جادوئي ٽپ۔۔

'ڪمپيوٽنگ ٽپس' فورم ۾ Doctor طرفان آندل موضوعَ ‏10 آگسٽ 2011۔

  1. Doctor

    Doctor
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 جون 2009
    تحريرون:
    255
    ورتل پسنديدگيون:
    41
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    DOCTOR
    سنڌ سلامت جي دوستن کي ڊاڪٽر جو سلام،
    دوستو هيءَ ٽپ جيڪا مان توهان سان شيئر ڪري رهيو آهيان ان ٽپ کي جادوئي ٽپ به چئي سگهجي ٿو۔
    دوستو هيءَ ٽپ توهان پنهنجي ڪنهن دوست جي ڪمپيوٽر تي آزمائي ڏسجو۔ان کانپوءِ اهو توهان جو دوست توهان کي پنهنجي ڪمپيوٽر جو حال احوال پاڻ ئي ٻڌائيندو۔
    يان وري آفيس ۾ پنهنجي باس جي ڪمپيوٽر تي آزمائجو ان کانپو توهان جو اهو دوست يا توهان جو باس اوهان جو مريد ٿي ويندو۔۔۔
    توهان کي ڪرڻو اهو آهي ته سڀ کان پهريان Start > Programs > Startup تي ڊبل ڪلڪ
    ڪيو۔



    [​IMG]


    هاڻي توهان وٽ اسٽارٽ اپ جي ونڊو کلي ويندي۔

    هاڻي ان ونڊو ۾ رائيٽ ڪلڪ ڪري New Shortcut تي ڪلڪ ڪيو۔



    [​IMG]

    هاڻي توهان Browse تي ڪلڪ ڪيو۔

    [​IMG]

    هاڻي هن پاتھ تي اچوڪلڪ ڪيو۔

    C:\WINDOWS\system32\logoff.exe

    [​IMG]

    هاڻي Next, وري Next آخر ۾ Finish ڪري ڇڏيو۔ان کانپو پنهنجو ڪمپيوٽر ريسٽارٽ ڪيو۔
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: جادوئي ٽپ۔۔

    واه سائين ڊاڪٽر صاحب

    تمام پياري ۽ ڪم واري ٽپ آهي

    الله جي ڏني مان مڙيئي ونڊ ڪندا رهجو

    سدائين گڏ
     
  3. Doctor

    Doctor
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 جون 2009
    تحريرون:
    255
    ورتل پسنديدگيون:
    41
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    DOCTOR
    جواب: جادوئي ٽپ۔۔

    ادا فقير ان ٽپ کي استعمال ڪري پو ان جو جادوئي ڪمال به ته ٻڌايو؟
     
  4. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: جادوئي ٽپ۔۔

    ڊاڪٽر..!! ٽپ جو رزلٽ به ٻڌايو...اسان کي ڪمپوٽر جي باري ۾ معلومات ايتري ڪون آھي...ڪٿي ائين نه ته پنھنجي ئي ڪمپيوٽر جا ھڻي ڪم ئي پورا ڪري ڇڏيون.
     
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: جادوئي ٽپ۔۔

    ههههههههههه واه واه بهترين جاري رکو۔۔۔۔
     
  6. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: جادوئي ٽپ۔۔


    سائين ڊاڪٽر صاحب جيئن ئي ان طريقي سان عمل ڪري شارٽ ڪٽ ٺاهيو ۽ وري ان تي ڪلڪ ڪيو ته سسٽم بند ٿئي ويو

