• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سچل جي والد جي مزار تي ڪتبو لڳايو

عرس پريو

سينيئر رڪن
ڪاوش (5- آگسٽ 2011ع) ۾ سچل يادگار ڪميٽي خيرپور جي حوالي سان خبر شايع ٿي آهي، جنهن ۾ ڪميٽيءَ جي ميمبر قربان منگي، سچل سرمست جي والد جي مزار جي چبوتري تي اعتراض واريندي چيو آهي ته، چبوترو اهڙي نموني ٺاهيو ويو آهي جو سچل جي مقبري جي سونهن متاثر ٿئي ٿي، ته اها ڳالهه برابر درست آهي، ڇو ته مقبري ٺاهڻ وارن ان مزار تي چبوترو ان ڪري ئي نه ٺاهيو هوندو، جو مقبري جي سونهن کي ڌڪ رسندو. ان سلسلي ۾ اهو سوال به پيدا ٿئي ٿو ته مقبري جي ڀت سان لڳل سچل جي والد ميان صلاح الدين جي مزار کي مقبري ۾ ڇو نه آندو؟ وري پوءِ وارن سجاده نشينن ان تي مقبرو يا چبوترو ڇو نه جوڙايو؟ اگر اهو چبوترو ٺاهڻ ايترو ضروري هو ته پوءِ اهڙو ۽ ايترو ننڍو ٺهي ها، جو مقبري کي متاثر نه ڪري ها. هاڻي جڏهن ٺهي ويو آهي ته پوءِ ان تي ڪتبو به پراڻي لکت وارو هڻايو وڃي. الطاف اثيم1985ع ۾ پنهنجي تحقيقي مقالي ۾ سچل سرمست جي درگاهه ۾ لڳل ڪتبن جو تفصيل ڏنو هو، جيڪو بعد ۾ ”سرمست“ ۾ ڇپيو هو. الطاف اثيم مقالي ”درگاهه درازا جي مزارن جي ڪتبن جو جائزو“ ۾ لکيو آهي ته، ”درگاهه جي مکيه دروازي جي ساڄي پاسي ٻه مزارون آهن، جن ۾ قبي جي ديوار لڳ پهرين مزار سچل سائينءَ جي والد بزرگ وار سائين ميان صلاح الدين فاروقيءَ جي آهي، هن مزار تي ڪاشيءَ جو ڪم ٿيل آهي ۽ اڇي سر تي نيري رنگ سان عبارت لکيل آهي- ان ڪري سر تي نيري رنگ سان اهو ڪتبو لکرائي هڻايو وڃي، جيڪو هينئر ٽُٽِي چڪو آهي.
حزب الله آءِ سومرو/خيرپور
 
Back
Top