سنڌ جي سنڌياڻين کي سلام پيش ڪجي ٿو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عاشق سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏8 آگسٽ 2011۔

  1. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    [​IMG]

    سنڌ جي 6 غيرتمند نياڻين سنڌ کي انتظامي طور ٻن حصن ۾ ورهائڻ وارو فيصلو واپس نه وٺڻ جي صورت ۾ 14 آگسٽ تي شهيد بينظير ڀٽو جي مزار آڏو پاڻ ساڙڻ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته نياڻين پيپلز پارٽي جي مرد وفاقي وزيرن، سينيٽرن، ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي چوڙيون موڪلڻ جو اعلان ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ روزانه ڪاوش پاران سنڌ کي انتظامي طور ٻن حصن ۾ ورهائڻ واري فيصلي خلاف پاڻ ساڙڻ جو اعلان ڪندڙ نياڻين سان خاص ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، قاسم آباد جي وحدت ڪالوني جي رهواسڻ فرحانه راهو ڳالهائيندي چيو ته پيپلز پارٽي حڪومت پنهنجي اقتدار کي بچائڻ لاءِ سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي، جنهن عمل کي سنڌ جا غيرتمند پٽ ۽ نياڻيون ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندا، هن چيو ته سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ وارو فيصلو واپس نه ورتو ويو ته 14 آگسٽ تي شهيد بينظير ڀٽو جي مزار آڏو پاڻ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏينديس، هن چيو ته اسان نياڻين جي پاڻ ساڙڻ واري اعلان کانپوءِ شايد سنڌ جا غيرتمند پٽ ان فيصلي خلاف ٻاهر نڪرن، ڊاڪٽر بابر اعواڻ ۽ رحمان ملڪ سنڌ جي ورهاڱي واري ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيا آهن، مصباح قادري ۽ سندس ڀيڻ ماريا قادري ڳالهائيندي چيو ته سنڌ کي انتظامي طور ٻن حصن ۾ ورهائڻ واري فيصلي کي سنڌ جي هر باشعور نياڻي ۽ پٽ سنڌ خلاف سازش سمجهن ٿا، هنن چيو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ايم ڪيو ايم حوالي ڪيا ويا آهن ۽ اڳتي هلي هي نئين صوبي جي ڳالهه ڪندا، تنهن ڪري سنڌ جي ورهاست واري فيصلي کي قبول نه ڪيو ويندو، هنن چيو ته سنڌ ۾ هڪ ئي نظام هئڻ گهرجي، اسان ڄاڻايل سنڌ دشمن فيصلو واپس نه ٿيڻ جي صورت ۾ 14 آگسٽ تي شهيد بينظير ڀٽو جي مزار آڏو پاڻ کي ساڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي، هنن چيو ته ساڻن گڏ رخسانه راهو، افشان قادري ۽ گلناز پنهور پڻ فيصلو واپس نه وٺڻ جي صورت ۾ پاڻ ساڙڻ جو اعلان ڪيو آهي، واضح رهي ته سنڌ کي ٻن انتظامي حصن ۾ ورهائڻ واري فيصلي خلاف 14 آگسٽ تي پاڻ ساڙڻ جو اعلان ڪندڙ نياڻيون قاسم آباد جون رهواسي ۽ سندن سياسي گهراڻي سان تعلق آهي، پاڻ ساڙڻ جو اعلان ڪندڙ فرحانه راهو قاسم آباد جي وحدت ڪالوني واري علائقي جي رهواسڻ آهي، سندس ور ذوالفقار قادري سياسي ڪارڪن آهي، جڏهن ته افشان قادري قاسم آباد جي رهواسڻ آهي ۽ سندس والد بشير قادري رٽائرڊ سرڪاري آفيسر آهي، افشان قادري سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪمپيوٽر سائنس جي شاگردياڻي آهي، جڏهن ته سندس ڀيڻ مصباح قادري فائن آرٽ جي شاگردياڻي آهي.​
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ جي سنڌياڻين کي سلام پيش ڪجي ٿو