    ها ها ها

    سائين ڊاڪٽر صاحب سسٽم کي بند ڪرڻ جو لاجواب طريقو آهي

    سدائين گڏ
     
  7. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: جادوئي ٽپ۔۔

    پر هتي ڪوڊ ۾ ته ڪاٿي به شٽ ڊائون جي ڪمانڊ ناهي رکيل۔۔۔
    هتي اسان جو دوست ڊاڪٽر صاحب سمجهائڻ چاهي پيو ته ڪمپيوٽر ۾ اسٽارٽ مينو منجهه هڪ آپشن آهي پاڻمرادو پروگرام هلائڻ جو۔۔ جيڪڏهن ڪو چاهي ته ڪمپيوٽر اسٽارٽ وٺندي ئي ڪو پروگرام پاڻ مرادو کولي ۔۔۔ ته اهڙي پروگرام جو شارٽ ڪٽ اسٽارٽ اپ فولڊر ۾ رکڻ سان اهو پروگرام ڪمپيوٽر کُلندي ئي پاڻ مرادو هلي پوندو۔۔۔
    مٿي ان طريقي ڪار تحت ڊاڪٽر صاحب باس ۽ دوستن کي تنگ ڪرڻ خاطر اسٽارٽ اپ ۾ لاگ آف پروگرام جو شارٽ ڪٽ اسٽارٽ اپ ۾ ايڊ ڪرڻ سمجهايو آهي۔۔۔ جنهن سان ڪمپيوٽر اسٽارٽ وٺندي ئي لاگ آف ٿي ويندو۔۔۔ ۽ توهان جو باس يا دوست بار بار ڪمپيوٽر کي آن آف ڪرڻ باوجود اڳتي نه وڌندو ڏسندي مونجهاري جو شڪار ٿي ويندو۔۔۔ ان طرح هو پنهنجو ڪمپيوٽر توهان کان ٺيڪ ڪرائڻ لاءِ درخواست ڪندو ۽ توهان بغير ڪنهن محنت جي اسٽارٽ اپ فولڊر ۾ موجود لاگ آف شارٽ ڪٽ ختم ڪري پاڻ کي انهن اڳيان قابل ۽ ڪمپيوٽر جو ماهر ثابت ڪري سگهندو ۔۔۔ جنهن سان امڪان آهي ته توهان جي ان ڏينهن جي افطاري مهمان طور ٿئي۔۔۔ بس
     
  8. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: جادوئي ٽپ۔۔

    پر جي ان دوست يا باس کي خبر پئي ته سندس مٿي جي سور جو سبب به اهو ئي ماهر آهي ته پوءِ هڪ لاهڻ ٻيو چاڙهڻ ٿي ويندس، عيد جي ڪري جوتا به مهانگا ٿي ويا آهن۔
     
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: جادوئي ٽپ۔۔

    سٺي ٽپ آهي پر ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ دوستن سان ته آزمائبي پر ڄٽ ۽ اڻڄاڻ باس سان به ايئن ڪري سگهجي ٿو ۔۔۔۔۔۔۔

    ڊاڪٽر جا ٿورا جو سندس اچڻ سان ڪمپيوٽنگ ٽپس وارو اهم سيڪشن اڄڪلهه سنڌ سلامت تي ڇانيل آهي، جيڪا هڪ سٺي خبر آهي۔ اميد ته اوهان پنهنجي اهڙي شيئرنگ جاري رکندا۔
     
  10. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: جادوئي ٽپ۔۔

    ادا ڊاڪٽر مهرباني
    تمام سٺي ونڊ کڻي آهيان آهيو
     
  11. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: جادوئي ٽپ۔۔

    سائين اهو ته سڀ خراب ڪرڻ جو طريقو ٻڌايو ويو ليڪن ان کي سيٽ ڪرڻ جو طريقو به ته ٻڌايو جڏهن ونڊو کلڻ سان ري اسٽارٽ ٿيڻ شروع ٿي ويندو ته پوء ان ڪمانڊ کي رمو ڪيئن ڪبو
     
  12. Doctor

    Doctor
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 جون 2009
    تحريرون:
    255
    ورتل پسنديدگيون:
    41
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    DOCTOR
    جواب: جادوئي ٽپ۔۔

    سڀني دوستن جي پسند ڪرڻ جي مهرباني
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو