• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پهنجي فولڊر ۾ pop up Description ايڊ ڪيو۔

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ Doctor
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

Doctor

سينيئر رڪن
سنڌ سلامت جا پيارا پيارا ۽ مٺڙا ڀائرو اسلام عليڪم۔۔
هينئر جيڪا ٽپ مان توهان سان شئير ڪرڻ وارو آهيان اها آهي پهنجي فولڊر ۾ ڊسڪرپشن کي ايڊ ڪرڻ۔
ته دوستو اڪثر ٿيندو ايئن آهي جوتوهان اڪثر فولڊر ٺاهيندا آهيو ۽ ان ۾ فائلون به رکندا آهيو ۽ ڪجهه عرصي کانپو اسان کان وسري ويندو آهي ته ڪهڙي فائل ڪهڙي فولڊر ۾ رکي آهي يان وري ان فولڊر ۾ جيڪو پروگرام رکيل آهي اهو ڇاجو آهي۔پو ٿيندو ائين آهي جو اسان پهنجا سڀ فولڊر واري واري سان چيڪ ڪندا آهيون ته ان فولڊر ۾ ڪهڙي فائل رکيل آهي۔پر جيڪڏهن اسان انهن فولڊرن تي ڊسڪرپشن ايڊ ڪري ڇڏيون ته اسان جي اها پريشاني ڪافي حد تائين ختم ٿي سگهي ٿي۔پو صرف اسان کي ان فولڊر جي مٿان مائوس پوائنٽر کڻي وينداسين ته پاپ اپ ڊسڪرپشن ۾ اسان جي اها لکيل ٽپ نظر اچي ويندي۔جئن هيٺ تصوير ۾ نظر اچي رهيو آهي۔
2q2o0g9.jpg

1 سڀ کان پهرين پهنجي فولڊر تي رائيٽ ڪلڪ ڪري ان جي پراپرٽيز ۾ اچو۔
2mpd3yh.jpg

2 فولڊر پراپٽيز باڪس جڏهن کلي وڃي ته ان کانپو ڪسٽومائيز ٽيب تي ڪلڪ ڪري پو چينج آئيڪون تي ڪلڪ ڪريو۔
mlqji0.jpg

3 هاڻي پهنجي مرض جو ڪوئي به آئيڪون سليڪٽ ڪري اوڪي پريس ڪيو۔
153no9h.jpg

4 هاڻي توهان جي فولڊر ۾ Desktop.ini فائل ايڊ ٿي چڪي هوندي۔جهن ۾ توهان پهنجي فولڊر ۾ رکيل پروگرام جي باري ۾ ڊسڪرپشن لکندا۔اها فائل Hidden هوندي آهي ان کي ظاهر ڪرڻ لا فولڊر آپشن ۾ Show Hidden Files تي چيڪ لڳائي اوڪي ڪريو۔يا وري جنهن فولڊر جو آئيڪون چينج ڪيو هيوان کي اوپن ڪري پو مٿي ايڊريس بار ۾فولڊر جو نالو لکي انکانپوءِ Desktop.ini لکي انٽر ڪريو۔
5 توهان جيئن ئي انٽر پريس ڪندو ته Desktop.ini فائل کلي ويندي۔ هاڻي ان فائل جي آخر ۾هيءَ انٽري ايڊ ڪيو =Info Tip هاڻي ان "=" نشانيءَ کانپوءِ ڪائي به ڊسڪرپشن ٽيڪسٽ ايڊ ڪري فائل کي سيو ڪري ۽ بند ڪيو۔
2lc65b9.jpg

 
جواب: پهنجي فولڊر ۾ pop up Description ايڊ ڪيو۔

ٽپ بهتر لڳي۔۔ ڊاڪٽر صاحب جس لهڻي جو هڪ مشڪل ڳالهه کي تصويرن سان آسان بڻائي سيکاري رهيا آهن۔۔۔ جاري رکندا
 
جواب: پهنجي فولڊر ۾ pop up Description ايڊ ڪيو۔

ادا بهترين جاري رکجو ڊاڪٽر صاحب...
 
جواب: پهنجي فولڊر ۾ pop up Description ايڊ ڪيو۔

ادا توهان دوستن جي پسند ڪرڻ جي مهرباني

.....................................

ٽپ بهتر لڳي۔۔ ڊاڪٽر صاحب جس لهڻي جو هڪ مشڪل ڳالهه کي تصويرن سان آسان بڻائي سيکاري رهيا آهن۔۔۔ جاري رکندا

ادا رشيد پسند ڪرڻ جي مهرباني توهان دوستن جو ساٿ رهيو ته ضرور جاري رکبو۔
 
جواب: پهنجي فولڊر ۾ pop up Description ايڊ ڪيو۔

توهان جي هر نئين ٽپ وانگر هي به لا جواب ٽپ آهي ۽ تمام آسان طريقي سان سمجهايل آهي ۔ الله توهان کي شاد و آباد رکي۔
 
جواب: پهنجي فولڊر ۾ pop up Description ايڊ ڪيو۔

بهترين ٽپ آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مون سميت گهڻن دوستن لاء ڪارائتو ونڊ آهي۔
 
جواب: پهنجي فولڊر ۾ pop up Description ايڊ ڪيو۔

ڊاڪٽر توهان جي ڇا ڳالهه ڪجي، منهنجي نظر خاص طور تي توهان جي تحريرن تي هوندي آهي۔۔۔۔

زبردست شيئرنگ۔۔۔۔
 
جواب: پهنجي فولڊر ۾ pop up Description ايڊ ڪيو۔

ادا پسند ڪرڻ جي مهرباني

.....................................

سڀني دوستن جي پسند ڪرڻ جي مهرباني

.....................................

سڀني دوستن جي پسند ڪرڻ لا مهرباني
 
جواب: پهنجي فولڊر ۾ pop up Description ايڊ ڪيو۔

سڀني دوستن جي پسند ڪرڻ جي مهرباني
 
Back
Top