ڏاڏل شينو
سينيئر رڪن
ٻلي ٻوجهي کان ٻاهر اچي وئي۔
نواز ليگ طرفان سرائڪي، هزاره ۽ سنڌ ۾ نئين صوبي جي قيام جي حمايت
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) مسلم ليگ ن انتظامي بنيادن تي سرائڪي ۽ هزاره سميت سنڌ ۾ نئين صوبي جي قيام جي حمايت جو فيصلو ڪري ڇڏيو، ن ليگ مطالبو ڪيو آهي ته نون صوبن جي قيام لاءِ اپوزيشن جي مشوري سان قومي ڪميشن قائم ڪئي وڃي، مسلم ليگ ن جو اعليٰ سطحي اجواس ٿيو جنهن جي صدارت نواز شريف ڪئي، اجلاس ۾ راجا ظفر الحق جي سربراهي ۾ قائم 15 رڪني ڪميٽي نون صوبن جي قيام جي حوالي سان پنهنجون سفارشون پيش ڪيون جن ۾ ملڪ جي چئني صوبن ۾ انتظامي بنيادن تي نون صوبن ٺاهڻ جي حمايت بابت سفارشون پيش ڪيون، نواز ليگ پنهنجي اجلاس ۾ انهن سفارشن جي منظوري ڏني، اجلاس بابت جاري ڪيل پريس پڌرائي موجب اجلاس ۾ ان ڳالهه جي منظوري ڏني وئي ته ملڪ ۾ سرائڪي ۽ هزاره صوبي سميت سنڌ ۾ نون صوبن جي جتي به انتظامي طور تي ضرورت آهي اتي نوان صوبا ٺاهيا وڃن، نواز ليگ انهن جي حمايت ڪندي، اجلاس ۾ اها به گهر ڪئي وئي ته صوبن ۾ وسيلن جي ورڇ جي حوالي سان قومي ڪميشن جوڙڻ جي گهر ڪئي وئي ۽ اها ڪميشن مخالف ڌر جي اعتماد سان قائم ڪئي وڃي، نواز ليگ پنهنجي اجلاس ۾ سنڌ جي صورتحال تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي حۡڪمرانن پنهنجي اقتدار بچائڻ لاءِ سنڌ جي ورهاڱي ڪرڻ ۾ به دير نه ڪئي ۽ پاسو نه ڪيو.
بشڪريه عبرت