دوستو توهان سان مان هڪ تمام بهترين ٽپ شيئر ڪرڻ وارو آهيان۔ يعني ته هاڻي توهان سنڌ سلامت کي پنهنجي ڊيسڪٽاپ تي سيٽ ڪري سگهو ٿا۔ منهنجي چوڻ جو مطلب آهي ته هن ٽپ کي آزمائڻ کان پو توهان کي الڳ سان سنڌ سلامت جي سائيٽ کي کولڻ جي ضرورت ئي نه پوندي۔ يعني ته جڏهن به توهان پنهنجو ڪمپيوٽر اسٽارٽ ڪندو ته توهان جي سامهون سنڌ سلامت جي سائيٽ موجود هوندي ۽ توهان ڊيسڪٽاپ تي رهندي ئي سنڌ سلامت جي سڄي سائيٽ پڙهي سگهو ٿا۔ هاڻي توهان کي ڪرڻو اهو آهي ته هيٺ ڏنل ڪوڊ کي ڪاپي ڪري نوٽ پيڊ تي پيسٽ ڪيو۔ <html> <body> <iframe src= "http://www.sindhsalamat.com" width="100%" height="100%"> </iframe> </body> </html> هاڻي ان ڪوڊ کي جڏهن توهان سيوته BGI.html جي نالي سان سيو ڪندو۔ ۽ پنهنجي ڊيسڪٽاپ تي سيو ڪيو۔ ان کان پو ڊيسڪٽاپ تي مائوس جي ساڄي پاسي يعني Right Click ڪيو۔ هاڻي پراپرٽيز تي ڪلڪ ڪيو۔ هاڻي توهان ڊسپلي پراپرٽيز ۾ ڊيسڪٽاپ ٽيب تي ڪلڪ ڪيو۔ هاڻي Browse تي ڪلڪ ڪري جيڪا توهان فائل سيو ڪئي هئي ڊيسڪٽاپ تي BGI.html جي نالي سان ان تي ڪلڪ ڪيو۔ ان کان پو اپلائي ۽ اوڪي ڪري ڇڏيو۔ هاڻي توهان کي ٿوري دير لا پنهنجي ڪمپيوٽر جي اسڪرين اڇي رنگ جي نظر ايندي ان کان پو چند سيڪنڊن کان پو توهان کي هن تصوير وانگر نظر ايندي۔
جواب: هاڻي سنڌ سلامت کي ڊيسڪٽاپ تي سيٽ ڪريو۔ ادا عرس سائين توهان جي دعا کپي انشا الله ان کان وڌيڪ مان توهان کي جادو ڏيکاريندُس۔ ..................................... فقير سائين توهان جي وڏي مهرباني۔
جواب: هاڻي سنڌ سلامت کي ڊيسڪٽاپ تي سيٽ ڪريو۔ ادا رحيم بخش ۽ ادا فاروق سومرو ڀاء توهان جي مهرباني جو منهنجي شيئرنگ پسند ڪئي۔
محترم ڊاڪٽر سائين اوهان جهڙن جادوگرن جي ئي ته ضرورت آهي، اوهان جو هن ساٿ ۾ شامل ٿيڻ سنڌ سلامت جي خوشنصيبي ليکبي، اميد ته وڌيڪ پنهنجي جادو جا جوهر ڏيکاريندا۔۽ مطلباهوٿيو ته ان ڪوڊ ۾ جيڪا سنڌ سلامت جي ايڊريس آهي ان ۾ ڪهڙي به ويب سائيٽ کي ايڊ ڪري سگهون ٿا ۽ پنهنجي مرضي مطابق ويڪر ۽ ڊيگهه ۾ تبديلي به ڪري سگهون ٿا۔ ؟۔۔سدائين گڏ
اسان فقيرن لاءِ ته اها ” دور ڪي ڍول سهاني“ واري ڳالهه آ۔ ڇو ته انهي فائل کي ونڊوز 7 پس منظر طور قبول ئي نه پئي ڪري۔۔۔