[JUSTIFY]چين ۾ دنيا جي سڀ کان ڊگهي سامونڊي پُل جيائوزونگ بي پُل جو افتتاح ٿي چڪو آهي۔ هي دنيا جي سڀ کان ڊگهي پُل آهي جيڪا 26 ميل يعني 42 ڪلوميٽر ڊگهي آهي۔ هي پُل چين جي ٻن شهرن ڪنگڊائو ۽ هئنگڊائو کي ملائي ٿي۔ هيء پُل 110 فُٽ ويڪري ۽ 5 هزار کان مٿي پلرن تي مشتمل آهي ۽ تقريبن هڪ بلين پائونڊ جي لاڳت سان ٺهي راس ٿي آهي۔ هن پل کي چئن سالن اندر ٺاهي مڪمل ڪيو ويو آهي۔ [/JUSTIFY]
جواب: دنيا جي سڀ کان ڊگهي پُل جو افتتاح چيني قوم جي محنت ۽ حوصلي تي جس هجي جنهن دنيا جو هڪ نئون عجوبو تيار ڪيو آهي۔
جواب: دنيا جي سڀ کان ڊگهي پُل جو افتتاح حيرت جي ڳالهه آهي ۔۔۔۔۔۔۔چائنا وار ڪجهه به ڪري سگهن ٿا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ باقي اسان واريون پليون وڃن پيون ڊهنديون
جواب: دنيا جي سڀ کان ڊگهي پُل جو افتتاح واه سائين زبردست شيئرنگ آهي چين جا عجيب ڪم ڏسي واقعي حيرت وٺيو وڃي ته هي ننڍڙا ننڍڙا ماڻهو اهڙا ته محنتي آهن جو جيڪا دل ۾ اچيڻ ٿي ائين ڪري ڏيکارين ٿا سندن محنت کي سلام آهي۔
جواب: دنيا جي سڀ کان ڊگهي پُل جو افتتاح هاهاهاها ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ يار ڳالهه صحيح ڪئي اٿئي ۔۔۔۔۔۔۔۔ شير شاهه واري پُل جو ڊهڻ ياد آهي۔ چين جا ماڻهو واقعي محنتي آهن ۔۔۔۔۔۔ هن قوم جي عظيم اڳواڻن کي سلام آهي جن هڪ آفيمي قوم کي دنيا جي سڀ کان وڌيڪ محنت ڪندڙ قوم ثابت ڪيو آهي۔
جواب: دنيا جي سڀ کان ڊگهي پُل جو افتتاح حالانڪه چين جي پروڊڪٽس تي هميشه کلندڙ مثال ٺهيل آهن۔۔۔ پر سموري دوستن کي ان ڳالهه تي يقين هوندو ته سندن محنت ڪمال جي هوندي آهي ۔۔۔ هي پل به هڪ تمام وڏو ڪارنامون آهي جنهن کي هتي بنائڻ جي سوچڻ واري کي چريو سمجهيو وڃي ها۔۔
جواب: دنيا جي سڀ کان ڊگهي پُل جو افتتاح واه سائين زبردست شيئرنگ آهي چين جا عجيب ڪم ڏسي واقعي حيرت ٿي اچي۔ پاڪستان وارن کي به ڪجھ ڪرڻ کپي
جواب: دنيا جي سڀ کان ڊگهي پُل جو افتتاح سائين واقعي ۔۔۔۔ هي ننڍڙا پر وڏي ذهن وارا چيني سخت محنت ڪرڻ وارا ۽ ايمانداري سان ڪم ڪرڻ سبب دنيا ۾ پنهنجي ساک بهتر ڪري پنهنجي ملڪ کي ترقيء جي اعلى منزل تي وٺي ويا آهن۔
جواب: دنيا جي سڀ کان ڊگهي پُل جو افتتاح چائينه جي شين تي ڀلي ڪو کلندو رهي پر اها به حقيقت آهي ته چين وارن سستيون شيون ٺاهي اسان جهڙ لاء گهڻيون سهولتون پيدا ڪيون آهن۔ پر ياد رکو ته هنن وٽ بجيٽ جي حساب سان هر شيء جا معيار آهن۔ چين معاشي طور دنيا جي اهم ملڪن مان هڪ آهي، جنهن دنيا جي هر مارڪيٽ تائين رسائي حاصل ڪئي آهي۔