• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڏندڻ جا فضائل (طاهر سنڌي)

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
دوستو سلام

سنڌ سلامت جي ڪتابي سلسلي ۾ هڪ نئون واڌارو ڪري رهيا آهيون۔ هي ڪتابڙو ”ڏندڻ جا فضائل“ سنڌ سلامت جي هر دلعزيز ميمبر ۽ پياري دوست ادا طاهر سنڌي پاران سنڌي ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي۔ هن ڪتاب جو جوڙيندڙ علامه ملا علي قاري آهي جنهن ڏهين صدي هجري ۾ هي ڪتاب لکيو هو۔ حديث رسول صه آهي ته صفائي اڌ ايمان آهي ۽ پنهنجي ڏندن جي صفائي ڪرڻ به انتهائي ضروري آهي۔ نه صرف اهو پر ڏندڻ ڪرڻ وضوء جي به سنتن ۾ شامل آهي۔ ان ئي اهم ڳالهه کي سامهون رکندي ادا طاهر هي نيڪ ڪم ڪيو آهي۔

اميد ته ادا طاهر سنڌيء جي هيء محنت دوستن کي پسند ايندي۔ مان ٻڌائيندو هلان ته هي ڪتابڙو پهريان به سنڌ سلامت تي سڪرائيبڊ ڪوڊ ذريعي متعارف ڪرايو ويو هو پر وي بليٽن 4 ۾ شايد اسڪرائيبڊ جي ڪوڊ ۾ مسئلو پيو پيش اچي۔ تنهنڪري پي ڊي ايف ۾ ٻيهر هي ڪتاب دوستن سان ونڊ ڪجي ٿو۔


 
جواب: ڏندڻ جا فضائل (طاهر سنڌي)

ادي طاهر جي بهترين ڪوشش آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سليمان وساڻ به سهڻي سجاوٽ تي جس لهڻِي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ طاهر جو هي سنتن ڀريو ڪتاب تمام ڪارائتو آهي
 
جواب: ڏندڻ جا فضائل (طاهر سنڌي)

ادي طاهر جي بهترين ڪوشش آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سليمان وساڻ به سهڻي سجاوٽ تي جس لهڻِي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ طاهر جو هي سنتن ڀريو ڪتاب تمام ڪارائتو آهي

مهرباني عرس ۔۔۔۔

ادا طاهر کي جس هجي جنهن هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو ڪيو آهي۔

سنڌ سلامت ڪتاب گهر انشاء الله هڪ اهم ڊجيٽل لائيبرري وارو ڪردار ادا ڪندو۔
 
جزاڪ الله خير. پر ادا هاڻ وري زين فورو آهي هت وري فائلڊن نه آهي. مهرباني ڪري نئي سر لنڪ صحيح ڪندا.
 
Back
Top