انسداد دهشت گردي جي خصوصي عدالت جي جج بشير احمد کوسو، سرفراز شاهه قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي۔ فيصلي موجب گولي هلائيندڙ رينجرز اهلڪار شاهد ظفر کي موت جي سزا ۽ 2 لک روپيه ڏنڊ جڏهن ته باقي ڇهن اهلڪارن کي عمر قيد ۽ هڪ لک روپيه ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي آهي۔
انسداد دهشتگردي جي عدالت سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ڇوهدري افتخار جي پاڻ مرادو نوٽيس تي شنوائي ڪئي ۽ 24 شاهدن جا بيان قلمبند ڪيا۔ شاهدن سڀني ملزمن کي سڃائي ورتو۔ هوڏانهن رينجرز اهلڪارن جي وڪيل ڪيس کي هاء ڪورٽ ۾ چيلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي۔

ياد رهي ته ڪجهه عرصو اڳ ڪراچي جي ڪلفٽن واري علائقي ۾ بينظير پارڪ ۾ هڪ نوجوان سرفراز شاهه کي پڪڙڻ کانپوء رينجرز جي حوالي ڪيو ويو جنهن بغير ڪجهه ڏسڻ وائسڻ جي ان هٿين خالي نوجوان تي فائرنگ ڪري ڏني۔ جيڪو زخمن جا سور نه سهندي وفات ڪري ويو هو۔