[/center][/img] [justify]سنڌ ڪيترن ئي حوالن سان سخي ماڻهن جي کاڻ رهي آهي. جيئن عمرڪوٽ تعلقي جي ڳوٺن ۾ خاص ڪري مُهراڻي ۾ ڪافي سياست دان، دانشور، مبصر، اديب، شاعر ئي گذريا آهن. انهن مان مهمان نوازي جي گُڻ ۾ اهم شخصيتون ئي گذريون آهن. مثال طور ميان حسن شاهه چيلهه وارو ٿوڙي زمين هئڻ جي باوجود آيل ماڻهن کي اوطاق ۾ سندس نگرانيءَ ۾ بنا وقت جي به ماني ملندي هئي. سندس ڪو مائٽ اڄ به مهمانن سان گڏ هڪ دستر خوان تي گڏجي ماني کائيندو آهي. سيٺ محمد هارون ميمڻ ڳوٺ سندس ڳوٺ جي ويجهو آهي اتي به آيل مهمانن کي ماني بنا وقت جي ملندي هئي. سندس اولاد جي خبر ناهي. سيد شاهه مراد شاهه ڳوٺ کاروڙو سيد ۽ سندس پٽ دادا شاهه به واٽهڙو، مسافرن کي ماني کارائيندا هئا، ڪڙمين، گهورڙين کي آڌي مانجهي ماني ملندي هُئي. فقير احمد علي رند ڳوٺ سندس ولهار ڍنڍ جي ڪناري تي اولياءُ نماڻو شاهه عرف معشوق علي شاهه جي ڀرسان اوطاق مهمانن ۽ ايندڙ ويندڙ لاءِ کُليل هوندي هئي. انهن سڀني جي ڀيٽ ڪجي ته وڏيري محمد صديق ساند جي مهمان نوازي خاوت هنڌين ماڳين مشهور هئي، سندس سهرو يارمحمد ساند به وڏو مهمان نواز هو. اهي ٻئي ڳوٺ جانهيرو جا معتبر ماڻهو هئا. هنن جي ماني کارائڻ ۾ فرق اهو هو ته خوشامد کان سواءِ غريبن توڙي ٻين لاءِ راس خاص ماني نه هوندي هئي. سڀني کي کير ۽ لسيءَ سان پنهنجي هٿن سان ماني کارائيندو هو. خلوص دل، نيڪ نيت سان مسافرن جي چاڪري ڪندو هو. ڪنهن به وقت، ڏينهن توڙي آڌي رات جو مهمانن کي ماني ميسر ٿيندي هئي. مانيءَ ۾ خوشامد نه هئي سڀني کي هڪ جهڙي، کير سان يا ڏينهن جو لسي سان دستياب ٿيندي هئي. گهورڙيا،مسافر، واٽهڙو، پٺاڻ ڪپڙو وڪڻڻ وارا هن جي اوطاق تي هاسيڪار اچي ترسندا هئا. پاڻ ڌڻي ٿلهي تي ”موڙي“ تي ويهندو هُئو، گهران کير جي گهاگهر ۽ ماني آڻي اڳيان نوڪر رکندا هئا، پاڻ هٿن سان مسافرن کي ڏيندو هو. ماني کارائڻ جو وقت نه هو. بعضي بعضي ٻين بجي رات تائين ماني هلندي هئي. ان ۾ سادگي هئي. سندس ڳوٺ جا ماڻهون به اوطاق تي اچي ماني کائيندا هئا. شام جو چانهه به هتي پيئندا هئا. ايڏو وڏو ٺاٺ نه هو. سادي قسم جو ماڻهو هو. پاڻ اڻ پڙهيل هو. سندس گفتگو سنجيده، ٿڌي دماغ سان ۽ اونهي انداز ۾ ڳالهائيندو هو. پاڻ لنواري جماعت سان واسطو رکندو هو ۽ آهي. مريد به انهن جو هو. سياست ۾ سيد امام بخش ٽالپر سان هو. مير صاحب پاڻ هن وٽ هلي ايندو هو. ٻين سياستدانن سان به سٺو واسطو هوس. پر خاص مير امام بخش ٽالپر سان هو. 1970ع واري اليڪشن ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ هولڊر ارباب نورمحمد راهمونءَ جي حمايت ڪيائين. سياست ۾ دوکيباز نه هو. نه وري ڪا لالچ هُئس. جنهن سان زبان ڪيائين ان سان نڀائيندو هو. هينئر سندس اولاد به پيپلز پارٽي سان نڀائيندو اچي. (عوامي آواز) [/justify]