سنڌ تي پيپلز پارٽي طرفان تازو ڪيل غداري تحت حملي ۾ سموري سنڌ پنهنجن جي غداري تي رت جا ڳوڙها روئي رهي آهي ۽ سموري سنڌ جي عوام جا ڏکايل جذبا سمجهندي سمورن قومپرستن پڻ احتجاجن ۽ ريلين جو سلسلو شروع ڪري ڏنو آهي۔۔۔ هتي ڪجهه اهڙا سنڌي يا غير سنڌي اهو سوال به اٿاري رهيا آهن ته سنڌ جا قومپرست ته پاڪستان کي تسليم ئي نه ٿا ڪن نه وري پاڪستان جي قانون کي ۔۔ پوءِ هو حڪمرانن طرفان سنڌ خلاف قانون آڻڻ تي احتجاج جو ڇو ڪري رهيا آهن۔۔۔؟ اهو ئي سوال اردو ٽي وي آج جي اينڪرز محترم اياز لطيف پليجو جن کان ڪيو۔۔۔ دوستن جي دلچسپي خاطر محترم اياز لطيف پليجو طرفان ڏنل جواب کي هتي وڊيو جي صورت ۾ لڳائجي ٿو۔۔ ته جئين قوپرستن جي موقف کي سمورن سنڌين اڳيان واضح ڪجي۔۔۔
جواب: پاڪستان جو قانون تسليم نه ڪرڻ باوجود قومپرستن طرفان قانون خلاف هڙتال ڇو؟ سائين پليجو صاحب جون ڳالهيون آهن ته تلخ پر سچائي تي مبني آهن مهرباني سائين ونڊ ڪرڻ جي سدائين گڌ
جواب: پاڪستان جو قانون تسليم نه ڪرڻ باوجود قومپرستن طرفان قانون خلاف هڙتال ڇو؟ سنڌ جو آواز اٿارڻ تي سائين اياز صاحب جن جا ٿورائتا آهيون، اوهان جي ونڊ وقتائتي ۽ لاجواب اسان سنڌين جي ضميرن کي جاڳائيندڙ آهي اوهان جي به مهرباني جادوگر سائين۔
جواب: پاڪستان جو قانون تسليم نه ڪرڻ باوجود قومپرستن طرفان قانون خلاف هڙتال ڇو؟ مون هي پروگرام ٻڌو هو ۔۔۔۔۔۔۔۔ اردو ميڊيا جو لهجو ۽ هنن جو انداز اسان لاء چڱو نظر نه آيو۔ باقي اياز لطيف پليجو مدلل ۽ وزن واريون ڳالهيون ڪيون۔
جواب: پاڪستان جو قانون تسليم نه ڪرڻ باوجود قومپرستن طرفان قانون خلاف هڙتال ڇو؟ انهن اينڪرز جو رويو اسان جي قيادت سان هميشه متعصبانه رهيو آهي، انهن کي سبق سيکارڻ جو وقت اچي ويو آهي۔۔۔
جواب: پاڪستان جو قانون تسليم نه ڪرڻ باوجود قومپرستن طرفان قانون خلاف هڙتال ڇو؟ ان ڏينهن ڪامران شاهد جو رويو به سنڌ جي لاء سّخت هيو ۔۔۔۔۔۔۔۔سماء وارا به اهڙو ئي رويو رکن ٿا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مونکي ائين محسوس ٿيندو آهي ته اردو ميڍيا وار سنڌين کي مائينر حيثيت ۾ رکندا آهن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هاڻي وقت اچي ويو آهي ته انهن کي ٻڌائجي ته سنڌ پاڪستان ٺاهيو۔۔۔۔۔۔۔۔ مهاجرن کي قوميت ڏني اهي سنڌين کي پرايو ڪرڻجي چڪر ۾ آهن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اهو ٿيڻ ڪڏهن به نه ڏبو
جواب: پاڪستان جو قانون تسليم نه ڪرڻ باوجود قومپرستن طرفان قانون خلاف هڙتال ڇو؟ مهرباني سائين ونڊ ڪرڻ جي
جواب: پاڪستان جو قانون تسليم نه ڪرڻ باوجود قومپرستن طرفان قانون خلاف هڙتال ڇو؟ اهي سنڌي جن پاڪستان ٺاهيو اهي ويچارا پنهنجو فرض پورو ڪري هليا ويا۔ موجوده نوجوان نسل ڏاڍي سست ۽ ڪاهل آهي۔ رڳو چڱي طرح نظريو پڙهي وٺن ته به ڪافي آهي۔ باقي هي جملو چوڻ ۾ سڀ تيز آهيون ته "هاڻي سجاڳ ٿيڻ جو وقت اچي ويو آهي۔ پر اصل حقيقت هي آهي ته وقت ڪافي اڳتي نڪري ويو آهي۔"