سنڌ سلامت جي دوستن کي ڊاڪٽر جو سلام ، دوستو هاڻي مان توهان لاءِ ياهو جي هڪ ننڌڙي ٽپ کڻي آيو آهيان اميد ته توهان کي پسند ايندي. هن ٽپ ۾ اسين ياهو ميسينجر تي اشتهار adds هڻڻ سکنداسين جيئن مان ياهو ميسينجر تي سنڌ سلامت جو اشتهار هنيو آهي. نوٽ ...ان ٽپ کي اسعتمال ڪرڻ لاءِ توهان وٽ ياهو ميسينجر جو انسٽال هجڻ ضروري آهي. ١، سڀ کان پهريان اسٽارٽ تي ڪلڪ ڪري پوءِ رن کي کوليو. ٢،هاڻي رن ۾ regedit لکي اينٽر پريس ڪيو. ٣،هاڻي توهان رجسٽري ايڊيٽر ۾ هِن جاءِ تي اچو. ٤،Hkey- current user هاڻي ان فولڊر کي کولي پوءِ ان ۾ هڪ ٻيو فولڊر هوندو software جي نالي سان ان کي کوليو. ٥، هاڻي توهان yahoo> pager folder > yurl تائين اچو. ٦،هاڻي توهان yurl تي ڪلڪ ڪري پوءِ ساڄي پاسي تي رائيٽ ڪلڪ ڪري ان ۾ New String value تي ڪلڪ ڪيو. ٧، هاڻي ان new value کي Rename ڪري Chat Adurl جو نالو رکو. ٨،هاڻي data column تي رائيٽ ڪلڪ ڪري پنهنجي تصوير جو لنڪ ڏئي ڇڏيوس. ان کان پوءِ سڄي پروسس کي سيو ڪري ياهو کي ريسٽارٽ ڪيو. وڌيڪ توهان هنن تصويرن ۾ ڏسي سگهو ٿا.
جواب: پنهنجي اشتهار کي ياهو تي ايڊ ڪريو۔ تمام سٺي ونڊ آهي۔ پر اهو اشتهار صرف توهان وٽ ڏسڻ ايندو ٻين دوستن وٽ نظر نه ايندو۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت