ڌوري تنهنجي ڏاري ڇڏيو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ Moazam Ali
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

Moazam Ali

سينيئر رڪن
” نظم”

ڌوري تنهنجي ڏاري ڇڏيو
سورن جگر ساڙي ڇڏيو
ڪو زهر آ پياري ڇڏيو

تنهنجي بي رُخي آ سهڻا

ڪاري هجر جي رات ۾
طلب سڄڻ جي تات ۾
اکڙين چيو سُڏڪا ڀري

يادن تنهنجي روئاڙي ڇڏيو
ڳڻتين تنهنجي ڳاري ڇڏيو
آ درد دل ڌاري ڇڏيو

تنهنجي بي رُخي آ سهڻا

ارمان ڪيئي دل مان اُٿيا
راهون ڊگهيون رستا سُڃا
ڀٽڪي پيا راهن ۾ سڀ
سُورن ڪڍيا ويتر هي سَنڌَ

ٻيهر ٻارڻ ٻاري ڇڏيو
من کي آڄڻ ماري ڇڏيو
سر ساهه توتي واري ڇڏيو

تنهنجي بي رُخي آ سهڻا
آهي ”وفا” ڏاڍو ڏکيو
دلبر بنا جيئڻ پنهنجو
شيراز ناهي زندگي تي
ڪوئي ڀي هاڻي ڀروسو

آب اکڙين آ هاري ڇڏيو
راتون جاڳي ساري ڇڏيو
بي موت مون ماري ڇڏيو
تنهنجي بي رُخي آ سهڻا

”وفا” شيراز نظاماڻي
 
جواب: ڌوري تنهنجي ڏاري ڇڏيو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

ڌوري تنهنجي ڏاري ڇڏيو
سورن جگر ساڙي ڇڏيو
ڪو زهر آ پياري ڇڏيو

شاعري ته سٺي آهي پر اهو لفظ دُوري آهي يا ڌوري ۔۔۔۔۔
 
Back
Top