سارنگ سار لهيج ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
سليمان وساڻ
ان ڏينهن مان آفيس کان جيئن ئي گهر لاء نڪري رهيو هوس ته مونکي آسمان ۾ ڪارا ڪڪر ڇانيل نظر آيا۔ ٻن ٽن ڏينهن جي سخت گرمي کانپوء اهي بادل مونکي اميد ۽ آس جي ڪا لڪير نظر آيا ۔ دل مان هڪ آهه نڪتي ته اڄ ته ڪا زوردار بارش پوي ۽ مينهن جي بوندن ۾ پاڻ کي ڀڄائجي۔ مون وٽ ان ڏينهن پنهنجي گاڏي به ڪانه هئي رڪشا ۾ ويهي گهر لاء روانو ٿيس۔ جيئن ٿورو اڳتي هلياسون ته بارش شروع ٿي وئي ۽ مان لطيف جو هي بيت وڏي آواز سان جهونگارڻ لڳس :
رڪشا وارو پٺاڻ هو هن کي ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو ۽ مونکي پاڳل سمجهي کلڻ لڳو، برسات جي تيز ڦهنگن ۾ مان پورو ڀڄي چڪو هوس ۽ خوب لطف اندوز ٿي رهيو هوس ته منهنجي موبائل جي گهنٽي وڄڻ لڳي۔ ڳوٺان منهنجي ڀاء جي ڪال هئي، فون اٽينڊ ڪيم ته منهنجي ڀاء جي آواز ۾ پريشاني محسوس ڪيم۔ مون کانئس خيريت پڇي ته چوڻ لڳو ته هتي سڀ خير آهي پر دعا ڪيو ته بارش نه پوي ۔۔۔۔۔۔۔۔ کجين جو فصل بلڪل تيار آهي جيڪڏهن 15 منٽ به بارش پئي ته سڀ ڪجهه تباهه ٿي ويندو !!!! ..... ٻئي لمحي مان به بارش بند ٿيڻ جي دعا گهرڻ لڳس ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ۽ سوچڻ لڳس ته انسان ڪيڏو نه مطلبي آهي ۔۔۔ هڪڙا بارش لاء دعائون پيا ڪن ته ٻيا وري بارش نه ٿيڻ جون ۔۔۔۔۔ گهر پهتس ته بارش بند ٿي چڪي هئي ۽ ڳوٺ ۾ به بارش ڪانه پئي، کجيء جو ڀرپور فصل لٿو ۽ سڀ ماروئڙا ۽ هاري خوش هئا جو هن دفعي پيدوار به مڪمل ملين ۽ ريٽ به تمام سٺا مليا هئن۔
ڪالهه شام وري منهنجي ڀاء جي فون هئي ۽ چئي رهيو هو ته ڪڪر خوب ٿيا آهن ۽ ڪنهن وقت به برسات وسي سگهي ٿي ۽ هاڻ مان به دعا پيو ڪيان ته بارش پوي جيئن اسان جي ٿر ۾ به سڪار اچي۔ مان سندس سوچ تي خوش هئس ته ڪيئن نه هن کي سنڌ جي انهن علائقن لاء به ايڏو ئي درد ۽ اونو آهي۔ ڪالهه رات کان ڪراچي سميت سموري سنڌ ۾ بارشن جو سلسلو شروع ٿي چڪو آهي۔ ملير ۽ ٿر جا ماروئڙا خوش آهن۔
ڇوته اسان وٽ سنڌ ۾ برسات صرف ڪڪرن يا آسمان مان وسندڙ پاڻي نه پر سڪار ، ساوڪ ۽ خوشيء جي علامت آهي۔ بارش جي آس ۾ ماڻهو ، مرگهه ، مينهون، پکي سڀ اڀ ۾ اکيون وجهيو وسڻ جي دعا گهرن ۽ جي وڏ ڦرو وسي پوي ته خوش ٿيو پون. مندائتي مينهن جي موسم ۾ جي هڪ ڪڪري به اڀ ۾ ڏسندا ته هنن جي خوشيء جا ڪا انتها ڪانه هوندي آهي. ڏڪار سبب ڏيهه ڇڏي ويل ، جي ڪو ڪڪر وسيو ته پنهنجا ڌڻ ڪاهي واپسي جا سانباها ڪندا. مالوند ماڻهو اهڙي مند کي ۽ مينهوڳيء کي ڀاڳ سمجهي خوشيء مان ڪونه ماپندا آهن، وڏا ته وڏا پر ٻارن جي خوشي ته ڏسڻ وٽان هوندي آهي، هنن جا ٺينگ ٽپا ۽ ڀاڄ ان جو ثبوت هوندا آهن. ان سانوڻيء جي مينهن کي لطيف سرڪار سنڌ لاء سڪار ۽ دنيا لاء آباديء جو ڪرڻ لکيو آهي.
مونکي ياد آهي ته مان پرائمري ۾ پڙهندي ڪنهن پراڻي ڪتاب ۾ پڙهيو هو جيڪو شايد ٿر تي لکيل ڪو ڪتاب هو. جنهن ۾ تعليم کاتي جي آفيسر لکيو هو ته :
سياري جي مند ۾ اسڪولن جا امتحان وٺندي ٿر جي ڪنهن ڳوٺ ۾ ٻارن کان امتحان وٺي رهيو هوس. هڪ ٻار کان پڇيل سوال جي ڏنل جواب مونکي منجهائي وڌو هو. سنڌ ۾ ڪنهن به ٻار کان جي پڇبو هو ته سال ۾ مندون گهڻيون ته ٺهه پهه جواب ڏيندو چار ، سيارو، بهار، اونهارو ۽ سرء. . وري جي پڇبو ته سڀني کان سٺي مند ڪهڙي ته يڪدم جواب ملندو ته بهار. پر ساڳيو سوال جڏهن ٿر جي ان ٻار کان پڇيم ته هن جواب ڏنو ته سال ۾ مندون آهن پنج. وري پڇيومانس ته ڀلا سڀ کان سٺي مند ڪهڙي ته ٺهه پهه جواب ڏنائين سائين سانوڻ جي مند ....!!! منهنجا ڇيهه ئي ڇڄي پيا ... منجهي پيس... تال لڳي ويا .... سوچيندو رهيس ... پوء فل مارڪون ڏنيون مانس. هو ته بلڪل صحيح هو، هن لاء ته سانوڻي جي مينهن واري مند ئي سڀ کان سکيو رکندڙ مند آهي.
بارش ۾ آفيس کان پنهنجي گاڏي ۾ جلدي نڪري گهر پهتس. ڊريس مٽائي ڪجهه دوستن سان گڏ سچل ڳوٺ جي گهٽين مان گذري مين روڊ تي بارش کي انجواء ڪرڻ لاء نڪتس. هڪ گهر مان محمد جمن جي آواز ۾ لطيف سرڪار جي شاعري وڏي آواز ۾ اچي رهي هئي جنهن جا ٻول هئا ”رات به مينهڙا وٺا، کنوڻين کيل ڪيا“ ۔ ڪجهه اڳيان ڏٺم ته هڪ گهر جيڪو روڊ کان هيٺ هيو هڪ 12 سالن جو ڇوڪرو ڪنهن ٿانو سان گهر جي اڱڻ ۾ گڏ ٿيل پاڻي ٻاهر ڪڍي رهيو هو. مان بيهي رهيس ۽ کيس چيم ته تو وٽ ٻيو ٿانو به آهي ته مان به مدد ڪرايان. هن مونڏي ڏسي کليو ۽ چيائين سائين اوهان موسم جو مزو وٺڻ نڪتا آهيو اوهان مزو وٺو. مان وري به بيهي رهيس ۽ کيس چيم ته پوء تون به مونسان گڏ ٻاهر هل. اندران ڪنهن مرد جي رڙ ٿي ته اڙي نڀاڳا مري وئين ڇا؟؟ پاڻي ٻاهر ڪڍ ..... هو وري مرڪيو ۽ مونکي وڃڻ لاء چيائين. جڏهن مان وڃڻ لڳس ته هن فراز جو هڪ شعر وڏي آواز ۾ پڙهڻ شروع ڪيو.
ساڳيو ليک محترم صفدر وڳڻ صاحب جي مهرباني سان هلال پاڪستان ۾ پڻ ڇپيو آهي۔

