روبينه ابڙو هر درد جي پڄاڻي، تنهنجي آسار تائين

عرس پريو

سينيئر رڪن
هر درد جي پڄاڻي، تنهنجي آسار تائين
هر گيت جي وراڻي، تنهنجي آ پيار تائين

مون پاڻ کي آ ڳولهيو، تنهنجي وجود اندر
تنهنجي نهار کان ٿي تنهنجي اُچار تائين

مون کان سوا تون ڇاهين، ڪجهه ڀي ته ڪين آهين
هر جيت تنهنجي قائم، منهنجي آ هار تائين

هي سوچ ٿي ڪري ڏس ڪيڏو سفر ڳهيلا!
ڌرتيءَ جي ڌوڙ کان ٿي اُڀ جي اڏار تائين

ڪنهن ڏينهن سوچ تنهنجي مون تائين ڀي ته ايندي
مان آسري ۾ جيئندس، تنهنجي شُمار تائين

اڳ پاڻ کي وڃائي، پوءِ پاڻ پائبو آ
ڏاڍو سفر ڏکيو آ، هستيءَ کان ڇار تائين

ڇا لئه ميار مون تي، ڇا لئه ميار مون تي
توکي هو مون ڏنو سڏ، تنهنجي پڪار تائين

( روبينه ابڙو)​

2hfnjix.jpg
[/center][/img]
 
جواب: هر درد جي پڄاڻي، تنهنجي آسار تائين

ڪنهن ڏينهن سوچ تنهنجي مون تائين ڀي ته ايندي
مان آسري ۾ جيئندس، تنهنجي شُمار تائين


محترمه روبينه ابڙو تمام سٺي ۽ پختي شاعره آهي۔ سندس لاجواب شاعري ونڊ ڪرڻ لاء مهربانيون۔
 
جواب: هر درد جي پڄاڻي، تنهنجي آسار تائين

مون کان سوا تون ڇاهين، ڪجهه ڀي ته ڪين آهين
هر جيت تنهنجي قائم، منهنجي آ هار تائين

بھترين شاعري ادي روبينه جي۔ ونڊ ڪرڻ لا لک لائق
 
Back
Top