کجي ۽ جديد ٽيڪنالاجي خيرپور مان ارشاد جوڻيجو لکي ٿو [JUSTIFY]کجيءَ جي هزارين سال پراڻي تاريخ آهي. عرب ملڪن ۾ پڻ وڏي پيماني تي کجيءَ جي پيداوار ٿئي ٿي، پر هزارين سال گذرڻ جي باوجود اڄ به کارڪن کي سڪائڻ لاءِ پراڻو، روايتي طريقو استعمال ٿي رهيو آهي. موجوده سال پاڪستان ايگريڪلچرل ريسرچ ڪائونسل اسلام آباد پاران کارڪن کي سڪائڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائي آهي، کارڪن کي شمسي توانائي ۽ گئس تي سڪائڻ جون ٻه الڳ الڳ مهارتون متعارف ڪرايون ويون آهن. انهن ٽيڪنالاجيز ذريعي کارڪن کي گهٽ وقت ۾ سڪائي سگهجي ٿو ۽ کجين جي معيار ۽ ڪوالٽي کي بهتر بڻائي بين الاقوامي منڊين ۾ متعارف ڪرائي وڌ ۾ وڌ ناڻو ڪمائي سگهجي ٿو. عام طور تي کجيءَ کي سڪائڻ لاءِ روايتي انداز ۾ تڏن ۽ ٽوئن تي، کليل آسمان هيٺ اُس ۾ سڪايو ويندو آهي، جنهن طريقي ۾ کارڪن کي سڪڻ ۾ هڪ هفتو لڳي وڃي ٿو. جڏهن ته جديد ٽيڪنالاجي جي ذريعي کجيءَ کي ٽن ڏينهن اندر سڪايو وڃي ٿو. پاڪستان ايگريڪلچرل ريسرچ ڪائونسل پاران هڪ سولر هائوس ٽيڪنالاجي ۽ ٻئي گئس سولر ٽيڪنالاجي کارڪن کي سڪائڻ لاءِ استعمال ڪئي وئي آهي. ان سلسلي ۾ موجوده سال کجيءَ جي هلندڙ سيزن دوران پي اي آر سي پاران هڪ سماجي تنظيم جي سهڪار سان کجيءَ جي وڏي آبادي واري ضلعي خيرپور جي ڇوڏاهو واري علائقي ۾ سولر هائوس ٽيڪنالاجي لڳائي کارڪون سڪايون ويون، جتي کجيءَ جي آبادگارن ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪري سولر هائوس ٽيڪنالاجي ۾ تيار ٿيل کارڪون ڪراچي، اسلام آباد ۽ ٻين شهرن ۾ مارڪيٽنگ ڪري فائدو حاصل ڪيو. جڏهن ته خيرپور جي حسين آباد واري علائقي ۾ پي اي آر سي پاران گئس سولر ٽيڪنالاجي لڳائي وئي آهي جنهن ۾ ڏينهن جو سج جي توانائي ۽ رات جو گئس تي هلائي ٽن ڏينهن اندر کارڪون سڪايون ويون. هن ٽيڪنالاجي جي خاص ڳالهه اها به آهي ته هن ٽيڪنالاجي ذريعي تيار ٿيل کارڪن جو نه ته رنگ تبديل ٿئي ٿو ۽ نه وري ذائقو. ان سلسلي ۾ ٽيڪنالاجي ٽرانسفر انسٽيٽيوٽ جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر علي محمد خشڪ پنهنجي انجنيئر آصف ميراڻي ۽ ٽيڪنيڪل اسٽاف رياض احمد ۽ محمد افتخار سان گڏ وڏي محنت ۽ جدوجهد سان ٻئي ٽيڪنالاجيز تيار ڪرائي آبادگارن کي ٽيڪنالاجي جي استعمال جي فائدن کان آگاهه ڪيو. آبادگارن سان ويچار ونڊيندي ڊاڪٽر علي محمد خشڪ چيو ته پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آهي ۽ زراعت ملڪ جي ترقي ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي. هن چيو ته جديد ٽيڪنالاجي وقت جي اهم ضرورت آهي. ٽيڪنالاجي