شهيد نذير عباسي : سنڌ جي تاريخ جو هڪ ارڏو ۽ نظرياتي ڪردار

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏9 آگسٽ 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    [​IMG]

    شهيد نذير عباسي : سنڌ جي تاريخ جو هڪ ارڏو ۽ نظرياتي ڪردار


    تحرير: محمد سليمان وساڻ


    گهوڙن ۽ گهوٽن جيئڻ ٿورا ڏينهڙا
    ڪڏهن منجهه ڪوٽن ڪڏهن راهي رڻ جا

    اڄوڪي ڏينهن 9 آگسٽ تي سنڌ جي ان شهيد جي ورسي جو ڏينهن آهي جنهن پنهنجي جان جو نذرانو ڏئي سنڌ جو ڳاٽ تاريخ جي ورقن ۾ اونچو ڪيو آهي. اصولن، آدرشن، پختي عزم ۽ مضبوط ارادن جي مالڪ کاٻي ڌر سان واسطو رکندڙ شهيد نذير عباسي ڦوهه جوانيء ۾ ضياء دور جي وحشي ۽ درنده صفت فوجن جي هٿان ٽارچر سيل ۾ تشدد سبب پنهنجي جان جو نذرانو ڏنو.

    عظيم ۽ بهادر اڳواڻ شهيد نذير عباسي جو جنم شهر ٽنڊو الهيار ۾ 10 اپريل 1953ع تي جان محمد عباسي جي گهر ۾ ٿيو. سندس 5 ڀينرون ۽ 5 ڀائر هئا. 2 ڀينرون ۽ هڪ ڀاءُ کانئس وڏا هئا. وچولي طبقي جي مذهبي گهراڻي سان واسطو رکندڙ نذير عباسي جي اها خاصيت هئي ته ڀائرن ۽ ڀينرن سميت اوڙي پاڙي جي رهواسين سان هڪ جيترو پيار ڪندڙ هو. مظلوم ماڻهن جي ڪمن ڪارين لاءِ ننڍپڻ کان ئي سرگرم هو. نذير عباسي اسڪول جي تقريبن ۾ ڀرپور حصو وٺندڙ هو ۽ اسڪائوٽ سندس محبوب وندر هئي. جڏهن ته ابتدائي زندگي ۾ روزي نماز جو پڻ پابند هو. نذير عباسي ننڍي هوندي کان ئي ذهين هوندو هو. هو ننڍي هوندي ئي شرارتي هجڻ سان گڏ سماجي ڪمن ۾ حصو وٺندو رهيو. سندس سخاوت ته ڏسو جو پنهنجا ڪتاب به غريب ٻارن کي پڙهڻ لاء ڏئي ڇڏيندو هو ۽ پاڻ گهروارن جا دڙڪا ۽ داٻا سهندو هو. هن يونيورسٽيء تائين تعليم حاصل ڪئي.

    شهيد نذير عباسي گهڻو محبت ڪندڙ حساس انسان هو. مانڌل شر پنهنجي هڪ ڪالم ۾ لکيو آهي ته هڪ دفعي شهيد نذير عباسي منهنجي ڳوٺ آيل هو ۽ ان وقت اسان جي ڳوٺ ڀرسان هرڻن جو شڪار به ٿيندو هو. سندس اچڻ جي خوشي ۾ اسان شڪار ڪيو ته هرڻ سان گڏ هن جو ٻچو به زخمي ٿي پيو ۽ سواء ان کي ذبح ڪرڻ جي ڪو چارو ڪون هو. تنهنڪري شڪارين ان کي سير ڏئي ڇڏي. جڏهن شهيد نذير آيو ۽ هن هرڻ جي ٻچي کي مئل ڏٺو ته ان جي ڪنڌ کي پنهنجي جهول ۾ جهلي ويهي رهيو ، سندس اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳا ۽ هو روئندو رهيو. رات جو شڪار ڪيل هرڻ کي پچائي جڏهن ماني جي دعوت کائڻ لڳاسون ته سڀني ماني کاڌي پر شهيد نذير عباسي ماني ڪانه کاڌي ۽ گهڻو افسرده رهيو. اهڙي حساس شخص کي ڪيئن وقت جي جابرن، برگيڊير امتياز جهڙن ظالمن چيچلائي چيچلائي تشدد ڪري سندس ساهه جون تندون ٽوڙيون.

