[JUSTIFY] سنڌ جاڳي پئي آهي هاڻي ليڊر گهرجي۔ ملڪي خبرون جيڪب آباد شهر۾ سنڌ نيشنل فرنٽ احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو، ڳڙهي خيرو منور خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيوويو. غوثپور شهر ۾ عوامي تحريڪ جي اڳواڻن احتجاجي مظاهرو ڪري وفاقي وزير بابر اعواڻ جي جنازي نماز پڙهي، پتلي کي باهه ڏني، شهر۾ مڪمل هڙتال رهي، ڪنڌڪوٽ شهر ۾ عوامي تحريڪ، جيئي سنڌ تحريڪ، ايس ٽي پي، جسقم جي ڪارڪنن ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻا هنيا، وفاقي وزير جي پتلي کي باهيون ڏئي ساڙيو ويو، ٺل ۾ مڪمل ڪاروبار بند رهيو، گوهر سنڌي ۽ روشن قمبراڻي جي اڳواڻي ڌرڻو هنيو ويو. ڪرم پور ۾ شٽر بند هڙتال رهي، جيئي سنڌ عوامي تحريڪ، سنڌياڻي تحريڪ، ايس ٽي پي جي ڪارڪنن ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو. قمبرشهر ۾ ڪاروبار مرڪز بند رهيا عوامي تحريڪ، ايس ٽي پي ۽ فرنٽ جي ڪارڪنن محسن چانڊيو، ڊاڪٽر نور الدين ڀٽو، جي ايم سانگاهه جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو، وڳڻ شهر ۾ جسقم طرفان مختيار پنهور جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪري هڙتال ڪرائي وئي، لعلو رائنڪ شهر ۾ خالد ٻگهيو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، وارهه شهر۾ ڪاروباري مرڪز بند رهيا، عوامي تحريڪ ۽ ايس ٽي پي جيئي سنڌ تحريڪ جي اڳواڻن احتجاجي مظاهرو ڪيو، نصير آباد ۾ عوامي تحريڪ، جيئي سنڌ، جسمم، پ ٽ الف، ايس يو پي ۽ شهري اتحاد جي ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، شهر ۾ مڪمل طور هڙتال رهي. شڪارپور ۾ جزوي طور هڙتال رهي، سميع بلالي سميت 3 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو. بدين شهر ۾ مڪمل طور شٽر بند هڙتال رهي، عوامي تحريڪ، جيئي سنڌ تحريڪ، جسقم، پ پ شهيد ڀٽو جي ڪارڪنن احتجاجي ريليون ڪڍيون. ملڪاڻي شريف ۾ عوامي تحريڪ ڪارڪنن ڊاڪٽر سورج، جئه شنڪر جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو، ڪڙيو گهنور ۾ عوامي تحريڪ ۽ جيئي سنڌ جي سڏ ڪاروبار بند رهيو، ڪارڪنن احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا. قاضي احمد ۾ عوامي تحريڪ، ايس ٽي پي، اين پ پ، جي ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، شهر ۾مڪمل طور تي شٽر بند هڙتال رهي، نظرپور ۾سياسي ڪارڪنن ٽائرن کي باهيون ڏئي مظاهرو ڪيو. شاهپور چاڪر ۾ عوامي تحريڪ، ايس ٽي پي، پ پ شهيد ڀٽو جي ڪارڪنن بابر اعواڻ جو علامتي جنازو ڪڍي پتلي کي باهه ڏئي ساڙيو، شهر ۾ مڪمل هڙتال رهي، سامارو روڊ شهر ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ڪوٽ غلام محمد شهر ۾ ڪاروباري مرڪز بند رهيا، عوامي تحريڪ، مزدور تحريڪ، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي اڳواڻ رسول بخش خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، ڪوٽڙي ڪبير ۾ عوامي تحريڪ ۽ فرنٽ جي ڪارڪنن قومي شاهراهه تي ٽائرن کي باهيون ڌرڻو هنيو، ٽريفڪ بند رهي. چوهڙ جمالي ۾ ڪاروبار بند رهيو، سياسي ڪارڪنن مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهيون ڏنيون، ماتلي ۾ عوامي تحريڪ، پ پ شهيد ڀٽو، جسقم، پيغام سنڌ جي ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهيون ڏنيون. گولاڙچي شهر ۾ شٽر بند هڙتال رهي، دولتپور صفن ۾ مڪمل طور هڙتال رهي، سياسي ڪارڪنن ڊاڪٽر شبير جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهروڪيو، دادو شهر ۾ ڪاروباري مرڪز، اسٽيشن روڊ، مڇي مارڪيٽ، نيو بس اسٽاپ، موبائل مارڪيٽ بند رهيا، عوامي تحريڪ، جيئي سنڌ تحريڪ، ادبي سنگت جي ڪارڪنن احتجاجي ريليون ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو، خيرپور ناٿن شاهه شهر ۾ عوامي تحريڪ، پ پ شهيد ڀٽو، جيئي سنڌ تحريڪ، جسقم، ايس ٽي پي جي ڪارڪنن شٽر بند هڙتال ڪرائي احتجاجي ڌرڻو هنيو، ڀان سيد آباد شهر ۾ مڪمل طور ڪاروبار بند رهيو، سن ۾ عوامي تحريڪ ۽ جيئي سنڌ تحريڪ جي ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، نيو سعيد آباد شهر ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ڪاروبار بند رهيو، جوهي ۾ عوامي تحريڪ، جيئي سنڌ تحريڪ جي ڪارڪنن ٽائرن کي باهيون ڏئي شٽر بند هڙتال ڪرائي،فريد آباد ۾ عوامي تحريڪ، جي يو آءِ، مزدور تحريڪ جي اڳواڻن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، شهر۾ ڪاروباري مرڪز بند رهيا، ميهڙ شهر ۾ عوامي تحريڪ ۽ سنڌ دوست رابطا ڪائونسل جي ڪارڪنن اڪبر کوکر جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو، راڌڻ ۾ ڪاروبار بند رهيو، سياسي سماجي ڪارڪنن ڪامريڊ شمن سولنگي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. . ٺٽو شهر ۾ ڪاروباري مرڪز بند رهيا، سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن احتجاجي جلوس ڪڍي ڌرڻو هنيو. ميرپور بٺورو ۾ شٽر بند هڙتال رهي، عوامي تحريڪ، جيئي سنڌ تحريڪ جي ڪارڪنن ٽائرن کي باهيون احتجاجي مظاهرو ڪيو. جهوڪ شريف، جنهاڻ سومرو ۾ ڪاروبار بند رهيو، ٽريفڪ روڊن تان غائب رهي، عوامي تحريڪ، جسقم ڪارڪنن احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، گهاري ۾ عوامي تحريڪ ۽ جيئي سنڌ تحريڪ جي ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهيون ڏنيون، شهر ۾ شٽر بند هڙتال رهي، نوابشاهه شهر ۾ ڪاروباري مرڪز بند رهيو. سياسي سماجي ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهيون ڏنيون جڏهن ته پوليس ۽ ڪارڪنن ۾ چڪريون پڻ ٿيون، ميرپورخاص ۾ مڪمل طور شٽر بند هڙتال رهي، ڊگهڙي شهر ۾ عوامي تحريڪ، ايس ٽي پي، جسقم جي ڪارڪنن انور نوحاڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، شهر جا ڪاروباري علائقا بند رهيا. ترائي شهر ۾ مڪمل طور شٽربند هڙتال رهي، عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪيو. ڪنري ۾مڪمل طور ڪاروبار بند رهيو، عوامي تحريڪ جسقم، جيئي سنڌ تحريڪ جي اڳواڻن مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهيون ڏنيون، مانجهند ۾ ڪاروبار بند رهيو.