سرائيڪي صوبو ۽ ٻين صوبن جو مستقبل؟؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عمران درويش سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏7 آگسٽ 2011۔

  1. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    [FONT=&quot]سرائيڪي صوبو ۽ ٻين صوبن جو مستقبل؟؟[/FONT]

    [FONT=&quot]
    [/FONT]
    ”پاڪستان حالت جنگ ۾ آهي “ هي جملو وڏي عرصي کان ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي ۽ ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ به نه آهي. هن وقت پاڪستان ٻن جنگي حالتن کي منهن ڏئي رهيو آهي هڪ اها جنگ جيڪا پهاڙن ۾ دهشتگردن ۽ فوج جي وچ ۾ جاري آهي ۽ ٻئي جنگ جيڪا اسيمبلين ۽ سياسي اڳواڻن جي دماغن ۾ هلي رهي آهي. پر پ پ ۽ ن ليگ وچ ۾ هلندڙ جنگ ڪنهن حد تائين نتيجي خيز مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي. ٻنهي سياسي پارٽين جي وچ ۾ ٿيندڙ ڇڪتاڻ ۾ ڪشمير اليڪشن کان ڪجهه وقت اڳ کان تيز ڏسڻ ۾ آيا آهن پر گذريل ڪجهه هفتن دوران انهن اختلافن ۾ هڪ شدت واري صورتحال ڏسڻ ۾ پئي آئي. ان دوران پ پ ۽ ڪراچيءَ واري پارٽيءَ جي وچ ۾ پيدا ٿيل فاصلا به گهٽ ٿيندي نظر اچي رهيا آهن ۽ ان اهو امڪان يقيني صورت اختيار ڪري رهيو آهي. ايندڙ سال ۾ ٿيندڙ سينيٽ جون چونڊون هن وقت پ پ ۽ ن ليگ جي سياست جو محور آهن ۽ اهو ان لاءِ ته ملڪ جي جون تمام سياسي پارٽيون چاهي حڪومت ۾ شامل هجن يا نه، سينيٽ جي چونڊن جي باري ۾ ايتري ڇڪتاڻ نظر نه ٿي اچي جيتري حڪمران پارٽي ۽ ن ليگ جي وچ ۾ هلندر آهي. جيڪڏهن هن حڪومت جي موجودگيءَ ۾ سينيٽ جا اليڪشن ٿيا ته ملڪ ۾ پ پ جي حڪومت نه هوندي به قائم هوندي. ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ نه ٿو رهجي وڃي ته اهو سارو جهيڙو سينيٽ ۾ سيٽن جا نمبر آهن. ۽ موجوده حالت جي پيش نظر ن ليگ ڪڏهن به اهو نه چاهيندي ته پ پ کي سينيٽ ۾ اڪثريت ملي. اڃان اهو جهيڙو هلندڙ هيو ته ن ليگ پاران ملڪ ۾ تمام اسيمبلين مان سندن رڪنن جي استعفائن جو چتاءَ ڏسڻ ۾ آيو جيڪو ته پ پ حڪومت جي لاءِ پريشان ڪندڙ ڳالهه هئي. ڇا ڪاڻ ته ن ليگ جي استعيفائن کانپوءِ اسيمبلين ۾ ايترو خال پيدا ٿي ويندو جنهن جي سبب سينيٽ چونڊون ملتوي ٿي وينديون ۽ هر پاسي کان باءِ اليڪشن ڪرائڻ جي بدران عام چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو به سامهون اچي سگهي ٿو. هاڻي پ پ به ن ليگ کي ڪنهن اهڙي جواب ڏيڻ جي تيارين ۾ لڳي ويئي جنهن سان ن ليگ جي لاءِ هڪ نهايت ئي پريشان ڪندڙ حالات پيدا ٿي سگهندا. ۽ يقينن پ پ پاران به پنجاب کي ٽوڙي سرائيڪي صوبي ٺاهڻ جو مطالبو نه پر فيصلو سامهون آيو جنهن ۾ پ پ جا ٻانهن ٻيلي ق ليگ ۽ اي اين پي