سنڌ تي پيپلز پارٽي طرفان تازو ڪيل غداري تحت حملي ۾ سموري سنڌ پنهنجن جي غداري تي رت جا ڳوڙها روئي رهي آهي ۽ سموري سنڌ جي عوام جا ڏکايل جذبا سمجهندي سمورن قومپرستن پڻ احتجاجن ۽ ريلين جو سلسلو شروع ڪري ڏنو آهي۔۔۔ هتي ڪجهه اهڙا سنڌي يا غير سنڌي اهو سوال به اٿاري رهيا آهن ته سنڌ جا قومپرست ته پاڪستان کي تسليم ئي نه ٿا ڪن نه وري پاڪستان جي قانون کي ۔۔ پوءِ هو حڪمرانن طرفان سنڌ خلاف قانون آڻڻ تي احتجاج جو ڇو ڪري رهيا آهن۔۔۔؟ اهو ئي سوال اردو ٽي وي آج جي اينڪرز محترم اياز لطيف پليجو جن کان ڪيو۔۔۔ دوستن جي دلچسپي خاطر محترم اياز لطيف پليجو طرفان ڏنل جواب کي هتي وڊيو جي صورت ۾ لڳائجي ٿو۔۔ ته جئين قوپرستن جي موقف کي سمورن سنڌين اڳيان واضح ڪجي۔۔۔