عاشق سولنگي
سينيئر رڪن

حيدر آباد:جسقم ڪارڪن سنڌ جي ورهاڱي ۽ مشرف جي بلدياتي نظام خلاف وفاقي ۽ صوبائي وزيرن جي نالن وارا توا کڻي مظاهرو ڪري رهيا آهن

حيدرآباد: عوامي تحريڪ جا ڪارڪن بابر اعواڻ جو علامتي جنازو کڻي ريلي ڪڍي رهيا آهن

ڪراچي:قوم پرستن جي سڏ تي ڪاروبار بند پيل آهي،جڏهن ته رينجرز اهلڪار الرٽ بيٺل آهن

سنڌ ورهائڻ جي سازش خلاف قوم پرست پارٽين جا ڪارڪن ملير، گهوٽڪي، بلڙي شاهه ڪريم، خير محمد آريجا، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو الهيار، ڪرم پور، سامارو، ڀٽ شاهه، نئون ديرو، ڪنڊيارو ۽ نوشهري فيروز ۾ ڪاروبار بند ڪري احتجاجي مظاهرا ڪري رهيا آهن

حيدر آباد: سنڌ ورهائڻ جي سازش خلاف مظاهري ۾ سنڌياڻي تحريڪ جون ڪارڪن عورتون ڌرڻو هڻي ويٺل آهن

سنڌ ورهائڻ جي سازش ۽ ڪراچي ۽ حيدرآباد جي مشرف دور واري حيثيت ۾ بحالي خلاف جيئي سنڌ تحريڪ، عوامي تحريڪ ،ايس ٽي پي ، جسقم ۽ ٻين قوم پرست پارٽين جي سڏ تي ڪراچي،حيدرآباد،سکر،لاڙڪاڻي،بدين ۽ خيرپور ۾ مڪمل هڙتال نظر اچي رهي آهي، جڏهن ته ڪارڪن مظاهرو ڪري حڪومت خلاف نعري بازي ڪري رهيا آهن

حيدرآباد: عوامي تحريڪ ۽ ٻين پارٽين جا ڪاڪن ٽائر ساڙي پ پ خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن

بدين:سنڌياڻي تحريڪ جون ڪارڪن عورتون اسپيڪر فهميده مرزا جي آفيس تي توا ٽنگي رهيون آهن