگ جو وڏو شاعر سائين وڏي مهرباني جو اوهان عظيم صوفي شاعر جو حوالو ڏنو،
جواب: نواب فقير ولي محمد لغاري : صوفياڻي رنگ جو وڏو شاعر سائين سنڌ صوفين جي سر زمين آهي اڃان به اهڙا کوڙ صوفي هوندا جيڪي منظر تي نه اچي سگهيا آهن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ توهان جي ڪوشش جي ڇا ڳالهه ڪجي۔۔۔ بهترين