شهر ۾ ڪاروبار بند رهيو، پوليس سياسي ڪارڪن اسد پنهور کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪيو، جهڏو شهر ۾ عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي ڪارڪنن اياز کوسو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي. ڄام صاحب شهر ۾ عوامي تحريڪ ۽ ايس ٽي پي جي ڪارڪنن سيد جلال شاهه ۽ لال شر جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. عمرڪوٽ شهر ۾ شٽربند هڙتال رهي. سياسي سماجي ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. مٺي شهر ۾ شٽربند هڙتال رهي. عوامي تحريڪ، جيئي سنڌ محاذ، ايس ٽي پي، فرنٽ، پ پ شهيد ڀٽو جي ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. وفاقي وزير جو علامتي جنازو ڪڍي پتلي کي باهه ڏني وئي، اسلام ڪوٽ ۾ منور پرڪاش جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. شهدادپور ۾ مڪمل شٽر بند هڙتال رهي، ٽنڊو آدم ۾ جيئي سنڌ ۽ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهيون ڏنيون، ڪاروبار بند رهيو، هوڏانهن عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر اياز لطيف پليجي سنڌي عوام کي ڪامياب هڙتال ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته مشرف جي مارشل لا واري ناظمي نظام کي سنڌ جي عوام هڪ آواز ٿي ڀرپور احتجاج ڪري رد ڪري ڇڏيو آهي. اياز لطيف پليجي عوامي تحريڪ ۽ ان جي سمورن محاذن ۽ سنڌياڻي تحريڪ کي شاباس ڏيندي چيو آهي ته سنڌياڻي تحريڪ هڙتال کي ڪامياب ڪرڻ ۾ شاندار ڪردار ادا ڪيو آهي. اياز لطيف پليجي چيو آهي ته جيئن نبيل گبول، نواب يوسف ٽالپر، نواز چانڊيو، صفدر شاهه ۽ حميرا علواڻي سنڌ دشمن فيصلي خلاف پنهنجو ردِ عمل ظاهر ڪيو آهي ائين پ پ پ جي ٻين ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اياز لطيف پليجي چيو آهي ته سنڌ جا نيشنلسٽ ۽ وفاقي پارٽين جا سربراهه پنهنجي گهرن ۾ ويهي بيانن ۽ ڦوٽو سيشن ڪرڻ بدران عملي جدوجهد جي ميدان ۾ اچي عوامي تحريڪ سان گڏ بيهن. هن چيو ته تاريخ جي اک ڏسي پئي ته ڪهڙيون ڌريون آهن جيڪي عملي جدوجهد جي ميدان تي آهن، ۽ ڪهڙيون ڌريون آهن جيڪي گهر ويٺي فقط بيان بازي ڪري رهيون آهن. اياز لطيف پليجي ملڪ کان ٻاهر آمريڪا، برطانيه ۽ ٻين ملڪن ۾ ڪم ڪندڙ ورلڊ سنڌي ڪانگريس سميت ٻين سمورين سنڌي تنظيمن کي اپيل ڪئي آهي ته هو سنڌ تي ٿيل وار خلاف سڄي دنيا ۾ ڪو گڏيل ڏينهن ملهائين. اياز لطيف پليجي چيو آهي ته ڊڪٽيٽر مشرف جو ناظمي وارو نظام ختم ڪري ڪراچي کي پنجن ضلعن ۽ حيدرآباد کي اڳوڻي ضلعي جي حيثيت سان بحال ڪيو وڃي. اياز لطيف پليجي سنڌي ميڊيا خاص ڪري ڪي ٽي اين، سنڌ ٽي وي، آواز ٽي وي، مهراڻ ٽي وي، ڌرتي ٽي وي، ڪاوش، عبرت، عوامي آواز، ڪوشش، مقدمو، سڪار، شام، برسات، هلچل سوڀ ۽ سنڌ کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته هن ڏکين گهڙين ۾ هو سنڌ جي عوام سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي گڏ بيٺل آهن. اياز لطيف پليجي سنڌ جي سمورين بار ڪائونسلز ۽ وڪيلن جو پڻ ٿورو مڃيو آهي ته انهن