سارنگ سار لهيج، الله لڳ اُڃين جي،
پاڻي پوڄ پٽن تي ارزان ان ڪريج،
وطن وسائيج ته سنگهارن سُک ٿئي!

موٽِي مانڊاڻِ جِي، واري ڪَيائِين وارَ؛
وِڄُون وَسَڻ آئِيُون، چَؤڏِس ۽ چَوڌارِ،
ڪي اُٿِي ويئِيُون اِسِتَنبولَ ڏي، ڪي مَڻِـيُون مَغرَبَ پارَ؛
ڪي چِمِڪَنِ چِينَ تي، ڪي لَهَنِ سَمَرِقَندِيُنِ سارَ؛
ڪي رَمِي ويئِيُون رومَ تي، ڪي ڪابُلَ، ڪي قَنڌارَ؛
ڪي دَھلِيءَ، ڪي دَکَنِ، ڪي گُڙَنِ مَٿي گِرِنارَ؛
ڪَنھِين جُنبِي جيسَلمِيرَ تان، ڏنا بيڪانِير بَڪارَ؛
ڪَنھِين ڀُڄُ ڀِڄائِيو، ڪَنھِين ڍَٽَ مَٿي ڍارَ؛
ڪَنھِين اَچي اَمرَ ڪوٽَ تان، وَسايا وَلھارَ؛
سانئِيَمِ! سَدائِين ڪَرِين، مَٿي سِنڌُ سُڪارَ؛
دوسَت! مِٺا دِلدارَ، عالَمُ سَڀِ آبادِ ڪَرِين.

ان بارشون سي دوستي اڇي نهين فراز
ڪچا هي مڪان تيرا ڪڇ تو خيال ڪر