ڀڳونتي ناواڻيءَ جي زباني[/center][/img] [justify]اڄ مون کي منهنجي ماءُ ياد اچي ويئي. هوءَ بلڪل ايڪسٽرا آرڊنري هئي. مونکي هن جون ڳالهيون ياد ڪندي ڏک ٿيندو آهي، سڀني سان نباهيائين. هن کي جڏهن به ياد ڪندي آهيان، تڏهن منهنجي اکين ۾ آنسو ڀرجي ايندا آهن. منهنجو پيءُ هن کي چوندو هو، ”هيءَ توکي کٽ تي وهاري کارائيندي.“ سچ پچ هوءَ جيئري هجي ها ته مان کيس کٽ تي وهاري کارائي سگهان ها. منهنجي ماءُ پيءُ ٻنهي کي سنگيت سان شوق هو. منهنجي پيءُ کي ڪلام وڻندا هئا، منهنجي ڏاڏيءَ کي وڇوڙي جون ساکيون ڳائڻ لاءِ چوندو هو. هوءَ ٻه تڪون ڳائڻ بعد رئڻ لڳندي هئي. منهنجو پيءُ بيمار ٿيو ته هن جو راڳ ٻڌڻ جو شوق هيڪاري وڌي ويو، رستي تي هڪ سورداس ۽ مائي ڳائيندا ڦرندا هئا. هنن کي مٿي گهر گهرائي هنن کان راڳ ٻڌندو هو، پوءِ ته اهو سورداس ۽ مائي ايترا مشهور ٿي ويا جو سڀ هنن کي گهرن ۾ گهرائيندا هئا. منهنجو پيءُ جيئرو هجي ها ته مون کي ڏسي بيحد خوش ٿئي ها. منهنجو پيءُ مون کي ڪڪڙي ڪري ڪوٺيندو هو، ماءُ ڪڪي ڪري ڪوٺيندي هئي. پوءِ ته سڀ گهر وارا ۽ مٽ مائٽ به ڪڪي ڪري ڪوٺيندا هئا. ٻاهرين ۾ پهرين مالهيءَ مون کي ڪڪي ڪري سڏڻ شروع ڪيو، پوءِ ته سترام روهڙا، رميش راجپال به مون کي ساڳيءَ طرح سڏڻ شروع ڪيو. منهنجي پيءُ کي منهنجي گائڪا ٿيڻ جو مڪس سينس آيو، تتي آسيسائن جي شروعات منهنجي ماءُ ڪئي. هوءَ اڪثر بيمار گذاريندي هئي، پوءِ به نڌڻي ۾ ڪنهن کي گهڙڻ نه ڏيندي هئي. مان ننڍي ئي هيس ته هوءَ ايتري بيمار ٿي جو اٺ نوَ مهنا رنڌڻو مون کي سنڀالڻو پيو. هڪ لڱا هن چيو، ”ڌن تنهنجا مائٽ جن توکي ڄڃڻيو.“ ان وقت اسان سڀني کليو. ساڳي دعا، آڪاشواڻيءَ جي پهرين پروگرام ۾ شاهه، صاحب جي ڪلام ڳائڻ بعد پروفيسر ايم. يو. ملڪاڻيءَ ڪئي. ”جس آهي تنهنجي ماءُ پيءُ کي جن توکي ڄڻيو.“ هو جڏهن به ملندو هو، منهنجي مٿي تي هٿ ضرور رکندو هو. گائڪا مون کي مالهيءَ بڻايو، هو نه هجي ها ته منهن جي دنيا گهر تائين هُجي ها، هو منهنجو گهڻو خيال رکندو آهي. منهنجون سڀ ڳالهيون هن تي ڇڏيل آهن. گهڻين ڳالهين ۾ هز ماسٽرس وائس ٿي هلي آهيان. مان ٽوڪ جي نموني نه ٿي چوان، نه سوچيان، نه ٻڌان، نه پرکيان، نه پريشان ٿيان. سچ ته جيئن مالهي چوندو آهي. اسٽيج مون سان رهائيندي آهي. مالهيءَ، گهڻگهرن ۽ سنڌي ماڻهن جون آسيسون به ساٿ رهيون آهن. ٻڌندڙن جي حب حوصلو بخشيندي آهي، مالهي ۽ منهنجا ساٿي ڪلاڪار به اُتساهه ۽ سهڪار لاءِ هڪيا حاضر هوندا. مون کي ڪنهن سان ايرکا نه ٿيندي آهي. مون ڪوشش ڪري ڪنهن کي ڏکويو به نه آهي، نه ڪنهن وٽ اچان نه وڃان گهر ويٺي سڀ جو خير گهران. پيئي سوچيان، مون ڇا ڇا نه ڏٺو آهي. گهمي به گهڻو آهيان. نالو به گهڻو ڪمايو اٿم، سڀ ته ڏٺو اٿم، باقي ڇا کپيم؟ چڱو ٿيو جو شادي نه ڪيم، مون کي ڪڏهن ڪڏهن پروڻ پوندا آهن ته عمر ٿوري اٿم، پوءِ شاديءَ جي جهجهٽ ۾ ڇو پوان؟ مون محسوس ڪيو آهي ته ڳائڻ کانسواءِ مون کي جيئڻ نه کپي. نه ڳائڻ جي غم جو مون تي گهڻو اثر ٿيندو. مون ۾ هڪ خامي چئجي يا خوبي، جيڪي محسوس ڪندي آهيان اُهو چئي ڏيندي آهيان. ٻئي ڪنهن کي نه ته مالهيءَ کي ضرور ٻڌائيندي آهيان. مون کي ڊپلومسي نه ايندي آهي، مون کي اها دعا کپي ته مون ۾ گهمنڊ يا وڏائي ڪڏهن به نه اچي. چڱو آهي جو ڪڏهن ڪڏهن مالهي سمجهائيندو آهي: ”تون خالي گلاس ڇو ٿي ڏسين؟ ڀريل ڏانهن نظر ڇو نه ٿي ڪرين؟ اها سمجهاڻي دل سان لڳندي اٿم جو ڪڏهن حد کان وڌيڪ خوش، ڪڏهن حد کان وڌيڪ دکي ٿيان. مون کي اها تسلي آهي ته ڪنهن مقصد سان ئي سفر ڪريان، تڪليفون سهان ۽ ڳايان- سنڌيت جي صدقي، هاڻ ته انهن مان مالي اپراسو به ٿيڻ لڳو آهي. خوشي ساڳي آهي- اڳ به، هاڻي به، هاڻي ناماچار وڌيڪ ٿو ملي. ٻڌندڙن جي چهرن جي خوشي منهنجي دل کي فرحت ڏيندي آهي. مان ڪڏهن ڪڏهن ويٺي هت آهيان پر پاڻ کي سنڌ ۾ امئجن ڪندي آهيان. مان سمجهان ٿي ته هر انسان کي پاڻ بابت ڪڏهن نه ڪڏهن ضرور ڳالهائڻ کپي، اها صحت منديءَ جي نشاني آهي. [/justify]
جواب: مان ڪڏهن ڪڏهن پاڻ کي سنڌ ۾ محسوس ڪندي آهيان پنهنجي ڌرتي سان محبت انسان جي فطرت ۾ شامل آهي ان لاء يلطيف سرڪار چيو حيف تنين هوءِ جن وطن وساريو