ڪورٽون بند ڪري هڙتال جي حمايت ڪري وڪيل احتجاجن ۾ شامل ٿي ويا. اياز لطيف اسلام آباد جي صحافين کي پڻ مبارڪباد ڏني آهي جن هڙتال واري سڏ کي لبيڪ چوندي اسلام آباد ۾ احتجاج ڪيو آهي. اياز لطيف پليجي چيو آهي ته پيپلز پارٽي هن وقت سقراط ۾ آهي، سنڌ دشمن فيصلا واپس نه ورتا ويا ته پ پ پ کي لڳل آڪسيجن جي نلڪي سنڌ جو عوام ڪڍي ڇڏيندو. اياز لطيف پليجي چيو آهي ته پيپلز پارٽي دهشتگردن اڳيان هٿيار ڦٽا ڪرڻ وارو سلسلو بند ڪري. اياز لطيف پليجي مسلم ليگ فنڪشنل ، عوامي نيشنل پارٽي، مسلم ليگ نواز، تحريڪ انصاف، جي يو آءِ ۽ جماعت اسلامي کي چيو آهي ته هو سنڌ تي ٿيل حملي وقت واضح پاليسي بيان ڪن ته هو سنڌي ماڻهن سان گڏ آهن يا غدار حڪمرانن سان. اياز لطيف پليجي چيو آهي ته پُرامن سنڌي ماڻهن کي آزمايو نه وڃي نه ته ٻي صورت ۾ هڪ مهيني لاءِ هاءِ ويز بند هوندا. بشڪريه ڊيلي عبرت حيدرآباد [/JUSTIFY]
جواب: سنڌ جاڳي پئي آهي هاڻي ليڊر گهرجي۔ بالڪل سائين سنڌ جاڳي پئي اسان جي ڀر پاسي ۾ به شهر بند رهيا مورو ۾ مڪمل شٽر بند هڙتال رهي ليڪن اڃا به ڪافي ماڻهو ان ڳالهه کي سمجهي نه سگهيا آهن ته هي هڙتال ڇو ٿي ٿئي هنن جي خيال ۾ هي بس نوجوانن جو شوشو آهي ليڪن اهڙن ماڻهن کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته هي رڳو نوجوانن جي شوشو نه آهي بالڪل پوري سنڌي قوم جي جياپي جو مسئلو آهي ان اڻ ڄاڻائي ته سنڌي عوام کي پوئتي ڪيو آهي ان لاء ڪجهه پنهنجي علاقائي چينلن کي پڻ قومي فرض سمجهي ڪوريج ڏيڻ گهرجي۔ ته جيئن عوام ۾ شعور ۽ جذبو پيدا ٿئي۔
جواب: سنڌ جاڳي پئي آهي هاڻي ليڊر گهرجي۔ سائيناسان اوهان سان سهمت آهيون هاني اسان جي سنڌي چينلن جو فرض آهي ته اهي هن قومي جاڳرتا م اڳتي وڌن۔ وسلام
جواب: سنڌ جاڳي پئي آهي هاڻي ليڊر گهرجي۔ سهڻا دوستوَ! اسان سنڌين جي ان ناچاڪائيءَ ۽ ڇڙوڇڙ هجڻ جو فائدو همشه سنڌ دشمنن ورتو آهي ۔۔۔ سنڌي ماڻهون قومپرست آهن ۽ سنڌ سان پيار ڪن ٿا پر افسوس سنڌ ۾ پئدا ٿيندڙ اڳواڻ يا ته وفاق سان ملي سنڌ جي خلاف ڪم ڪنٿا يا وري جيڪي قومپرست اڳواڻ آهن سي سنڌين ۾ پنهنجو ڪردار واضح ڪرڻ ۾ ناڪامياب ويا آهن ۔۔۔ اميد آهي ته هن نئين صورتحال ۾ ڪو سهڻو اڳواڻ ۽ ڪا اهڙي منظم تحريڪ پئدا ٿي پوي جيڪا سنڌي جي حب الوطنيءَ جو پورائو ڪري سگهي ۔۔۔ اسان هر هڪ سنڌيءَ کي هاڻ پاڪستان ۾ ئي سهي ڪي اهڙا ماڻهون چونڊڻا پوندا جن کي آئينده ۽ مستقبل جون واڳون ملن ۽ هو سنڌ جي مالڪي ڪرڻ ۾ اڳڀرا ٿين ۔۔۔ قومي سجاڳي هميشه اڳواڻ پئدا ڪندي آهي ۔۔۔ قوم چاهي ته پنهنجن اڳواڻن جو احتساب ڪري سگهي ٿي ۔۔۔ سنڌي قوم کي هٿ ادب جا ٻڌي گذارش ڪجي ٿي ته هاڻ هو پاڻ مان اهڙا سچا نوجوان پئدا ڪري انهن جي پٺڀرائي ڪري کين پاڪستان جي ايوانن ۾ سنڌ جي آواز کي سگهارو ڪن ۔۔۔ اميدن تي جهان قائم آهي ۔۔۔ سچائي ۽ ايمانداريءَ سان وڏا وڏا مقصد حاصل ٿيندا آهن ۔۔۔ اچو ته پاڻ ۾ سچائي ۽ ايمانداري پئدا ڪريون ۽ ذاتي مفادن تي سنڌ جي مفادن کي اوليت ڏئي اڳتي وڌون ۔۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت