ڪانگل خط کڻي وڃ پير صاحب پاڳاري جون تدبر ڀريون ڳالهيون حفيظ ڪنڀر [JUSTIFY] اميد ته خيريت هوندي! حيدرآباد ۾ هلڪي بارش، شديد گرمي ۽ ڏهن ڪلاڪن کان لوڊشيڊنگ آهي، منهنجي سامهون ڪجهه سنڌي اخبارون پيون آهن، جن ۾ پير سائين پاڳاري جي پريس ڪانفرنس آهي، هن گهڙي ۾ سندن ڏنل آٿت، مون، تو ۽ سڄي سنڌ لاءِ وڏي همت جو سبب آهي، توکي ٻڌائيندو هلان ته پير صاحب پاڳاري جي پريس ڪانفرنس جي ڪجهه جملن ته مون کي تاريخ کي نئين سر پڙهڻ جو اتساهه ڏياريو آهي. تو ڪڏهن پير صاحب پاڳاري جي انداز گفتگو ۽ ان ڳالهه ٻولهه ۾ نقطن متعلق ڪڏهن سوچيو آهي!؟ پير سائين جا، سنجيده جملن وچان ڪي مزاح ڀريا جملا مرڪائيندا آهن، اڄ مون کي پير سائين پاڳاري جو پرويز مشرف جي دور ۾ ڏنل اهو بيان ياد اچي رهيو آهي، جنهن ۾ هن سنڌي ماڻهن جي پنهنجي ئي سنڌ ۾ اجنبي بنجي وڃڻ جي ڳالهه ڪري هڪ عجيب درد ونڊيو هو. پير سائين پاڳاري جي ڳالهين کي هلڪي مسڪراهٽ ۽ انتهائي سنجيدگي وچان ٻڌي پوءِ هر هر غور ڪرڻو ٿو پوي، سندن ڳالهين جا پوپٽ پڪڙڻ ايترو آسان ناهن هوندا، سندن سياسي مُرڪ ڀريون ڳالهيون جڏهن ڪجهه عرصي کانپوءِ سياسي افق تي عملي روپ اختيار ڪنديون آهن ته پوءِ ماڻهو سنجيدگي جي راهه تي نڪري ويندو آهي. ڪجهه عرصو پهرين مون کي ياد آهي ته پير صاحب پاڳاري کان صحافين پڇيو هو ته، ”نواز شريف جي مسئلي جو ڇا حل آهي؟“. پير صاحب جن وراڻيو ته، ”نواز شريف خود ئي حل ٿي ويندو“.-اوهان سنجيده ٿي هاڻي نواز شريف جي سياسي حال تي سوچيو، مزاح جي حس تدبر ۽ تيز فهمي جو ٻيو نالو هجي ٿو. مزاح جي وچان ڏاهپ ذو معنيٰ جملن مان ظاهر ٿيندي آهي، مُرڪ ۽ سنجيدگي گڏوگڏ هلڻ لڳندا آهن. پير سائين پاڳاري طرفان ذو معنيٰ لفظن ۽ جملن جي استعمال کي سمجهڻ لاءِ مرڪ ۽ سنجيدگي جي واٽ وٺڻي پوندي آهي. تازي ٿيل ڳالهه ٻولهه ۾ پير سائين پاڳاري جن سنڌين کي ”مهربانن“ طرفان هندن جي غلامي جي طعني کي سنڌ جي تاريخي تناظر ۾ رد ڪيو آهي، ۽ انهيءَ ڪري آئون چوان پيو ته تاريخ جي شاگردن کي ”سنڌي هندن جا غلام هئا“ جي قائم ڪيل مفروضي کي مفروضو ثابت ڪرڻ لاءِ ان جا مختلف پاسا ۽ پهلو پڙهندا پوندا ۽ ان لاءِ پير سائين پاڳاري جن تاريخي تناظر ۾ اها ڳالهه ڪري ڇڏي آهي، ٻئي طرف اسان جي نسل کي هر سال اهي سبق پئي ڏنا ويا ته سنڌي، (هتي سنڌي معنيٰ مسلمان سنڌي) هندن جا معاشي غلام هئا. پير صاحب جن انهيءَ مفروضي کي به ذري گهٽ هن طرح رد ڪيو آهي ته، ”چند مسلمان وڏيرن جون زمينون سيٺين وٽ گروي هيون“. اڃان به تاريخ جو ڪو شاگرد انهيءَ ڳالهه متعلق اڳتي تحقيق ڪرڻ چاهي ٿو ته سنڌ جي زرعي معيشت هندن جي ڪنٽرول ۾ هئي يا نه؟ ته سنڌ ۾ الاٽ ٿيل جاگيرن جو رڪارڊ پڙهي ۽ اهو رڪارڊ اهو ٻڌائيندو ته سنڌ ۾ زمينون مسلمان جاگيردارن وٽ هيون، هندو سيٺيو فصل ٻولائيندو هو ۽ زمينن تي قبضو ڪرڻ جو مفروضو هو، اهي فقط گروي هيون، سي به اڪثريت جون نه. ”هندن جي غلامي“ جي ڳالهه ته گڏيل هندستان جي سياست کي جذباتي بنائڻ لاءِ هندستان جي مذهبي جماعتن يا خود جناح صاحب واري مسلم ليگ ۾ ويٺل هڪ خاص ذهن طرفان پيدا ڪيل هئي، نه ته تاريخ ته اهو ٿي ٻڌائي ته هندستان ۾ ڪي رياستون اهڙيون هيون، جتي مسلمان اڪثريت ۾ هئا ۽ حاڪم هندو هئا، ٻيون رياستون اهي هيون، جتي هندو اڪثريت ۾ هئا ۽ حاڪم مسلمان هئا. تاريخ جي شاگردن کي پير صاحب جي طرفان سنڌ جي تناظر ۾ ڪيل انهيءَ ڳالهه کي پوري هندستان جي تاريخ تي لاڳو ڪري پوءِ تاريخ پڙهڻ گهرجي ته معلوم ٿيندو ته ان قسم جا مفروضا گڏيل هندستان جي صوفياڻين گادين طرفان نه بلڪه ملائيت واري انهيءَ ذهن ٺاهيا هئا، جيڪو ذهن مغليه سلطنت جي ٽٽڻ کان پوءِ پنهنجون رعايتون، مراعاتون، عهدا انگريزن کان وٺڻ ۾ ناڪام ويو هو ۽ گهڻ پڙهيا هندو جديد تعليم سبب انگريزن کي ويجهو ٿي ويا هئا، نتيجي ۾ انهيءَ ملائيت واري ذهن سياست کي جذباتي بنائڻ لاءِ هندن جي غلامي جا مفروضا جوڙيندي دير نه ڪئي هئي. آئون جڏهن پير سائين پاڳاري جن جي هي اخبارن سان ڳالهه ٻولهه پڙهي رهيو هئس ته، پير صاحب پاڳاري طرفان چيل ان جملي تي پهتس ته ”ننڍن ماڻهن ننڍي ڳالهه ڪئي“. سوچڻ لڳس ته هن وڏي ماڻهو پنهنجي وطن کي ڪيڏو نه وڏو ڪري پيش ڪري ڇڏيو آهي، 47ع ۾ هجرت ڪندڙ لاءِ چيو اٿن ته ”ننڍن ماڻهن ننڍي ڳالهه ڪري فقط ٻن شهرن جي گهر ڪئي“. پنهنجي عمر جي انهيءَ حد تي پهچي، انهيءَ پير سني جو اقرار ڪندي پير صاحب جن مصلحت نه ڪرڻ جي ڳالهه ڪندي سنڌ جي ڪشاده ۽ وسعت دلي جي ڳالهه ڪندي ڄڻ ته پير صاحب پاڳاري جن ارمان ڀري افسوس جو اظهار ڪيو آهي، آئون ڪراچي ۽ حيدرآباد جي گذريل 25 سالن ۽ سنڌ جي چاليهه پنجاهه سالن جي تاريخ کي ڏسان ٿو، واقعي مون کي هر هر پير صاحب پاڳاري جو جملو دهرائڻو ٿو پئجي، ”ننڍن ماڻهن ننڍي ڳالهه ڪئي“. ”ننڍن ماڻهن ننڍي ڳالهه ڪئي“ جڏهن ته سنڌ منهنجي وڏي هئي، اگر هي ڳالهه سمجهڻ ۾ آئون غلط هجان ته مون کي درست ڪجان جڏهن، پير سائين جن اها ڳالهه ڪن ٿا ته هن جي دل ۾ اها سنڌ ڌڙڪڻ لڳي ٿي، جيڪا حر تحريڪ جي صورت ۾ ويڙهه ڪري ٿي، جيڪا موئن جي دڙي صورت ۾ پنهنجي تهذيب جي گواهه آهي، جيڪا سنڌ هر ايندڙ بي گهر ۽ لٽيل انسان کي پنهنجو وسيع سينو ندين سميت آڇي ٿي، پنهنجا وڻ ڇانوَن سميت آڇي ٿي، پنهنجي شهيدن کي، پنهنجو ڪرڻ جي آڇ ڪري ٿي، پنهنجي شاعري، پنهنجو ڪلچر، پنهنجو تمدن، پنهنجو دستر خوان سڀ ڪجهه آڇي ٿي، پر ان وسعت ۽ ڪشاده دلي جي باوجود پنهنجو امن وڃائي، پنهنجي انتظامي ايڪتا وڃائي، مسلسل لاش وصول ڪندي رهي ٿي، ۽ هن جا وارث اجنبيت جي احساس مان گذرندا، فرسٽريشن جو شڪار ٿيڻ لڳن ته، ان گهڙي ۾ پير سائين پاڳارو پنهنجي پيرسني جو حوالو ڏيندي چون ته ”ننڍن ماڻهن ننڍي ڳالهه ڪئي“. ته ان ڳالهه ۾ پير صاحب جن جو درد به سمايل آهي ته تدبر ڀريو سچ سمايل آهي ۽ سچ جهڙي سنڌ ئي سمايل آهي. فقط حفيظ ڪنڀر[/JUSTIFY] روزانه ڪاوش تان ورتل