اچي شام ٿي کڻي تنهنجون يادون۔ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ Moazam Ali
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

Moazam Ali

سينيئر رڪن
”غزل“

اچي شام ٿي کڻي تنهنجون يادون
کٽن ڪو نه ٿيون پوءِ به اڪيلايون

پڪاريندي توکي وڃن پهه گذري
اونداهين ۾ اڪيلو دڄارين ٿيون راهون

ناهي ننڊ اکين ۾ آڏو عڪس تنهنجا
ويندي صبح صادق وايون وات تنهنجون

”وفا“ جيسين جيئرو رهيو هن جڳ ۾
شيراز جي دل ۾ تمنائون تنهنجون


”وفا” شيراز نظاماڻي
 
جواب: اچي شام ٿي کڻي تنهنجون يادون۔ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

يادون ۽ اڪيلايون ۔۔۔ يا وري ۔۔۔۔ اڪيلايون ۽ ان جون يادون ۔۔۔ ٻنهي جو ناتو تمام گهرو آهي، ان گهري ناتي سبب عاشق جي اندر جي پيهه اهڙي ئي هوندي اهي جهڙي ” وفا“ جي آهي ۔۔۔ اسانجو حال به ساڳيو آهي سائين ۔۔۔ فڪر نه ڪريو، جڳ سارو ان ئي راهه ۾ رليل آهي ۔۔۔

ڪني ٿورا ڪني گهڻا، ناهي ڪا سورن ڌار
 
جواب: اچي شام ٿي کڻي تنهنجون يادون۔ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

ناهي ننڊ اکين ۾ آڏو عڪس تنهنجا
ويندي صبح صادق وايون وات تنهنجون


بهترين شاعريء جي چونڊ آهي
 
جواب: اچي شام ٿي کڻي تنهنجون يادون۔ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

اچي شام ٿي کڻي تنهنجون يادون
کٽن ڪو نه ٿيون پوءِ به اڪيلايون


تمام سٺي چونڊ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ بهترين
 
Back
Top