    سياسي ۽ سماجي شعور اچڻ سان گڏ ئي هن ان وقت جي کاٻي ڌر جي ڪميونسٽ سياست کان متاثر ٿي مزدورن، پورهيتن ۽ مظلوم طبقي جي نمائندگي ڪرڻ شروع ڪئي. سياسي زندگي جو آغاز 68- 1967ع کان سنڌ جي قومي تحريڪن ۾ عملي طرح شموليت سان ڪيو ۽ بک هڙتالن تي ويهڻ لڳو . ان سان گڏ هن وقت جي جابر ۽ ظالم حڪمرانن خلاف هن نظام ۽ معاشرتي اڻ برابرين خلاف آواز اٿاريو. هو سدائين پنهنجي ساٿي ورڪرن جو هڏ ڏوکي رهيو ۽ سندن عزت، مان، احترام سان گڏ هنن سان بيحد محبت ڪندڙ شخص هو. سندس هڪ ڳالهه جيڪا اٽل هئي اها هئي سندس مظبوط ارادا ۽ سياسي پختگي. هن جي سياست جو محور غريب طبقو ۽ مظلوم ماڻهو رهيا. شهيد نذير عباسي 4 فيبروري 1978ع تي محرابپور شهر سان تعلق رکندڙ حميده گهانگهرو سان شادي ڪئي. 6 مئي 1979ع تي سندس ڌيء زرقا سندس پيار جي نشاني طور جنم ورتو.

    هن 1969ع ۾ ميونسپل ڪميٽي ٽنڊو الهيار ۾ پورهيتن جي پهرين ٽريڊ يونين رجسٽرڊ ڪرائي جنهن جو نالو يونائيٽيڊ ورڪرس يونين هو. هو ايم آر ڊي تحريڪ ۽ 1980 جي ڏهاڪي ۾ نوجوانن جو آئيڊيل ٿي سامهون آيو. هن کي ڪيئي دفعا جيل ۾ وڌو ويو پر پنهنجي ارادن ۽ مضبوط ذهني پختگي سبب پنهنجي منزل تان ڪونه ڀٽڪيو. ضياء مارشلائي دور ۾ هن تي ڪوئيٽا جي فوجي ڪئمپن ۾ سخت تشدد ڪيو ويو. شهيد نذير عباسي کي شهادت کان اڳ ڪراچي جي پاڪستاني ڪوارٽر واري علائقي ۾ هڪ جاءِ تي ڇاپو هڻي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي. جتان سندس ڪجهه ساٿي گرفتار ڪيا ويا پر نذير عباسي جاءِ کان ٻاهر هجڻ سبب بچي ويو پر فوري طور کيس هڪ بس ۾ سفر ڪرڻ دوران گرفتار ڪيو ويو. گرفتاري کان پوءِ ان جي آمر جنرل ضياءَ جي هدايتن تي مخصوص ٽارچر ڪيمپ ۾ مٿس ايترو ته ذهني ۽ جسماني تشدد ڪيو ويو جنهن سان هن جي روح جو پکي پرواز ڪري ويو. شهيد نذير عباسي اڪثر چاند ميري زمين ڦول ميرا وطن جهونگاريندو رهندو هو. اهڙي طرح هن پنهنجي گيتن کي ساڀيان ڪرڻ لاءِ پنهنجي حياتي وطن واسين لاءِ قربان ڪري هميشه امر ٿي ويو. شهيد نذير عباسي جي ٽارچر ڪيمپ ۾ شهادت کان پوءِ هڪ حساس اداري جي ماڻهن جي گاڏي ڪراچي جي گوليمار واري علائقي ۾ رهندڙ سندس ڀيڻوي محمد رمضان عباسي جي گهر ويجهو پهتي ۽ سندس پڇا ڪئي. محمد رمضان عباسي جي گهر ۾ موجود نه هجڻ تي ان جي ڀاءُ ولي محمد عباسي کي حساس اداري جا اهلڪار گاڏي ۾ وٺي هليا ويا. هنن ولي محمد عباسي کي ٽارچر ڪيمپ ۾ پيل 3 لاش ڏيکاريا. جن مان هڪ شهيد نذير عباسي جو هو. بعد ۾ حساس اداري جي اهلڪارن شهيد نذير عباسي جو سرد جسم ڪراچي جي سخي حسن واري قبرستان ۾ دفنائي ڇڏيو. سندس لاش ڪنهن ان ڄاتل قبر ۾ دفن ڪيو ويو جنهن جي خبر ڪنهن کي به ناهي.

