• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هڪ عجيب زبان

ابو زين

سينيئر رڪن
السلام عليڪم

دوستو، نيٽ گردي ڪندي معلوم ٿيو ته جيئن اسان جي سٻاجهڙي سنڌ جي ٻولي سنڌي ٻولي آهي. بالڪل ائين ئي هڪڙي ٻولي ”فلاڻي“ به آهي. فلاڻي ٻولي ٻڌڻ ۾ تمام دلچسپ آهي جيتوڻيڪ سمجهي ۾ نه ئي اچي.
ممڪن آهي، اسان جو ڪو دوست انهيءَ ”فلاڻي ٻوليءَ“ جو هنڌ ۽ ماڳ ٻڌائي سگهي.
ٿي سگهي ٿو هن ٻوليءَ جو اسڪرپٽ (رسم الخط) ڪو ٻيو هجي، البته مون کي جيڪا تحرير نظر آئي، اها انگريزيءَ ۾ لکيل آهي يا وري رومن انگريزيءَ ۾ لکي ويئي آهي.
بهرحال ”فلاڻي ٻوليءَ“ کي سنڌ سلامت فورم تي متعارف ڪرايان ٿو ۽ دوستن جي راين جو انتظار رهندو.

فلاڻي ٻوليءَ ۾ آڊيو هتان ٻڌو

فلاڻي ٻوليءَ ۾ تحرير هتان پڙهو

ڪمال آهي ڪنگ اسان جو ڪنگ اها ٻولي سمجهي نه سگهيو اها ٻولي اها ٻولي ته صفا سائين بلڪل صفا مان ڀي ڪونه سمجهي سگهيس۔​
 
سائين توهان هيءَ ٻولي نه سمجهي سگهيا، سو ائين ته ٿيڻو ئي هيو پر پاڻ وارو ڪنگ چوي ٿو ته هي موضوع هُن جي سمجهه کان ٻاهر آهي.....

انداز بیان گو کہ بہت شوخ نہیں ہے
شاید کہ ترے دل میں اتر جائے مری بات

سائين توهان هيءَ ٻولي نه سمجهي سگهيا، سو ائين ته ٿيڻو ئي هيو پر پاڻ وارو ڪنگ چوي ٿو ته هي موضوع هُن جي سمجهه کان ٻاهر آهي.....

انداز بیان گو کہ بہت شوخ نہیں ہے
شاید کہ ترے دل میں اتر جائے مری بات

بس ادا ابو زين بادشاهن جون ڳالهيون بادشاهه سمجهن اسان ته ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ موڳا مٽر آهيون ۽ ان ڳالهه جو اعتراف ڀي برملا ڪندا آهيون۔۔۔۔۔۔​
 
سائين توهان جي ٻولي آهي ئي اهڙي جو ان کي ڪو فقير ئي سمجهي سگهي ٿو:D توهان به ڇو ٿا بادشاهن ڏي وڃو فقيرن سان رابطي ۾ اچو ته توهان کي اهي ئي ٻڌائي سگهن ٿا ته اها ڪهڙي ٻولي آهي ۽ ڪهڙي سن ۾ تيار ڪئي وئي هئيshal judy hujeen

sindhsalamatsaathsal
 
جواب: هڪ عجيب زبان

اها زبان مغربي آفريڪا جي ملڪن جهڙوڪ سينگال، زيمبيا، گني، ڪيمرون ۽ سوڊان جي ڪجھ علائقن ۾ ڳالهائي ويندي آهي۔ جنهن کي انگريزي ۾ فولاني (Fulani) ۽ عربي فلت ۽ فلارته چئبو آهي۔ هن ٻولي جي ڳالهائيندڙن کي فلا Fula People چيو ويندو آهي۔اسلام جڏهن آفريڪا ۾ پکڙيو ته فولاني ماڻهو مسلمان ٿيا۔ هي ننڍڙن ننڍڙن گروهن جي شڪل ۾ مٿي ڏنل ملڪن ۾ رهيل آهن۔ان کان علاوه هو آفريڪا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ پڻ موجود آهن۔ هن ٻولي جي ڳالهائيندڙن جو گھڻو تعداد گني ۾آهي۔ جتي هو ڪل آبادي جو چاليه سيڪڙو آهن۔هي گھڻو مالوندا ماڻهو آهن۔ هن جي ڪرت ڍڳا، رڍون ۽ ٻڪريون پالڻ آهي۔ هنن ماڻهن جي عروج جو دور 18،17 ۽ 19 صدي آهي جڏهن هنن فلاني خلافت جو آغاز ٿيو۔ جنهن کي سوڪوٽو بادشاهت سڏيو ويندو آهي۔ هن اسلامي خلافت جي شروعات 18 صدي ۾ نائيجيريا کان ٿي ۽ تقريبن اڌ آفريڪا هن خلافت جي هيٺ اچي ويو۔ يورپين جي اچڻ تائين هي آفريڪا جي تمام طاقتور خلافت هئي۔ هن جو باني سعد ابوبڪر هو۔

a5dt3k.jpg

jzitr4.jpg

2njyq0m.jpg
 
جواب: هڪ عجيب زبان

سائين ابوزين ۽ سائين ظفير احمد اوهان جي مهرباني جو اوهان ان ٻولي جي متعلق ڄاڻ ڏني۔
 
مختصر پر جامع معلومات فراهم ڪرڻ تي نهايت ٿورائتو آهيان. شال الله توهان کي خوش رکي.
 
Back
Top