• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شاه جو رسالو

جهاندادسمون

سينيئر رڪن
توهان شاه عبداللطيف جو رسالو هميشه پڙهيو هوندو پر اڄ فورم تي مان توهان کي شاه جو رسالو ٻڌرائيندس

هيٺ پلي بٽڻ کي ڪلڪ ڪري شاه جو رسالو ٻڌو

[MP3]http://www.fileden.com/files/2008/11/25/2199844/SHAH_JO_Risalo.mp3[/MP3]

جيڪڏهن توهان هن آڊيو شاه جي رسالي کي ڊائون لوڊ ڪرڻ چاهيو ٿا ته هتي ڪلڪ ڪريو
 
ادا جهانداد اصل مٽ ڀڃي ڇڏيوَ۔۔
شاهه صاحب جي مهان رسالي کي آڊيو جي صورت ڏئي سنڌ سلامت تي پيش ڪري توهان فورم جو حق ادا ڪري ڇڏيو۔۔۔
ادا توهان جا لک لائق
مون کي يقين آهي ته سموري سنگ توهان جي هن تحرير کي پسند ڪندي
جيئي سنڌ جيئي لطيف
 
ادا جهانداد سمون، توهان ته ڪمال ڪري ڇڏيو، جو ڀٽائي جي گهوٽ، لاکيڻي لطيف جي، مون کي موهيندڙ، روح کي راحت ڏيندڙ ۽ جسم کي جٽائيندڙ مهان مهان رسالي کي آڊيو جي صورت ۾ پيش ڪيو آهي، ادا، اسان جي بر ۾ رهندڙ ماروئڙا جيڪي الف ب کان به واقف نه آهن پر شاهه جي رسالي سان محبت ڪندا آهن جڏهن شاهه جي رسالي کي ٻڌندا ته انهن جي وٽ صرف اهي ئي لفظ هوندا ته، شال هن کي آواز جي صورت ڏيڻ واري کي الله دنيا جون خوشيون نصيب ڪري۔

سنڌ سلامت ساٿ سلام،
جيئي سنڌ جيئي لطيف
 
سنڌ سان محبت جو اظهار
شاه جي رسالي کي آڊيو صورت ۾ ٻڌي اصل دل خوش ٿي وئي۔ ادا جهانداد داد جي لائق آهيو پر مهرباني ڪري رسالو پڙهندڙ جي خوبصورت آواز جي جو نالو به ساٿين کي ٻڌايو ته ڏاڍو ڀلو ٿيندو
 

ادا جهانداد،

اهڙي اڻ مُلهه شيئرنگ لاءِ توهان جي مهرباني۔ جيئن ته اڳ ۾ به ڀائو صادق سولنگي عرض ڪري چڪو آهي، مان وري به توهان کي عرض ٿو ڪريان ته توهان اسان کي ٻڌائيندوء ته هي آواز ڪنهن جو آهي ۽ توهان هي آڊيو ڪٿان حاصل ڪئي؟۔ هن فائيل ۾ شاهه سائين جي رسالي جو صرف هڪڙو سُر آهي، ڇا ٻيا سُر به آڊيو جي صورت ۾ موجود آهن؟ ڇا توهان اهي به حاصل ڪري، سنگت سان شيئر ڪري سگهو ٿا؟

اوهان جي مثبت موٽ جو انتظار رهندو۔

 
لکين کيرون لهڻو ادا، اصل واه واه ، واقعي ادا اوهان داد جا حقدار آهيو، اميد ته اهڙين يادگيرن کان ٻيهر نه وساريندا
 
جواب: شاه جو رسالو

ادي جهانداد اوهان جو ٿورو جو ايم پي ٿري ۾ شاه جو رسالو ڏئي سنڌ تي اوهان جو ٿورو آهي، 21 ايم بي جو آهي ڊائونلوڊ ڪري چڪو آهيان هاڻ ٻڌان پيو لاجواب
 
Back
Top