• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جسقم پاران 14 آگسٽ غلامي جو ڪارو ڏينهن ڪري ملهائڻ جو اعلان، سنڌ غلام آهي: بشير قريشي

عاشق سولنگي

سينيئر رڪن
Bashir%20Qureshi.JPG

حيدرآباد/ مورو (رپورٽ: نعيم ملاح/ن ع آ) جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين بشير خان قريشي چيو آهي ته جنهن ڏينهن کان پاڪستان وجود ۾ آيو، ان ڏينهن کان سنڌ ڏکيا ڏينهن ڏسڻ شروع ڪيا آهن ۽ جيستائين پاڪستان رهندو، سنڌ ڏکيا ڏينهن ڏسندي رهندي، اسان شعوري طور پاڪستان کي سنڌ جو ضد سمجهون ٿا، جنهن ڪري 14 آگسٽ سنڌ جي تاريخ جو بدترين ڏينهن سمجهندي يوم غلامي تصور ڪري ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيون ٿا. اهڙو اعلان هن ڪالهه قاسم آباد ۾ جسقم جي ميڊيا سينٽر تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. بشير خان قريشي چيو ته سنڌ جا ماڻهو سمجهن ٿا ته سنڌ غلام آهي، جنهن کي طاقت جي زور تي هلايو پيو وڃي ۽ زبردستي ماحول پيدا ڪري، سنڌ جي تاريخ کي حصن ۾ ورهائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اهڙي عمل کي اسان سنڌ سان غداري سمجهون ٿا. هن چيو ته سنڌ کي انتظامي طور تي ورهائڻ جي شروعات ٿي چڪي آهي، جنهن کي سنڌ جي عوام مڪمل رد ڪيو آهي، ڌرتي ڌڻي سنڌ جي وحدت ۽ وجود خلاف ڪا به ڳالهه برداشت نه ڪندا. بشير خان قريشي چيو ته مشرف جي نظام کي ماڻهن ان وقت به رد ڪيو هو ۽ جسقم پڻ اهڙي فيصلي خلاف احتجاج ڪيا هئا، ڇو ته اهڙي فيصلي ذّريعي سياسي وڏيرا ۽ جاگيردار مقرر ڪيا ويا، جنهن کي اسلام آباد ۾ ڪنٽرول ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته اهڙي نظام کي اسان ون يونٽ جو ٻيون متبادل سمجهون ٿا. جسقم چيئرمين چيو ته سنڌي ماڻهن جو مسلسل دٻاءُ هو ته مشرف جو قانون ختم ڪيو وڃي، جنهن بعد پاڪستان پيپلز پارٽي ڪراچي کي ۵ ضلعن ۾ ورهائي، مشرف جي قانون کي ختم ڪيو ۽ پيپلز پارٽي وارن ريليون ڪڍيون، پر پيپلز پارٽي متفق ٿي بيهڻ وارن مان ناهي، ان ڳالهه جو اسان کي به گمان هيو. بشير خان قريشي چيو ته اردو ڳالهائيندڙ جيڪي پاڻ کي سنڌ جا مستقل باشنده سمجهن ٿا ۽ سنڌ کي ڌرتي ماءُ سمجهن ٿا، اهڙا اردو ڳالهائيندڙ اسان جا ڀائر آهن، انهن کي الڳ شهري جي تصور کان پرهيز ڪرڻ گهرجي، سنڌ تي جيترو حق اسان جو آهي، اترو ئي انهن جو آهي، پر پنجاب جي ايجنڊا آهي ته سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ پاڻ ۾ وڙهن، هن چيو ته تقسيم جون ڳالهيون ڪري سنڌ جي اصل درد ۽ تڪليف کان ڌيان هٽايو پيو وڃي، بشير خان قريشي اردو ڳالهائيندڙن کي اپيل ڪئي ته جي هو پاڻ کي سنڌين جو ڀاءُ سمجهن ٿا ته ڀائرن وانگر رهن ۽ سنڌ جي سلامتي لاءِ گڏجي ڪم ڪن. هن چيو ته جي ڪنهن جي به دماغ ۾ آهي ته هو سنڌ کي ٻه ٽڪرا ڪندا ته اهي احمقن جي جنت ۾ رهن ٿا. هن چيو ته اسان تشدد تي يقين نٿا رکون، هي امن جي ڌرتي آهي، اردو ڳالهائيندڙ امن جي ڌرتي تي ڀاءُ ٿي رهن، آقا ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪن. بشير خان قريشي چيو ته سنڌ جي ٽٽڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، پاڪستان کي ته جناح ٺاهيو، پر سنڌ کي خود خدا ٺاهيو آهي، ڪائنات جي وجود سان سنڌ جو وجود جڙيل آهي. هن چيو ته جنهن ڏينهن ڌرتي ڌڻين پنهنجي رد عمل جو اظهار ڪيو ته سنڌ کي تقسيم ڪندڙن جي خوش فهمي ختم ٿي ويندي، هو هٿيارن ۽ ميڊيا جي زور تي ڳالهائين ٿا، انهن اڃا سنڌ جي پٽن جون اکيون ڏٺيون ئي ناهن. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي بلدياتي نظام بابت ڪيل فيصلو سنڌي قوم جو گڏيل مسئلو آهي، پيپلز پارٽي تاريخي گناهه ڪيو آهي، ان مسئلي تي سڀئي قومپرست متحد آهن، شخصي ۽ انفرادي لائحه عمل بجاءِ گڏيل لائحه عمل جوڙيو ويندو. بشير خان قريشي چيو ته سائين جي ايم سيد ان بنياد تي ته پاڪستان ۾ شامل رياست جي آزادي ۽ خودمختياري برقرار رهندي تحت سنڌ کي پاڪستان ۾ شامل ڪرڻ جي ڪوشش ورتي، پر پاڪستان ۾ ٿيندڙ رياستن سنڌ، بلوچستان ۽ بنگال جي ڦر لٽ ڪئي وئي. هن ڌرتي ڌڻين کي اپيل ڪئي ته 14 آگسٽ تي گهرن جي مٿان ڪارا جهنڊا چاڙهي، ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌين، ان ڏينهن کي ڪارو ڏينهن ڪري ملهايو وڃي. پريس ڪانفرنس دوران ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، ڪيهر انصاري، ساگر حنيف بڙدي، نعيم مينڌرو به موجود هئا. موري ۾ سنڌ ٻولي جي پهرين شهيد عبدالرزاق سومري جي 38 ورسي جسقم بشير گروپ ۽ جسقم آريسر گروپ پاران الڳ الڳ ملهائي ويئي. ٻنهي ڌرين جي اڳواڻن شهيد جي مزار تي چادر چاڙهي. ورسي جي تقريب کي خطاب ڪندي جسقم چيئرمين بشير خان قريشي چيو ته شهيد تاريخن جا پير هوندا آهن ۽ زندهه قومون انهن پيرن تي هلندي آزادي ماڻينديون آهن. شهيد عبدالرزاق حيدرآباد جي وحدت ڪالوني ۾ پنجاب سامراج هٿان شهيد ٿيو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بقا خاطر پنهنجو سر قربان ڪيو. هن چيو ته جيترا حملا سنڌ ماءُ تي ٿيا آهن اوترا ئي حملا سنڌي ٻولي تي به ٿيا آهن، جن ماڻهن کي سنڌ ڌرتي پنهنجي جيءَ ۾ جايون ڏنيون. نانگ وارو وير به ان سان وڌو اٿن. جن جي منڍيءَ تي لت رکڻ جو وقت اچي ويو آهي. هن چيو ته 73 جي آئين ۾ سنڌي سڏائڻ تي 7 سال قيد جي سزا رکيل آهي، اهو آئين پيپلز پارٽي پاران ڏنل آئين آهي. هن چيو ته سنڌ هڪ ملڪ آهي ۽ آزادي اسان جو حق آهي. ڪراچي ۽ حيدرآباد کي ورهائڻ جي ڳالهه ڪندڙ اسان جي گهيري ۾ آهن. چوطرف سنڌي آباديون آهن. ڪجهه ماڻهو ماري دهشت ڦهلائڻ سان سنڌي هرگز ماٺ ڪري ڪو نه ويهندا. هن چيو ته پنج هزار سال پهريائين موئن جو دڙو سنڌي قوم جي تهذيب کي ظاهر ڪيو آهي. سنڌ تي وار ڪندڙن جون زبانون ڪٽي ڇڏينداسون، جنهن ڏينهن بل اسيمبلي مان پاس ڪرايو ويندو. ان ڏينهن لکين سنڌي سنڌ اسيمبلي جو گهيراءُ ڪندا ۽ ايم پي اي توڙي حڪومتي ميمبر اسيمبليءَ اندر داخل ٿي نه سگهندا. سنڌي نمائنده غيرت جو مظاهرو ڪندي استعيفائون ڏين. هن چيو ته ٽن ڏينهن جي اندر آرڊيننس واپس ورتو وڃي. ٻي صورت ۾ سنڌ جا سمورا رستا بند ڪيا ويندا ۽ سنڌ اسيمبلي جو گهيراءُ ڪيو ويندو. سينيئر وائيس چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته شهيد رزاق سومرو جي ايم سيد جو سچو قومي ڪارڪن هيو. هن چيو ته پيپلز پارٽي ۽ ق ليگ سنڌ مٿان عذاب بڻيل آهن. هن چيو ته سنڌ جو ليڊر سنڌي ٻولي جو چڱي طرح واقف هئڻ گهرجي مگر وري ٻيو عذاب بلاول ڀٽو زرداري آهي، جنهن کي سنڌي ۾ سنڌ لکڻ به نٿو اچي. آصف بالادي چيو ته هندستان جي سرزمين تان تڙجي آيلن کي سنڌي قوم پناهه ڏني ۽ پوشاڪ پائڻ سيکاري ۽ تعليم ڏياري، اهي سنڌ کي ورهائڻ جي ڳالهه ڪن ٿا.
عوامي آواز
 
جواب: جسقم پاران 14 آگسٽ غلامي جو ڪارو ڏينهن ڪري ملهائڻ جو اعلان، سنڌ غلام آهي: بشير

سنڌ سان ٿيندڙ زيادتن جو هاڻ ازالو ٿيڻ گهرجي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جيڪر اڄ ائين نه ٿيو ته ٻيو قومون اسانجي مٿان هاوي ٿي وينديون
 
Back
Top