انسان جي محنت ۾ اها ڪرامت آهي جا مٽي مان اناج پيدا ڪري ٿي، ان مان باغ بستان، محل ماڙيون، قلم ڪتاب، ريل ۽ ريڊيا ٺهن ٿا۔۔۔۔ جنهن هن ڌرتي جي شڪل ۽ نقشو ڦيرائي ڇڏيو آهي۔۔۔۔
غلام پنهنجون صورتون بدلائيندي آهي، انسان ترقي ڪندو آهي، مگر غلامي صفا بند ڪانه ٿي آهي، زمينداري نظام به غلامي جي رسم جي هڪ صورت آهي ۽ هاري، زميندار جو غلام ٿي ڪري ڪم ڪري ٿو۔۔۔
انسان جيڪو هن دنيا ۾ هر ساهدار کان اوچي حيثيت رکي ٿو ۽ فطرت جو بادشاهه آهي، سو ڳئون ۽ ڀولي جي پوڄا ڪرڻ لڳو، ستي جي رسم سان انسان جي قتل کي مذهبي شان سمجهڻ لڳو، مسلمان وري پير پرستي، وهم پرستي، قبر پرستي ۽ بت پرستي جي رسمن جڪڙجي ويا۔۔۔