اسلام عليڪم دوستو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سنڌ سلامت جي سڄي سٿ کي سڪ ڀريو سلام قبول هجي۔ منهنجو نالو شيراز نظاماڻي آهي تعليم ايم ايس سي ايگريڪلچر سائنس ڊپارٽمينٽ پلانٽ پروٽيڪشن ۾ ٿيل آهي ادب جي لحاظ کان وفا شيراز نظاماڻي جي نالي سان سڃاڻپ آهي ۽ گڏوگڏ ايم ريڊيو 98 ميرپورخاص ۽ 91 ٽنڊو آدم تي ادبي شاعري پروگرام سنڌي توڙي اردو تي 3 سالن جو تجربو حاصل آهي انهي کان علاوه پراڻن ڳائڻن جهڙوڪه محمد رفيع، مڪيش انهن جي سدا بهار گيتن کي پنهنجي آواز ۾ ڳايو آهي ۽ سنڌ سلامت فورم تي معظم علي ۽ شاهزير نظاماڻي جي مشوري تي شامل ٿيو آهيان ۽ بي حد متاثر ٿيو آهيان سنڌ سلامت جي ويب سائيٽ تمام بهترين ۽ معلومات جو وسيلو آهي
جواب: آئون آهيان شيراز نظاماڻي؟ [JUSTIFY]محترم دوست وفا شيراز نظاماڻي صاحب اوهان کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي ڀليڪار ٿا ڪيون ۔۔ تمام گهڻي خوشي ٿي جو اوهان پنهنجي سنڌ سلامت فورم جا ساٿي بڻيا آهيو جيڪو اسان سڀني سنڌين جو گڏيل فورم آهي ۽ اها اميد ته اوهان سٺا ليک، بهترين شاعري ۽ نيون نيون ڳالهيون فورم تي شيئر ڪندا رهندا۔ ادا دوستن جون اهي مهربانيون آهن جيڪي سنڌ سلامت جي اوطاق تي به موجود آهن ۽ ان سان گڏ ٻين دوستن کي به سنڌ سلامت تي آڻن ٿا۔ سنڌ سلامت جو فورم اسان سڀني کي هڪجيترا موقعا فراهم ڪندو آهي جيئن اسان پنهنجا جذبا، پنهنجا احساس دوستن سان وند ڪري سگهون۔ اميد ته اوهان پنهنجي لکڻين سان فورم جي سونهن ۾ اضافو ڪندا رهندا ۽ اسان جو ساٿ اوهان سان هر دم گڏ هوندو۔ [/JUSTIFY]
جواب: آئون آهيان شيراز نظاماڻي؟ وفا شيراز نظاماڻي صاحب اوهان کي سنڌ سلامت فورم تي دلجي گهرائين سان ڀليڪار۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ توهان جي تعارف مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته توهان باذوق آهيو ۔۔۔۔۔ اميد ته سنڌ سلامت تي ساٿ سلامت رهندو [/center][/img]
جواب: آئون آهيان شيراز نظاماڻي؟ سهڻي دوست سليمان وساڻ ۽ عرس پريي جي شاندار آدرڀاءُ کان پوءِ ٻيا لفظ ته ناهن پر پوءِ به سنڌ جي سهڻي دوست شيراز نظاماڻيءِ کي دل جي گهراين مان ڀليڪار چئجي ٿي ۔۔۔ ادب، فن ۽ ريڊيو سان لاڳاپيل هي دوست سنڌ سلامت جو ساٿي ٿيو آهي، اها اسان دوستن جي خوشنصيبي چئبي ۔۔۔ سهڻا دوست شيرازي صاحب سنڌ سلامت جي اوطاق سنڌ دوستن جي اوطاق آهي، هن اوطاق جو نعرو آهي سنڌي ٻولي ۽ صرف سنڌي ٻولي، سنڌي ٻوليءَ کي دنيا جي ترقي يافته ٻولين سان ڪلهو ملائي هلائڻ لاءِ هن اوطاق جا مهندار دوست پاڻ پتوڙي رهيا آهن ۽ ڪوشش ٿي رهي آهي ته سنڌ سلامت جي اڱڻ تان پاڻ ملهائي سنڌ وطن جو قرض لاهي سگهجي ۔۔۔ اوهان دوستن مان به اميد آهي ته اوهان هن اوطاق سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي سنڌ ۽ سنڌيت جي خدمت ۾ اسانجي رهنمائي ڪندا ۔۔۔ سڄڻ آيا ڀلي آيا سهڻن جو سلامي ٿيان سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: آئون آهيان شيراز نظاماڻي؟ ادا اوهان کي انڱڻ تي ڀليڪار چئجي ٿو، پلس ۾ سنگت جا ٿورا جن اوهان کي هن اوطاق جو رستو ڏيکاريو...
جواب: آئون آهيان شيراز نظاماڻي؟ محترم دوست وفا شيراز نظاماڻي صاحب اوهان کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي ڀليڪار ٿا ڪيون ادا توهان کي هتي سکڻ ۽ سيکارڻ جو پورو پورو موقعو ملندو ادا وفا صاحب اسان کي اوهان جي لکڻين جو پڻ انتظار رهندو سدائين گڏ
جواب: آئون آهيان شيراز نظاماڻي؟ سائين اسان جي طرفان به اوهان کي دلي گهراين سان ڀليڪار انشاء الله اوهان کان وفا جا ٻول ٻڌنداسين۔ وسلام
جواب: آئون آهيان شيراز نظاماڻي؟ محترم دوست وفا شيراز نظاماڻي صاحب اوهان کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي ڀليڪار ٿا ڪيون