ٿيا آهن. ڪراچيءَ واري پارٽيءَ جو اڃان ڪوئي سڌو سئون موقف سامهون نه آيو آهي. سرائيڪي صوبي جي اعلان تي ن ليگ جي پريشاني ان ڳالهه مان واضع ٿي رهي آهي ته هو ان فيصلي تي حڪومت جي نيت صاف نه هجڻ جو الزام هيو آهي. ن ليگ جي سربراه ميان نواز شريف سندس ڳالهه ٻولهه دوران هڪ جملو چيو جنهن جا اثر پاڪستان جي ايندڙ سياست تي ڪهڙا اثر پوندا اهو ته شايد هن وقت چئي نه ٿو سگهجي پر حالات جو اندازو ضرور لڳائي سگهجي ٿو. ميان نواز شريف چيو ته انتظامي بنياد تي سڄي پاڪستان ۾ صوبا ٺهڻ گهرجن!!. ميان صاحب جو بنيادي اشارو ڪيڏاهن هيو اهو ڪنهن کان به لڪل نه آهي. ڇا اهو مطالبو پختونخواهه کي ٽوڙي هزاره صوبو ٺاهڻ هيو؟ يا بلوچستان ۾ پٺاڻن واري آباديءَ کي الڳ صوبو ٺاهن ۽ آخرڪار رت جي لڪير آيل مطالبو يعني سنڌ کي تقسيم ڪري ڪراچيءَ کي الڳ صوبو ٺاهڻ جو هيو ؟؟ شايد اهي تمام!! پر خصوصا سنڌ ۾ ٻيو صوبوٺاهڻ.... ڇو ته جڏهن به پنجاب ونڊڻ جي ڳالهه آئي آهي ته ن ليگ جو جواب هميشه سنڌ کي ٽوڙي ٻه صوبا ڪرڻ جي مطالبي جي طور تي آيو آهي. ۽ سخت عوامي رد عمل کانپوءِ ترديد ڪئي ويئي آهي. ڪراچيءَ واري پارٽي ظاهري طور تي سنڌ جي تقسيم جي خلاف نظر اچي رهي آهي. پر صدر زرداريءَ جي مفاهمتي پاليسيءَ کانپوءِ ڪنهن جي به سياست تي اعتبار نه ٿو ڪري سگهجي ته هو سڀاڻي ڇا ٿي ڪري سگهي؟!. مطلب ته سياست به هاڻي سانڊي جيا رنگ تبديل ڪري رهي آهي. اڄ ڪائي سياسي پارٽي حڪومت کي جاگيردار، آمراڻي ، ظالماڻي حڪومت چئي ٿي ته اها ئي پارٽي سڀاڻي حڪومت ۾ به ويهي سگهي ٿي. ان مان اندازو لڳائجي ته هن وقت ڪنهن جو به سياسي موقف آخري موقف نه آهي. ۽ انهي سوچ جي پيش نظر سنڌ ۾ نئون صوبو ٺهڻ جي مطالب جو ختم ٿيڻ مشڪل نظر اچي رهيو آهي. ميان نواز شريف پاران انتظامي طور نوان صوبا ٺاهڻ جو مطالبو سامهون اچڻ کان پوءِ ان ڳالهه کان جي امڪان کي رد نه ٿو ڪري سگهجي ته سنڌ ۾ به ”انتظامي طور“ نوان صوبا ٺاهيا وڃن. اهي مطالبا ڪهڙي عوامي رد عمل کي جنم ڏيندا اهو ته ماضي جي تجربن مان واضع آهي. سرائيڪي صوبي جي خبرن کانپوءِ نواز ليگ جي اليڪشن واري سياست ۾ به هڪ نئون رخ ڏسڻ ۾ آيو آهي. حڪومت خلاف روز ايندڙ تقريرن جو سلسلو به بند ٿي ويو آهي. سرائيڪي صوبي ۾ مک ڪردار ق ليگ کي بڻايو ويو آهي ۽ اهو ئي سبب آهي ته نئين صوبي جي قرارداد ق ليگ جي ايم پي اي پيش ڪئي آهي. جنهن کي اسپيڪر پنجاب اسيمبلي قانوني انگن اکرن مطابق نه هجڻ کي بنياد بڻائيندي رد ڪري نا منظور جو ٺپو لڳائي ڇڏيو آهي. ان قرارداد جو ق ليگ جي رڪن پاران پيش ٿيڻ ۽ ان وقت ئي رد ٿيڻ بنيادي اختلافن جي عڪاسي ڪري رهيو آهي. ۽ مستقبل ۾ به هڪ وڏي سياسي محاذ جو سبب بڻجي سگهي ٿي.

    عمران درويش سومرو
    .


    عمران درويش سومرو
    I_darvesh@yahoo.com


    روزاني هلال پاڪستان
    [​IMG]

    روزاني پاڪ

    [​IMG]







    دعا ۾ ياد










    .
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سرائيڪي صوبو ۽ ٻين صوبن جو مستقبل؟؟

    سهڻا سائين درويش اوهانجا انديشا بلڪل صحيح آهن ۔۔۔ بلڪ ڪم شروع ٿي ويو آهي، سنڌ کي انتظامي طور ٻن حصن ۾ ورهائڻ کانپوءِ ڳالهه صاف ٿي وئي آهي ۽ ايم ڪيو ايم پنهنجا مقصد حاصل ڪري ورتا آهن ۔۔۔۔ سنڌ ۾ اتنظامي فرق، اڳتي هلي زميني خودمختياريءَ ۾ تبديل ٿيڻ سولو ٿي پوندو ۔۔۔

    سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته نه پرائي پٽ کي هٿ لائجي نه پهنجو کٿو ڦاڙائجي ۔۔۔ پ پ پ جي موجوده قيادت عقل کان عاري ۽ سنڌ دشمنيءَ وارو ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۔۔۔ سنڌ هاڻ صرف لاڙڪاڻو ۽ دادو، خيرپور سکر، شڪارپور ۽ جيڪب آباد وڃي رهندي باقي سموري سامونڊي پٽي مهاجرن کي تحفي طور ڏني وئي آهي ۔۔۔۔ صرف زرداريءَ جي ٻه ساله حڪومت بچائڻ جي عيوض بلڪ نوابشاه کي به حيدرآباد سان ملايو ويو آهي ته جيئن مستقبل ۾ نوابشاه به مهاجر صوبي سان مليل رهي ۔۔۔

    باقي ماشاء الله سنڌ جا ماڻهون جهڙا ڀوڪ بصر ، ڍڳي جو ملهه هزار ڍڳو هر نه هلي ۔۔۔ الله واهي آهي هن قوم جو
     
  3. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: سرائيڪي صوبو ۽ ٻين صوبن جو مستقبل؟؟

    بلڪل صحيح ٿا فرمايو
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سرائيڪي صوبو ۽ ٻين صوبن جو مستقبل؟؟

    هي فيصلو ڏاڍو تباهه ڪن آهي ۽ سنڌين جا خدشا ۽ احتجاج پنهنجي جڳهه تي درست آهن، جيڪڏهن پيپلز پارٽي ان فيصلي تي قائم رهي ٿي ته سندس ووٽ بينڪ ٻين صوبن وانگر سنڌ ۾ به ختم ٿي ويندو۔۔ مان سمجهان ٿو ته زرداري ان پٺيان ڪو ٻيو اهڙو فيصلو ڪرڻ وارو آهي جيڪو ٿي سگهي ٿو سندس پارٽيءَ جي ووٽ بينڪ کي ٻيهر سگهارو ڪري۔۔۔ پر اهو مشڪل آهي، ڇو ته سنڌ ۾ رهندڙ سنڌي ڪهڙي به پارٽيءَ سان تعلق رکندا هجن انهن ۾ قومپرستيءَ جو جذبو ۽ عنصر شامل آهي ، انهن کي سگهارو ٿي گڏجي هن عمل جي نندا ڪرڻ گهرجي ۽ سنڌ ۾ لاڳو ٿيل هن غلط سرشتي کي ٻيهر صحيح ڪرڻ جو مطالبو مڃرائڻ گهرجي۔۔
    درويش سائين اوهان جي آرٽيڪل ۾ هميشه اسان جي لاءِ بهترين ڳالهيون ۽ نيون خبرون توڙي سوچون هونديون آهن، محنت جاري رکو ۽ سنڌ جي لاءِ سنجيده ڪالم رکڻ جي اوهان جي هن روايت کي اسان جو سلام هجي۔​
     
  5. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سرائيڪي صوبو ۽ ٻين صوبن جو مستقبل؟؟

    جنگ جنگ جنگ پيسي جي جنگ ڪرسيءَ جي جنگ....بس صرف جنگ.
     
  6. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سرائيڪي صوبو ۽ ٻين صوبن جو مستقبل؟؟

    سائين عمران صاحب توهان بلڪل سهي لکيو آهي

    هتي اسان وٽ صرف جنگ جي صورتحال اهي اها جنگ پئسي جي آهي ڪرسي جي آهي

    الله پاڪ پنهنجي پناه ۾ رکي ۽ پنهنجو رحم ڪري آمين


    آمين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو