نثارابڙو
نائب منتظم

http://imageshack.us
رات هڪ خواب ڇا ڏٺو ته، سنڌ پهتو آهيان، اتان پرينءَ کي گڏ ڪري ڪينجهر ڪناري پهتو آهيان، ڪناري تي جر ۾ پير ٽٻائي، هَٿُ هَٿَ ۾ ڏئي، ڍنڍ جي ريشمي پاڻيءَ جهڙا جذبا دل ۾ کڻي، اکيون اڀ ۾ اٽڪائي ويٺو آهيان ته اچانڪ بادلن واري وڄ جو ڪڙڪو ٿئي ٿو ۽ ننڊ مان اک کلندي ئي هي بيت چوان ٿو؛
سائين سدائين، ڪــرين مٿي سنڌ سڪار،
دوست، مٺا! دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.
اي پالڻهار! سنڌ جي مالڪي ڪر، اي خلقڻهار! سنڌ ۾ ڪو اهڙو انسان خلق ڪر جيڪو سنڌ جي ڇوٽڪاري جي راهه هموار ڪري، اي ظاهر ۽ باطن جا ڄاڻون ڏاها رب! سنڌ کي فڪر ۽ ڏاهپ عطا ڪر، اي قومن جا وارث، سنڌ جي وارثي ڪري سنڌين ۾ ايڪي ۽ محبت جو درياهه جاري ڪر .... تون ئي تون آهين، تنهنجي در تي ڪئي داتا اچي سين هڻن ٿا، هن پرديسيءَ جي سين اگهاءِ ... آمين