دوستو مان توهان سان هڪ اهڙي قسم جو فولڊر شئير ڪري رهيو آهيان جنهن فولڊر جو نالو عجيب قسم جو آهي۔ هاڻي ڏسون ته اهڙي قسم جو فولڊر ڪنهن ڪنهن دوست کي ٺاهڻ اچي ٿو۔ جنهن به دوست سڀ کان پهريان اهو فولڊر ٺاهي ڏيکاريو ان کي انعام ڏنو ويندو۔
جواب: عجيب قسم جو فولڊر؟ ادا هي وٺو۔ پهريون جواب منهنجو آهي۔ هاني واعدي موجب انعام جو اعلان ڪريو ۽ هن پتي تي موڪلي ڏيو۔ اميد آهي ته سنڌسلامت جو ساڃاهوند ساٿي انعام موڪلڻ ۾ دير نه ڪندو۔ پتو: A-60 سچل ڳوٺ، آف يونيورسٽي روڊ ڪراچي۔ 75280۔ [/img]
جواب: عجيب قسم جو فولڊر؟ ادا عبدلحفيظ بلڪل توهان انعام جا حقدار آهيو پر توهان گڏ پروسيجر به ته ٻڌايو هان ته بهتر هيو۔ باقي توهان کي انعام هتي ئي ڏنو ويندو۔
جواب: عجيب قسم جو فولڊر؟ ادا انعام جتي ڏيو اها اوهان جي مرَي باقي طريقو ڏاڍو سادو آهي۔ ماڪروسافٽ ورڊ ۾ وڃي ٽولبار ۾ انسرٽ تي ڪلڪ ڪري سمبول ۾ وڃو۔ سمبول ۾ 4/1 کي انسرٽ ڪريو۔ جيئن هن تصوير ۾ ڏيکاريل آهي۔ [/img] جيڪو ڪاپي ڪري ڪنهن به فولڊر جي نلاي کي ري نيم ڪري ان ۾ پيسٽ ڪريو۔ ۽ ها اوهان جيڪا پڪچر شاٽ ڏني آهي پنهنجي ڊيسڪٽاپ جي ان فولڊر جي نالي ۽ فولڊر ۾ الهي وِٿي آهي۔ جنهن مان لڳي ٿو اهو ڪنهن سافٽويئر ۾ ڊزائين ٿيل آهي۔ پر هاڻي اوهان به هن طريقي سان ٺاهي سگهو ٿا۔
جواب: عجيب قسم جو فولڊر؟ ادا مان توهان کي ان کان به سولو طريقو ٻڌايان ٿو۔ توهان ڪوئي به فولڊر ٺاهي ان تي جڏهن توهان نالو رکو ته الٽ بٽڻ دٻائي رکو پوءِ ڪي بورڊ مان 0188 لکندوءَ ته اهو فولڊر ٺهي ويندو۔
جواب: عجيب قسم جو فولڊر؟ ادا عبدالحفيظ پيارا انعام ۾ اهو نئون طريقو اوهان کي ڊاڪٽر صاحب جن سيکاريو آهي ۔ منهنجي خيال ۾ اهو بي بها انعام آهي جو هڪ شيء مان سڀ دوست مستفيد ٿين۔