    سنڌ جي نياڻين ، سنڌ جي ڀينرن کي سلام آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سنڌي قوم کي سلام آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    مان اڄ به دعوى سان ٿو چوان ته هڪ وڏو يڪجهتي جو مظاهرو سنڌ جي سياست ۽ حڪومتي ايوانن ۾ تهلڪو مچائي ڇڏيندو۔ اڃان به مونکي ڪا منظم تحريڪ نظر ناهي آئي، اڃان به مونکي سنڌي گڏ ٿيندي نظر ناهن آيا، اڃان به مونکي سنڌي ستل نظر ٿا اچن۔ سنڌ جي آدمشماري ڪيتري وڏي آهي جي ان مان 10 فيصد ماڻهو به ٻاهر اچن ته پنهنجا فيصلا مڃرائڻ ۾ ڪامياب ويندا۔

    وقت هٿن مان ناهي نڪتو، سنڌ اڃان به اسان وٽ آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پر ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ انتظار ۾ ويٺل سنڌي جي اڃان به ڏسو ۽ انتظار ڪريو جي پاليسي جي انتظار ۾ هوندا ته پوء گهڻو نقصان ٿي ويندو۔ سنڌ جو پهريان ئي تمام گهڻو نقصان ٿي چڪو آهي۔

    سنڌ جي نياڻين ۽ انهن جوڌن کي سلام آهي جن پنهنجو سُک ڦِٽائي به سنڌين جي سُک لاء ايوانن جو سُک ڦِٽايو آهي۔
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌ جي سنڌياڻين کي سلام پيش ڪجي ٿو

    مونکي پنهنجا کپن ڪونه پراوا کپن
    سنڌي سُهڻا رُڳو مونکي ساوا کپن
    جن جي دل تي چٽو نالو سنڌ جو هُجي،
    ڀائر ڀيڻون ته سي سنڌ جا ڄاوا کپن (نثارناز)​
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ جي سنڌياڻين کي سلام پيش ڪجي ٿو

    حقيقت پڇو ته نياڻين جي ان سورهيائي واري اعلان اکين ۾ پاڻي آڻي ڇڏيو آهي، ضمير ۾ چهنڊڙيون آهن ۽ سر شرم کان جهڪي ويو آهي ته ڀائرن جي هوندي ڀينرون پنهنجا سر قربان ڪرڻ لا نڪتل آهن پر ڀائر الائجي ڪهڙي ننڊ ۾ ستل آهن ۔۔۔ هڪ طرف سنڌ امڙ ٻي طرف سنڌ جو ڀينرون ۽ ٽين طرف سنڌ جا ستل پٽ ۔۔۔ الله واهي آهي هن قوم جو ۔۔۔

    سنڌ سان ٿيندڙ ويساه گهاتين تي ٿيڻ ته هيئنن کپندو هو ته سنڌ جو ٻچو ٻچو پاڻ ساڙڻ ۽ پاڻ مارائڻ جو وچن ڪري ها ۽ سنڌي ڀينرن سان گڏ پاڻ ساڙڻ جو اعلان ڪري ها ۔۔۔ پر هن وقت آ سنڌ جي پٽن کي عرض ڪندس ته ان کان اڳ جو نياڻين جي سڙڻ جو وقت اچي وڃي، هو پاڻ ۾ اتحاد ڪري سنڌ جي حقن جي جنگ شروع ڪري ڏين ته جيئن آئينده ڪا به ڌي ڪا به سنڌ جي سورمي سنڌ جي پٽن کي شرمائي نه وجهي ۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  5. مدثر احمد چانڊيو

    مدثر احمد چانڊيو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2011
    تحريرون:
    9
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    اڪائونٽ مينجر سڪون ريسٽورينٽ نوابشاھ
    ماڳ:
    نواب شاھ سنڌ
    جواب: سنڌ جي سنڌياڻين کي سلام پيش ڪجي ٿو

    نياڻين جي ان سورهيائي واري اعلان اکين ۾ پاڻي آڻي ڇڏيو آهي، ضمير ۾ چهنڊڙيون آهن ۽ سر شرم کان جهڪي ويو آهي ته ڀائرن جي هوندي ڀينرون پنهنجا سر قربان ڪرڻ لا نڪتل آهن پر ڀائر الائجي ڪهڙي ننڊ ۾ ستل آهن ۔۔۔ هڪ طرف سنڌ امڙ ٻي طرف سنڌ جو ڀينرون ۽ ٽين طرف سنڌ جا ستل پٽ ۔۔۔ الله واهي آهي هن قوم جو ۔۔۔
     
  6. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: سنڌ جي سنڌياڻين کي سلام پيش ڪجي ٿو

    انھن سنڌ جي نياڻين کي سلام آهي جن پنهنجو سُک ڦِٽائي به سنڌين جي سُک لاء ايوانن جو سُک ڦِٽايو آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو