• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

قرآن پاڪ پڙهو، ٻڌو ۽ سمجهو۔۔۔

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
ڀلاري مهيني رمضان ڪريم جي آمد سموري عالمِ اسلام لاءِ خوشي جو باعث آهي۔۔۔ هن مهيني کي ان ڪري به خاص اهميت حاصل آهي ته هن مهيني ۾ قران پاڪ جو نزول ٿيو۔۔۔
هن ڀلاري موقعي تي خاص طور اسان کي گهرجي ته قرآن پاڪ کي سمجهي پڙهون يا ٻڌون ۽ ان تي عمل ڪريو۔۔۔
سنڌ سلامت پنهنجي سمورن رڪنن کي هن مهيني اهميت کي ياد ڏيارڻ ۽ ان مان ڀرپور فائدو وٺڻ لاءِ پوري پوري ڪوشش ڪئي آهي۔۔ ان سلسلي ۾ هڪ وڌيڪ اضافو پڻ عمل ۾ آندو ويو آهي۔۔ هاڻي توهان سنڌ سلامت جي مرڪزي صفحي تي رهي ڪري قرآن پاڪ جي تلاوت ٻڌي به سگهو ٿا ۽ هر آيت جو سنڌي ۾ ترجمون پڻ پڙهي سگهو ٿا۔۔

33vln55.png

ڊيفالٽ طور تلاوت واري آواز کي بند رکيو ويو آهي پر اسپيڪر نما بٽڻ تي ڪلڪ ڪري آواز کي فعال ڪري سگهجي ٿو ۔۔۔ ان کانسواءِ سنڌي ترجمو جا لفظ ننڍا يا درست نه ڏسڻ ۾ اچڻ تي Don't close(moveout the mouse to show next versus لفظن اڳيان موجود چيڪ باڪس تي ڪلڪ ڪريو۔۔ جيڪو ڊيفالٽ طور لڳل هوندو آهي۔۔۔


سنڌ سلامت تي ايندڙ هن تبديلي کي توهان ڪيئن محسوس ڪري رهيا آهيو۔۔۔ ؟ توهان جي راين جو انتظار رهندو۔۔۔


سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: قرآن پاڪ پڙهو، ٻڌو ۽ سمجهو۔۔۔

توهان هن ڀلاڙي مهيني ۾ تمام سٺو ڪم ڪيو آهي جهڙوڪ سنڌ سلامت بوڪمار ڪليٽ،سنڌي قرآن ڳولا ۽ اڄ قرآن پڙهو،ٻڌو ۽ سمجهو
تمام سٺو
مهرباني
 
جواب: قرآن پاڪ پڙهو، ٻڌو ۽ سمجهو۔۔۔

تمام بهترين شيئرنگ

بيڪگرائونڊ ۾ قرآن پاڪ هلائي ٻيو ڪم ڪري رهيو هوس۔ تمام بهترين لڳو۔ رمضان ڪريم جي ڀلاري مهيني ۾ اوهان ڪجهه خاص ۽ نيڪ قسم جون شيئرنگ ڪيون آهن۔ اوهان جي اهڙي ڪم جو قدر ڪجي ٿو ۽ اوهان جي محنت ۽ ڪم تي اوهان کي داد ڏجي ٿو۔
 
جواب: قرآن پاڪ پڙهو، ٻڌو ۽ سمجهو۔۔۔

ادا رشيد جي مسلسل اڻٿڪ ڪوششن کانپوءِ سامهون ايندڙ هر نئون پروجيڪٽ سنڌ سلامت فورم تي چار نه پر چوڏهن چنڊ لڳائي ڇڏيندو آهي۔
هي تمام بهرين پوجيڪٽ آهي۔ اسانکي صبح صبح آفيس ۾ تلاوت هلائڻ جي لاءِ يوٽيوب جي مدد وٺڻي پوندي هئي جيڪڏهن ڪا وڏي سورت شريف هوندي هئي ته انجا پارٽ به ڳولڻا پوندا هئا۔
سنڌ سلامت جي هن انمول پروجيڪٽ کانپوءِ ڪنهن تلاوت ٻڌڻ نه صرف آسان ٿي ويو آهي پر سنڌ ترجمي سان ان کي سمجهڻ ۾ به ڪا مشڪل پيش نه پئي اچي۔
مان اهڙي انمول، لاجواب ۽ بي مثال پروجيڪٽ تي ادا رشيد کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو۔ ۽ سندس صحت برقرار رهڻ جي لاءِ رب پاڪ کان دعا ڪريان ٿو۔۔









دعا ۾ ياد
























۔
 
جواب: قرآن پاڪ پڙهو، ٻڌو ۽ سمجهو۔۔۔

جزاڪم الله خيرا سائين تمام بهترين پروجيڪٽن پيش ڪرڻ تي هي عاجز به توهان کي مبارڪباد پيش ڪري ٿو ان سان گڏ اها دعا ته شال سلامت رهو۔
 
جواب: قرآن پاڪ پڙهو، ٻڌو ۽ سمجهو۔۔۔

ماشاءَ الله تمام بهترين ڪم ڪيو اٿو سائين لا جواب نيٽ تي ڪم ڪندي تلاوت به ٻڌان پيو، ڏاڍو سڪون ملي ٿو، ڌڻي اوهان اسان کي به زندگي ۽ آخرت جو سڪون نصيب ڪري، ۽ هن مهيني جو قدر نصيب ڪندي هن مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ جي توفيق ڏي۔
 
Back
Top