هي عشق ڏسو منهنجي جوڀن جي نشاني آ۔ مرحوم امنگن جي جيون جي نشاني آ۔ ڪنهن ڪنهن کي وجهان ڇلڙا، ڪنهن ڪنهن کي مکيان خوشبو، هن شهر کي آڇي مون شعرن جي نشاني آ۔ گهوُرري ته جگر گهائي، مُرڪي ته مکي مرهم، هر سونهن کي سمجهان ٿو سڄڻن جي نشاني آ۔ ڏس جوش ڏڪي ٿو پيو ء هوش بڪي ٿو پيو، ته به تن ۾ تمنائون، جشنن جي نشاني آ۔ احساس جي الماڙي، هر رئڪ تي تقريرون، شاعر جي اڪيلائي، جشنن جي نشاني آ۔ اٿ ميڙ اهي ٺڪريون، دل ڪنهن جي ٽُٽي پئي آ، هي خاڪ به کڻ ڪنهنجي، نيڻن جي نشاني آ۔ مايوس هوائن کان اٿ منهنجون اميدون وٺ، دانهن جي پلاندن ۾ نغمن جي نشاني آ۔ استاد جي البم ۾ گُل ٽاڪ ڀلي دلبر، هي خار به رک تنهنجي گلشن جي نشاني آ۔ (بخاري) [/center][/img]
جواب: هي عشق ڏسو منهنجي جوڀن جي نشاني آ۔ استاد جي البم ۾ گُل ٽاڪ ڀلي دلبر، هي خار به رک تنهنجي گلشن جي نشاني آ۔ لاجواب۔۔۔۔ استاد جي خوبصورت شاعري ۽ اوهان جو پيش ڪرڻ جو انداز به دلربا آهي
جواب: هي عشق ڏسو منهنجي جوڀن جي نشاني آ۔ واھ ادا واھ پريل استاد جي شاعري جي چونڊ۔۔۔۔لاجواب۔۔۔۔۔۔پيش ڪرڻ جي مھرباني