    شهيد نذير عباسي اسان ۾ موجود ناهي پر سنڌ جي هن عظيم اڳواڻ کي سنڌ اڄ به سلام پئي ڪري ۽ سنڌ تي آيل تازين مصيبتن ۽ پنهنجن جي مليل زخمن تي اسان شهيد نذير جهڙي حوصلامند ۽ ارادي جي اٽل ماڻهن جي ڳولها ۾ آهيون. دنيا ۾ جيڪي ماڻهو مقصد خاطر پنهنجي جان جو نظرانو ڏيندا آهن، اهي مري به امر ٿي ويندا آهن. شهيد نذير عباسي به اهڙن عظيم انسانن مان هڪ هو.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏9 آگسٽ 2014
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. Doctor

    Doctor
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 جون 2009
    تحريرون:
    255
    ورتل پسنديدگيون:
    41
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    DOCTOR
    جواب: شهيد نذير عباسي : سنڌ جي تاريخ جو هڪ عظيم اڳواڻ

    خوشبو قيد ڪرڻ ٿو چاھين ؟
    نادان آھين ڀليل آھين
    سنڌ کي جيل ڪرڻ ٿو چاھين ؟
    نادان آھين ڀليل آھين
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: شهيد نذير عباسي : سنڌ جي تاريخ جو هڪ عظيم اڳواڻ

    سنڌ سان ڪيل ظلم ۽ زيادتين مان هڪ جبر ۽ ظلم هيو شهيد نذير عباسي جي شهادت ۔۔۔

    سنڌ کي ناز آهي اهڙن سپوتن تي ۔۔۔
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: شهيد نذير عباسي : سنڌ جي تاريخ جو هڪ عظيم اڳواڻ

    شهيد نذير عباسيءَ کي سرخ سلام ۔۔۔ سنڌ جو هي ڏاهو انسان هميشه هيٺئين طبقي جي خوشحالي لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو ۽ سنڌ جي آجپي واري جنگ جو سرواڻ رهيو ۔۔۔ ان پاداش ۾ کيس ڪيتريون ئي تڪليفون برداشت ڪندو رهيو پر سندس پير پوئتي نه ٿيا ۽ آخر پنهنجي رت سان ريج ڏئي سنڌ جي تاريخ ۾ پنهنجو نالو امر ڪري ويو ۔۔۔

    شهيد نذير عباسي جهڙن ڏاهن اڳواڻن جي سنڌ کي سخت ضرورت آهي ۔۔۔ رب کان دعا اهي ته سنڌ ۾ اهڙا ڏاها اڳواڻ پئدا ٿين ته سنڌ جي خودمختياري ۽ آزاديءَ واري راهه سڦل ٿي سگهي ۔۔۔

    اڄ نه اوطاقن ۾ سندي جوڳين ذات

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌ جي هن بهادر ٻچڙي کي اڄ سنڌ سندس شهادت واري ڏينهن سلام پيش ڪري رهي آهي۔

    ماڻهو ڪيئي ايندا آهن دنيا ۾، پر ڪي چند اهڙا هوندا آهن جيڪي مرڻ کانپوء به ماڻهن جي دلين تي نقش اڀاري ويندا آهن۔ شهيد نذير عباسي به انهن مان هڪ هيو۔

    اڪثر ماڻهو بعد مرڻ جي ياد نه ڪنهن کي ايندا هن
    پر ڪي ماڻهو تاريخن تي نقش اڀاري ويندا هن۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. مجيب سنڌي ڪورائي

    مجيب سنڌي ڪورائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2011
    تحريرون:
    285
    ورتل پسنديدگيون:
    298
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    سنڌ جي بهادر شهيد نذير عباسي کي سنڌ ۽ سنڌي ڪڏهن به نٿا وساري سگهن ۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    شهيد نذير عباسي جي ورسي تي سندس سار


    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    سنڌ ڌرتي جي چي گويرا کي عظيم ڀيٽا پيش ڪيون ٿا..اهڙآ عظيم نظرياتي ڪارڪن هاڻ ڳولهي به نٿا لڀجن بس سڀ ڀت کائو ڪارڪن ئي وڃي بچيا آهن.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي عوامي آواز ۾ ڇپيل

    [​IMG]
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    ڪنهن ڪنهن ماڻهونءَ منجھ اچي بوءِ بهار جي ، شهيد نذير عباسي به اهڙن مان هڪ هيو ، الله پاڪ سندس درجات بلند ڪري آمين
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. انجينئر

    انجينئر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏17 نومبر 2021
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    63
    شهيد نذير عباسي کي سرخ سلام
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو