[JUSTIFY]سنڌ سلامت جي سموري ساٿ پاران سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر ۽ پياري دوست محترم رسول بخش دائودپوٽو کي جنم ڏڻ جون واڌايون هجن۔ دائودپوٽو صاحب جي سوچ ترقي پسند ۽ سنڌ پرست رهي آهي۔ هو سٺي شاعري پڻ ڪندو آهي ۽ سنڌ سلامت جي سرگرم رڪنن مان هڪ آهي۔ اسان جي دعا آهي ته اسان جو هي دوست سدائين خوش رهي ۽ سنڌ پرستيء جي تبليغ ڪندو رهي۔[/JUSTIFY]
جواب: سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر ۽ دوست رسول بخش دائودپوٽو کي جنم ڏنيهن جون واڌايون اسان پاران به سائين جن کي جنم ڏينھن جو واڌايون
جواب: سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر ۽ دوست رسول بخش دائودپوٽو کي جنم ڏنيهن جون واڌايون سائين مون پاران دوست رسول بخش دائود پوٽو کي مبارڪباد هجي۔ دعا آهي ته رب پاڪ کيس سدا شاد ۽ آباد رکي ادا سليمان وساڻ جون به مهربانيون ياد ڏيارڻ جي لاءِ
جواب: سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر ۽ دوست رسول بخش دائودپوٽو کي جنم ڏنيهن جون واڌايون ادا واقعي توهان جهڙا دوست اسا سو هوندا آهن سچي ڏاڍي خوشي ٿي جڏهن توهان پيارن يارن مونکي ايڏو مان ڏنو ۔۔۔۔لفظ نه آهن جو موٽ ۾ آ چوان دل ئي دل ۾خوش پيو ٿيان توهان کي اها ڪيئن خبر پئي ته اڄ منهنجو ڄمڻ ڏينهن آهي ۔۔۔۔۔ ان شي ته حيرت ۾ وجهي ڇڏيو وري مٿان ايڏو دوستن سڀني شيئر ڪيو واقعي پوئين پيڙا مان آ نڪري آيس جنهن جي جهوري وڌو هو يعني گذريل سال اسان ٻوڏ جي ٻک ۾ هئا سين ۔۔۔۔۔۽ اڄ توهان دوستن ته ايڏو خوش ڪيو جو تمام گهڻو خوشي ٿي پئي۔۔۔۔توهان جا قرب مهربانيون ياد رهنديون ساه سان ويساه سان۔۔۔۔
جواب: سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر ۽ دوست رسول بخش دائودپوٽو کي جنم ڏنيهن جون واڌايون ادا دائود پوٽا صاحب ڌڻي اوهان کي هميشه سلامت رکي
جواب: سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر ۽ دوست رسول بخش دائودپوٽو کي جنم ڏنيهن جون واڌايون سائين مون پاران دوست رسول بخش دائود پوٽو کي مبارڪباد هجي۔ دعا آهي ته رب پاڪ کيس سدا شاد ۽ آباد رکي [/center][/img]
جواب: سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر ۽ دوست رسول بخش دائودپوٽو کي جنم ڏنيهن جون واڌايون محترم دائودپوٽه صاحب ۔۔۔۔۔۔۔۔ فيسبوڪ ۽ سنڌ سلامت جو ساٿ اهڙي قرب وارن دوستن تي مشتمل آهي جيڪي دوستن کي مان ڏيندا رهن ٿا۔ سنڌ سلامت اسان سڀني دوستن جي گڏيل محنت جو نتيجو آهي۔ گذريل سال جي ٻوڏ جا ڏک اوهان سميت سموري سنڌ کي آهن پر تازن سورن ته ڪجهه وڌيڪ ڏکارو ، جذباتي ڪيو آهي۔ خير اوهان جي جنم ڏينهن تي اسان اهي ئي دعائون گهريون هيون ته اوهان خوش هجو ۽ اميد آهي ته هڪ ڏينهن سنڌ سکي ۽ آباد هوندي۔