• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سرفراز شاهه قتل ڪيس : گولي هلائيندڙ رينجرز اهلڪار کي سزاء موت ۽ ٻين کي عمر قيد جي سزا

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
انسداد دهشت گردي جي خصوصي عدالت جي جج بشير احمد کوسو، سرفراز شاهه قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي۔ فيصلي موجب گولي هلائيندڙ رينجرز اهلڪار شاهد ظفر کي موت جي سزا ۽ 2 لک روپيه ڏنڊ جڏهن ته باقي ڇهن اهلڪارن کي عمر قيد ۽ هڪ لک روپيه ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي آهي۔

انسداد دهشتگردي جي عدالت سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ڇوهدري افتخار جي پاڻ مرادو نوٽيس تي شنوائي ڪئي ۽ 24 شاهدن جا بيان قلمبند ڪيا۔ شاهدن سڀني ملزمن کي سڃائي ورتو۔ هوڏانهن رينجرز اهلڪارن جي وڪيل ڪيس کي هاء ڪورٽ ۾ چيلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي۔

ياد رهي ته ڪجهه عرصو اڳ ڪراچي جي ڪلفٽن واري علائقي ۾ بينظير پارڪ ۾ هڪ نوجوان سرفراز شاهه کي پڪڙڻ کانپوء رينجرز جي حوالي ڪيو ويو جنهن بغير ڪجهه ڏسڻ وائسڻ جي ان هٿين خالي نوجوان تي فائرنگ ڪري ڏني۔ جيڪو زخمن جا سور نه سهندي وفات ڪري ويو هو۔​
 
جواب: سرفراز شاهه قتل ڪيس : گولي هلائيندڙ رينجرز اهلڪار کي سزاء موت ۽ ٻين کي عمر قيد

پاڪستان جي قانون موجب عدالت هميشه گواهن جي روشني ۾ فيصلو ڏيندي آهي ۔۔۔ پر هن فيصلي تي چوندڙ اهو به چئي رهيا آهن ته هن ۾ ڪجهه جذباتي پن نظر پيو اچي۔۔۔ ڪاش اسان جي معزز عدالتن جي ججن کي ڪنهن مجرم کي سرِ عام غير قانوني طور مارڻ تي پاڻ مرادو نوٽيس وٺڻ سان گڏو گڏ ڪراچي ۾ روزانو جي بنياد تي درجنن بيگناهن کي قتل ڪرڻ تي پڻ پاڻ مرادو نوٽيس وٺڻ گهرجي ۔۔۔ ٻيو نه ته 12 مئي واري واقعي تي به ڪجهه نوٽيس وٺڻ گهرجي جنهن ۾ ڪيترائي بيگناهه قتل ڪيا ويا ۽ خود عدالتي جج پڻ ڌر طور شامل آهن۔۔۔
 
Back
Top