جي ذريعي کجيءَ جي معيار ۽ ڪوالٽيءَ کي بهتر بڻائي کجي جي آبادگارن کي خوشحال ۽ ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن بڻائي سگهجي ٿو. کجيءَ کي سڪائڻ لاءِ سولر هائوس ۽ گئس سولر ٽيڪنالاجي سستا ۽ آسان فارمولا آهن جن کي آبادگار آسانيءَ سان استعمال ڪري سگهن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته کجي خيرپور ضلعي جو ميگا فصل آهي، جنهن سان هزارين آبادگارن کي سندن فصل بابت ڄاڻ ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. کجيءَ کي سڪائڻ جا نوان نوان طريقا اختيار ڪرڻ، کجيءَ جي درجا بندي (گريڊنگ)، پيڪنگ ۽ مارڪيٽنگ لاءِ ننڍا ننڍا سيمينار، ورڪشاپ ڪرائي کجيءَ جي آبادگارن کي ڄاڻ ڏني ويندي. کجيءَ جي هلندڙ سيزن دوران ضلعي انتظاميه خيرپور پاران سنڌ حڪومت جي سهڪار سان ٻن ڏينهن واري ٽئين سالانه بين الاقوامي کجين جي نمائش شهيد بينظير ڀٽو اوپن ايئر ٿيٽر خيرپور ۾ منعقد ڪئي وئي جنهن جو افتتاح سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جيلاني پنهنجي هٿن مبارڪن سان ڪيو. هن نمائش ۾ پڻ پاڪستان ايگريڪلچرل ريسرچ ڪائونسل پاران لڳايل ٽيڪنالاجيز مان تيار ٿيل کارڪون نمائش لاءِ رکيون ويون. نمائش ۾ پڻ کجيءَ جي آبادگارن ۽ وزيٽرن کي سولر هائوس ٽيڪنالاجي ۽ گئس سولر ٽيڪنالاجي بابت ڄاڻ ڏني وئي جنهن بعد کجيءَ بابت ٿيل بين الاقوامي سيمينار ۾ کجيءَ جي آبادگارن وڏي وزير کان گُهر ڪئي ته کجيءَ کي جلد سڪائڻ لاءِ پي اي آر سي پاران متعارف ڪرايل ٽيڪنالاجيز عام ڪرڻ لاءِ سرڪاري سطح تي ڪوششون ڪيون وڃن ۽ کجيءَ جي آبادگارن کي سبسڊي ڏئي / يا سرڪاري سطح تي سولر هائوس ۽ گئس سولر ٽيڪنالاجيز هڻائي ڏنيون وڃن. آبادگارن جو چوڻ آهي ته جيستائين حڪومت سهڪار نه ڪندي، تيستائين ٽيڪنالاجيز جو استعمال موثر ثابت نه ٿو ٿي سگهي. ٻئي طرف پي اي آر سي پاران لڳايل ٽيڪنالاجيز کان ڪيترائي آبادگار متاثر ٿيا آهن ۽ ڪجهه آبادگارن پنهنجي مدد پاڻ تحت ٽيڪنالاجيز لڳائي ورتيون آهن. آبادگارن موجب ايندڙ وقت ٽيڪنالاجي جو آهي ۽ ايندڙ ڪجهه سالن ۾ اُهي ٽيڪنالاجيز عام ٿي وينديون جنهن مان کجيءَ جا آبادگار ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهندا.[/JUSTIFY] روزانه عوامي آواز تان ورتل تصويرون : سليمان وساڻ
جواب: کجي ۽ جديد ٽيڪنالاجي ادا سليمان توهان تمام بهترين معلومات اسان سان ونڊ ڪرائي آهي صفا دل خوش ٿي وئي سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: کجي ۽ جديد ٽيڪنالاجي مهرباني ادا مان ڪوشش ۾ آهيان ته کجين تي ڪا تحقيقاتي وڊيو دوستن سان شيئر ڪجي۔